جمعہ، 11 مارچ، 2022

سيد صبغت الله شاهه اول، حر جماعت جو بنياد ۽ انگريزن خلاف جھاد

پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحمة الله عليہ جي وفات کانپوءِ انھن جو وڏو فرزند سيد صبغت الله شاهه اول کي گادي نشين بڻايو ويو، جيڪو وڏو عالم، محدث ۽ طريقت جو امام ھيو. 

(سرگزشت ڪابل ص 98/99) 


سيد احمد شھيد پير سائين صبغت الله شاهه اول کي چيو ته توھان جھاد لاءِ  پنھنجي مريدن جي ھڪ جماعت تيار ڪيو، انھن ۾ جذبه جھاد کي فروغ ڏيو، جڏھن اسان ڪابل جي بادشاھ دوست محمد کي وٺي پشاور تي حملو ڪنداسين ته توھان سنڌ مان پنھنجي جماعت سميت جھاد شروع ڪجو.
جيڪڏھن تقدير الاھي ساٿ ڏنو اسان جھاد ڪندي شھيد ٿي وڃون ته توھان مسلمانن جا امام آھيو. 

حر جماعت جو بنياد 

ان کانپوءِ پير صاحب حرن جي جماعت تيار ڪئي ۽ انھن ۾ جھاد جو جذبو پيدا ڪيو.
جڏھن سيد احمد بريلوي جي جماعت ڪابل وڃڻ لاءِ پير صاحب کان اجازت وٺڻ لڳي ته پير سائين پاڳاري فرمايو ته مجاھدن جي عورتن کي اسان وٽ رھڻ ڏيو، اھڙي طرح سيد احمد بريلوي پنھنجي ھڪ گھرواري ۽ ٻين مجاھدين پنھنجون گھر واريون درگاھ ۾ ڇڏيون.
پير سائين سيد صبغت الله شاهه اول پنھنجي ننڍي ڀاءُ پير محمد ياسين رحمة الله عليه کي حڪم ڪيو مجاھدين جي اولاد جي خدمت ڪندو رھي. 

(سرگزشت ڪابل ص 100)

جذبه جھادِ حريت ورثه بورثه منتقل ٿيندو آھي. 

جڏھن سيد احمد بريلوي ۽ شاھ اسماعيل شھيد بالاڪوٽ ۾ جام شھادت نوش ڪيو ته پير سائين سيد صبغت الله شاهه اول انھن اھل و عيال کي گھر تائين پھچايو ۽ ان کانپوءِ جھاد جي تياري شروع ڪري ڏني، پر جھاد جي تياري ڪندي پاڻ وفات ڪري ويا، جنھن کانپوءِ انھن جو وڏو فرزند سيد علي گوھر شاھ کي گادي نشين بڻايو ويو، پر ان وقت تائين انگريزن سنڌ تي قبضو ڪري ورتو ھيو، انھن به انگريزن کي سنڌ مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪاميابي حاصل نه ٿي، ناڪاميءَ جو سبب اھو ھيو ته سيد علي گوھر شاھ رحمة الله عليه پاڻ سان گڏ مير علي مراد (والي رياست خيرپور ميرس) کي شريڪ ڪيو ھيو ۽ ھي معاھدو ھيو ته مير علي مراد جي رياست سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ به باقي رکيو ويندو، باقي سنڌ ۽ بلوچستان تي پير صاحب جي حڪومت ھوندي.
پر اھو عھدنامو مير علي مراد ڪراچي وڃي انگريز نيپر (Napier) کي ڏيکاريو.
ھي واقعو مشھور آھي.
(سرگزشت ڪابل ص 100/101)

برطانوي سامراج کي ڀڄائڻ لاءِ خليفۂ ترڪي سان خط و ڪتابت 

سيد علي گوھر شاھ کانپوءِ انهن جو وڏو فرزند سيد حزب اللہ شاھ سخي گادي نشين بڻيو ۽ ھي به ڪجھ نه ڪجھ انگريزن جي مخالفت ڪندو رھيو (سائين جو وڏو ڪارنامو ھي آھي ته برطانوي سامراج جي حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ سلطان عبدالحميد خليفۂ ترڪي سان خط و ڪتابت ۽ ان سان تعاون جو سلسلو قائم ڪيو.)
ان کانپوءِ سائين جو فرزند سيد علي گوھر شاھ مسند نشين ٿيو پر ھي بيمار رھندو ھيو جنھن سبب ٿورڙي وقت کانپوءِ وفات ڪري ويو.
ان کانپوءِ سندس وڏو ڀاءُ سيد پير علي مردان شاهه مسند نشين ٿيو، ان جي مسند نشيني جي ڏينهن ۾ ننڍن وڏن جيڪي سندس مريد ھيا انھن انگريزن جي حڪومت خلاف بغاوت ڪئي.

برصغير جي عظيم الشان حر گوريلا تحريڪ 

پير علي مردان شاهه جي وفات کانپوءِ سيد صبغت الله شاهه ثاني مسند نشين ٿيو، جنھن جا خيالات پنھنجي ڏاڏا سائين سيد صبغت الله شاهه اول سان ملندڙ جلندڙ ھيا.
اھڙيءَ طرح 1939ع ۾ انھن به جھاد لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ حر جماعت انگريزن سان وڙھي پئي، انگريزن پير سائين پاڳاري کي گرفتار ڪري شھيد ڪري ڇڏيو ۽ حر مجاھدن کي قيد ڪيو ۽ انگريزن وڏي واڪي اعلان ڪيو ته اسان سيد احمد بريلوي جي ھڪ جماعت صادق پوري کي ختم ڪري ڇڏيو.
انھن جي ٻي جماعت جيڪا سنڌ ۾ موجود ھئي، جنھن کي سيد صبغت الله شاهه اول تيار ڪيو ھيو، انھن کي به انگريزن ختم ڪري ڇڏيو.
پر ڪنھن شاعر چيو آهي ته 

ہرگز نمیزد آنکہ دلش زندہ شد بعشق
ثبت است بر جریدہ عالم دوام ما 

ترجمو:- اھو شخص ڪڏھن به ناھي مرندو جنھن جي دل (اللہ جي) عشق سان زندھ ھجي، ان جھان جي تختي تي اسان جي بقا نقش ٿيل آهي. 

(سرگزشت ڪابل ص ۱۰۱) 


جمعرات، 3 مارچ، 2022

شاھ اسماعيل شھيد جي پير سائين پاڳاري کي ڀيٽا

شاھ اسماعيل شھيد جي پير سائين پاڳاري کي ڀيٽا

حضرت پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحمة الله عليه ۽ انھن جو وڏو فرزند ولايت جي ڪھڙي مقام تي پھتل ھيا، ان جي ھڪ جھلڪ ھيٺ بيان ڪيل واقعي مطابق ڏسي سگھجي ٿي.




شاھ اسماعيل شھيد جھڙو وڏو ۽ پڪو موحد شخص انھن بزرگن جي خدمت ۾ نھايت عقيدت و احترام سان ڀيٽا پيش ڪري ٿو، مولانا دين محمد وفائي فرمائي ٿو ته ھڪ ڀيري پير جو ڳوٺ ۾ قيام دوران ٻئي بزرگ (مولانا وفائي ۽ شاھ اسماعيل شھيد) موجود ھيا.
شاھ اسماعيل شھيد فرمايو ته

زہے صِدقِ ارادت ایشان
زہے مرشدِ کامل ایشاں

حرن جي سچي مريدي انھن کي مبارڪ
حرن جو سچو مرشد انھن کي مبارڪ

شاھ اسماعيل شھيد سڀ کان وڌيڪ تعريف پير سائين پاڳاري جي ڪئي آھي.

عبيدالله قدوسي پنھنجي قلم سان لکي ٿو ته
سيد صبغت الله شاهه ھڪ وڏو مجاھد ھيو، سکن سان جھاد جو ارادو ڪيائين ۽ بعد ۾ سنڌ ۾ اچي پنھنجي جماعت سان گڏ ٿيو.
سنڌ ۾ اھو ھڪڙو ئي مرد مجاھد ھيو جنھن جي شاھ اسماعيل شھيد سڀ کان وڌيڪ تعريف ڪئي آهي.

ان جھڙو ڪو مرشد ناھي.

ڪاروان احمد شھيد جو ھڪ مجاھد سيد صدرالدين پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته باشندگان سنڌ جي نزديڪ سڄي ملڪ ۾ پيرپاڳاري جھڙو ڪوئي مرشد ناھي، تقريباً ٽي لک بلوچ(ان زماني ۾) مريد ھيا، انھن جو ڪتب خانو به عجيب و غريب آھي.
(آزاديءَ جون تحريڪون )

سلسلہ قادريہ راشديہ جي جدِ امجد ۽ شيخ الشيوخ حضرت پير سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحمة الله عليہ جو ٻيو سلسلہ فيض ان جي ٻن صاحبزادن حضرت پير سيد صبغت الله شاهه راشدي ۽ حضرت امام سيد محمد ياسين پير جھنڊي شريف وارن سان جاري و ساري رھيو.

قافلہ حريت جو ميزبان ۽ معاون پير سيد صبغت الله شاهه

حضرت مولانا احمد بريلوي، مولانا محمد اسماعيل شھيد ۽ مولوي عبدالحئي تقريباً ٻه ھزار مجاھدن جي لشڪر سميت دهلي کان جوڌپور رستي عمرڪوٽ، حيدرآباد کان ٿيندي اچي پير جو ڳوٺ پھتا ھيا، پير پاڳاري جي گادي تي ان وقت سيد صبغت الله شاهه سورهيه اول جن گادي نشين ھيا.
جماعت جو خيال ھيو ته بولان جي رستي کان گذرندي قنڌار کان ٿيندي ڪابل وڃڻ گھرجي، پوءِ ڪابل ۽ بخارا جي بادشاهن کي متحد ڪري پنجاب ۾ سکن جيڪا ظلم جي حڪومت قائم ڪري رکي ھئي، انھن سکن تي حملو ڪري کين پنجاب مان ڪڍجي ۽ ان کانپوءِ دھلي تي حملو ڪيو وڃي.

پير پاڳاري جي آزاديءَ جي جھاد لاءِ عظيم پيشڪش

سيد احمد بريلوي ۽ شاھ اسماعيل شھيد جي جماعت ڀٽندا ۽ جوڌپور مان آئي ھئي.
انھن کي سيد حسن شاهه جيلاني پاڻ سان گڏ وٺي پير جو ڳوٺ پھتو ھيو.
سيد صبغت الله شاهه راشدي اول فرمايو توھان ڪابل ڇو پيا وڃو؟
جتي منھنجو لشڪر تقريباً چار لک مجاھدن تي مشتمل آهي، جيڪي منھنجا خاص مريد پڻ آھن ۽ ٻيا مريد بلوچستان مان اوھان سان گڏ ٿي ويندا، ان ڪري جيڪڏھن توھان چاھيو ٿا ته سنڌ مان ئي سکن تي حملو ڪري سگھو ٿا ۽ مير صاحبان جيڪي والي سنڌ آھن ۽ بھاولپور جو نواب به اسان سان گڏ ٿي ويندو.
ايتري وڏي لشڪر جو مقابلو ڪرڻ جي ھمت سکن ۾ ناھي، پر سيد احمد بريلوي ۽ ان جي ساٿين چيو ته افغانستان جي والي سان ملي ڪري سکن تي حملو ڪرڻ جي تجويز شاھ عبدالعزيز محدث دھلوي ڏني ھئي، ان ڪري اسين ڪابل وينداسين، آخرڪار ٽي مھينا پير سائين پاڳاري وٽ قيام ڪرڻ کانپوءِ اھي ڪابل ڏانھن روانا ٿي ويا.
(سرگشت ڪابل ص ۹۹_ ۱۰۰)

(جاري) 

بدھ، 2 مارچ، 2022

شاھ ولي اللہ محدث دھلوي جا ٻه سنڌي استاد

سنڌي مترجم
رفيع الله حسن ٻرڙو



حضرت شاھ ولي اللہ محدث دھلوي جا ٻه سنڌي استاد


الحمدلله، باب الاسلام سنڌ کي بيشمار سعادتن کان علاوہ ھڪ وڏي سعادت، اعزاز ۽ شرف نصيب آھي جو بر صغير جي سموري سياسي، ديني، جھادي ۽ عملي تحريڪن جي روح روان ۽ سلسلہ سند حديث جو وڏو امام، حضرت امام شاھ ولي اللہ محدث دھلوي جا ٻه استاد سڳورا سنڌي آھن.
ھڪ استاد وٽ قرآن مجيد (علم القرآت) ۽ ٻئي استاد وٽ علم الحديث پڙھيو.
انھن جا اسماء گرامي ھي آھن 

(۱) مولانا قاري محمد فاضل سنڌي
(۲) محدث جليل حضرت مولانا مخدوم محمد حيات سنڌي.

قرآن شريف ۽ علم القرآت 

حضرت امام شاھ ولي اللہ محدث دھلوي پنھنجي مشھور تفسير ۾ سند ھيئن بيان فرمائي آھي 
"قال العبد الضعيف ولي اللہ بن عبدالرحيم عفي عنه قرآت القرآن کله من اوله الي آخرہ برواية حفص عن عاصم علي الصالح الثقة حاجي محمد فاضل السندي.
(قرآن مجيد فارسي مترجم از شاھ ولي اللہ ص۷، ناشر تاج ڪمپني لاھور)

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ تاريخ جي ورقن مطابق لکي ٿو ته قاري محمد فاضل جو تعلق "انڍڙ" قبيلي سان آھي، ان لاءِ فاضل مؤلف ڪافي دلائل پيش ڪيا آھن.
شاھ ولي اللہ جو استاد ڳوٺ پنھواري نزد ھاليجوي شريف جو رھاڪو ھيو.
وڏيڪ تفصيلات لاءِ ملاحظه ڪريو
(انڍڙ قبيلو تاريخ جي نظر ۾)

حضرت امام شاھ ولي اللہ محدث دھلوي جو ٻيو سنڌي استاد مخدوم محمد حيات سنڌي آھي.


عرب و عجم جو جليل القدر امامِ حديث، حضرت مخدوم محمد حيات چاچڙ، جيڪو اصل ۾ عادلپور ضلع گھوٽڪي جو رھاڪو ھيو، بعد ۾ ھجرت ڪري مدينه منوره ھليو ويو ۽ پنھنجي استاد شيخ ابوالحسن ڪبير سنڌي جي وفات کانپوءِ مدينه منوره مسجد نبويءَ اندر مسند حديث سنڀاليائين ۽ 24 سالن تائين علم الحديث جي روشنيءَ سان دنيا جي اونداھين کي روشن ڪندو رھيو.
(منار الحسنات في حياة الشيخ محمد حيات ص۳۰) 

پاڪستان جو مشھور مذھبي اسڪالر ڊاڪٽر اسرار رح فرمائي ٿو ته جڏھن ته قصبه گھوٽڪي شيخ محمد حيات سنڌي جھڙو عظيم محدث پيدا ڪيو، جنھن جا شاگرد ٻارھين صدي جا ٻه مجدد محمد ابن عبدالوھاب نجدي ۽ امام شاھ ولي اللہ محدث دھلوي جھڙا عظيم شخص شامل آھن.

ان کانپوءِ تحريڪ ولي اللہي جو سڀ کان وڏو مرڪز به سنڌ بڻيو، جنھن جي زير اثر اٿڻ واري عظيم تحريڪ شھيدين جي قافلي کي سنڌ ۾ راڻي پور ۽ پير جو ڳوٺ جي ديني ۽ روحاني مرڪزن ۾ مقبوليت حاصل ٿي.
پنجاب ۽ سرحد کي سکن جي حڪمراني کان نجات ڏيارڻ لاءِ ھي فيصلو ٿيو ته سنڌي مجاھدن جو قافلو بلوچستان ۽ افغانستان کان ٿيندو شمال مغربي طرف کان سکن تي حملي آور ٿيندو.
اھا الڳ ڳالھ آھي ته ڪجھ وڏيرن جي غداريءَ سبب دنياوي طور تي ان تحريڪ کي ڇيھو رسيو ۽ ڪجھ مجاھد شھيد ٿيا.
ان ئي صدي جو واقعو آھي ته حڪمت ولي اللہي جو عظيم شارح جنھن پنجاب جي سک خاندان اندر جنم ورتو، مشرف باسلام ٿيڻ کانپوءِ سنڌ پھتو ته کيس سنڌ جي فضا اھڙي لڳي جو سنڌ جو ئي ٿي ويو ۽ دنيا ان کي مولانا سنڌي جي نالي سان سڃاڻڻ لڳي.