بدھ، 2 مارچ، 2022

شاھ ولي اللہ محدث دھلوي جا ٻه سنڌي استاد

سنڌي مترجم
رفيع الله حسن ٻرڙو



حضرت شاھ ولي اللہ محدث دھلوي جا ٻه سنڌي استاد


الحمدلله، باب الاسلام سنڌ کي بيشمار سعادتن کان علاوہ ھڪ وڏي سعادت، اعزاز ۽ شرف نصيب آھي جو بر صغير جي سموري سياسي، ديني، جھادي ۽ عملي تحريڪن جي روح روان ۽ سلسلہ سند حديث جو وڏو امام، حضرت امام شاھ ولي اللہ محدث دھلوي جا ٻه استاد سڳورا سنڌي آھن.
ھڪ استاد وٽ قرآن مجيد (علم القرآت) ۽ ٻئي استاد وٽ علم الحديث پڙھيو.
انھن جا اسماء گرامي ھي آھن 

(۱) مولانا قاري محمد فاضل سنڌي
(۲) محدث جليل حضرت مولانا مخدوم محمد حيات سنڌي.

قرآن شريف ۽ علم القرآت 

حضرت امام شاھ ولي اللہ محدث دھلوي پنھنجي مشھور تفسير ۾ سند ھيئن بيان فرمائي آھي 
"قال العبد الضعيف ولي اللہ بن عبدالرحيم عفي عنه قرآت القرآن کله من اوله الي آخرہ برواية حفص عن عاصم علي الصالح الثقة حاجي محمد فاضل السندي.
(قرآن مجيد فارسي مترجم از شاھ ولي اللہ ص۷، ناشر تاج ڪمپني لاھور)

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوحيد انڍڙ تاريخ جي ورقن مطابق لکي ٿو ته قاري محمد فاضل جو تعلق "انڍڙ" قبيلي سان آھي، ان لاءِ فاضل مؤلف ڪافي دلائل پيش ڪيا آھن.
شاھ ولي اللہ جو استاد ڳوٺ پنھواري نزد ھاليجوي شريف جو رھاڪو ھيو.
وڏيڪ تفصيلات لاءِ ملاحظه ڪريو
(انڍڙ قبيلو تاريخ جي نظر ۾)

حضرت امام شاھ ولي اللہ محدث دھلوي جو ٻيو سنڌي استاد مخدوم محمد حيات سنڌي آھي.


عرب و عجم جو جليل القدر امامِ حديث، حضرت مخدوم محمد حيات چاچڙ، جيڪو اصل ۾ عادلپور ضلع گھوٽڪي جو رھاڪو ھيو، بعد ۾ ھجرت ڪري مدينه منوره ھليو ويو ۽ پنھنجي استاد شيخ ابوالحسن ڪبير سنڌي جي وفات کانپوءِ مدينه منوره مسجد نبويءَ اندر مسند حديث سنڀاليائين ۽ 24 سالن تائين علم الحديث جي روشنيءَ سان دنيا جي اونداھين کي روشن ڪندو رھيو.
(منار الحسنات في حياة الشيخ محمد حيات ص۳۰) 

پاڪستان جو مشھور مذھبي اسڪالر ڊاڪٽر اسرار رح فرمائي ٿو ته جڏھن ته قصبه گھوٽڪي شيخ محمد حيات سنڌي جھڙو عظيم محدث پيدا ڪيو، جنھن جا شاگرد ٻارھين صدي جا ٻه مجدد محمد ابن عبدالوھاب نجدي ۽ امام شاھ ولي اللہ محدث دھلوي جھڙا عظيم شخص شامل آھن.

ان کانپوءِ تحريڪ ولي اللہي جو سڀ کان وڏو مرڪز به سنڌ بڻيو، جنھن جي زير اثر اٿڻ واري عظيم تحريڪ شھيدين جي قافلي کي سنڌ ۾ راڻي پور ۽ پير جو ڳوٺ جي ديني ۽ روحاني مرڪزن ۾ مقبوليت حاصل ٿي.
پنجاب ۽ سرحد کي سکن جي حڪمراني کان نجات ڏيارڻ لاءِ ھي فيصلو ٿيو ته سنڌي مجاھدن جو قافلو بلوچستان ۽ افغانستان کان ٿيندو شمال مغربي طرف کان سکن تي حملي آور ٿيندو.
اھا الڳ ڳالھ آھي ته ڪجھ وڏيرن جي غداريءَ سبب دنياوي طور تي ان تحريڪ کي ڇيھو رسيو ۽ ڪجھ مجاھد شھيد ٿيا.
ان ئي صدي جو واقعو آھي ته حڪمت ولي اللہي جو عظيم شارح جنھن پنجاب جي سک خاندان اندر جنم ورتو، مشرف باسلام ٿيڻ کانپوءِ سنڌ پھتو ته کيس سنڌ جي فضا اھڙي لڳي جو سنڌ جو ئي ٿي ويو ۽ دنيا ان کي مولانا سنڌي جي نالي سان سڃاڻڻ لڳي.

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں