شاعريءَ جي تناظر ۾!
جامي چانڊيو
(حصو چوٿون)
شيخ اياز ۽ فيض احمد فيض:
شيخ اياز ۽ فيض احمد فيض ٻئي هم عصر، هڪ ٻئي جا دوست هڪ حد تائين هم خيال۽ ويهين صديءَ جا ننڍي کنڊ جا وڏا شاعر هئا. ڊاڪٽر فياض لطيف جو چوٿون مقالو شيخ اياز جي فيض سان نسبت بابت آهي. سندس هي مقالو به هن ڪتاب ۾ شامل اڳوڻن ٽن مقالن جيان تمام معياري، حقيقت پسند ۽ تحقيقي نوعيت جو آهي. هن مقالي جو موضوع عمومي نه پر خصوصي آهي. يعني ڊاڪٽر فياض لطيف فيض احمد فيض ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ تي ترقي پسند فڪر جو تقابلي جائزو ورتو آهي.
ننڍي کنڊ جا هي ٻئي وڏا شاعر منهنجي ادبي شعوري وهيءَ کان منهنجا محبوب شاعر رهيا آهن. شيخ اياز کي ته روبرو ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ ساڻس ڪيترائي ڀيرا روبرو ماڻهن سان گڏ ۽ اڪيلائيءَ ۾ ڪچهرين جا موقعا مليا، جيڪا مان پنهنجي خوشبختي ڀانئيان ٿو. فيض احمد فض سان ڪڏهن به ملاقات ٿي نه سگهي، جو هو 21 آگسٽ 1984ع تي جڏهن گذاري ويو هو ته مان ان وقت ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري ۾ ميٽرڪ جو شاگرد هوس پر ادبي مزاج ۽ ذوق سبب فيض کي گهڻو پڙهندو ضرور هوس. هي اُهي ٻه شاعر آهن، جن کي مون زندگيءَ ۾ تمام گهڻو ۽ ورائي ورائي پڙهيو به آهي ۽ هي ٻئي شاعر سدائين منهنجي شعور ۽ اتساهه جا سرچشما پڻ رهيا آهن ۽ مون هنن ٻنهي شاعرن تي گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان لکيو به بار بار آهي ۽ مختلف رخن کان اڃا وڌيڪ ڪم جو ارادو پڻ اٿم. انهيءَ ڪري اها خوشفهمي به اٿم ته مان ٻنهي کي گهرائيءَ سان سمجهان ۽ سڃاڻان ٿو.
ڊاڪٽر فياض لطيف جو هيءُ مقالو جيئن ته ٻنهي شاعرن جي ترقي پسند فڪر جي تقابلي جائزي تي ٻڌل آهي، انڪري هن ٻنهي شاعرن جي شاعريءَ ۾ ترقي پسند قدرن، اظهار جي نفاست، نزاڪت ۽ زندگي، انسان دوستي، مظلوم دوستي، ڏاڍ دشمني، انقلابيت، مذهبي تنگ نظريءَ سان مزاحمت، سماج جي ڪُڌين رسمن، سوچن ۽ روين سان بغاوت، اظهار جي آزاديءَ، محڪوم ۽ مسڪين ماڻهن جي تخليقي ترجماني، سماجي انصاف لاءِ قلمي ۽ عملي جدوجهد، رياست سان ٽڪراءُ، جيل جي قربانين، بين الاقواميت، هر قسم جي غلاميءَ کان نفرت، عوام جي انقلابي خوابن جي تعبير، مظلومن جي اتحاد تي زور ڏيڻ ۽ انسان جي وقار ۽ آزاد جياپي جي پرچار سميت انيڪ حوالن تي شاعراڻن حوالن سان تفصيل سان لکيو ۽ تمام سٺو لکيو آهي. ڊاڪٽر فياض لطيف جو سمورو زور ٻنهي وڏن شاعرن ۾ هڪجهڙاين تي آهي يا وڌ ۾ وڌ هن پرک ڪئي آهي ته اها به ٻنهي جي اسلوب، انداز، اظهار، تخيل ۽ تخليقي آرٽ جي حوالي سان آهي. هن يقيني طور ذڪر جي حد تائين تفڪر جي ڳالهه به ڪئي آهي ۽ انجا مثال به ڏنا آهن پر اهي مثال به فرق جا نه پر هڪ جهڙاين جا وڌيڪ آهن. مان سمجهان ٿو ته هن مقالي ۾ تفصيل سان بيان ڪيل ۽ مٿي ذڪر ۾ آيل انيڪ هڪ جهڙاين باوجود فيض احمد فيض ۽ شيخ اياز ۾ ڪجهه عمومي ۽ ڪجهه خصوصي فرق به آهن. جن تي مقالي ۾ گهٽ ڌيان ڏنو ويو آهي. منهنجيءَ نظر ۾ اُهي ٿلهي ليکي هي آهن:
(1) فيض احمد فيض جو ڪلام شيخ اياز جي ڀيٽ ۾ مقدار ۾ گهڻو گهٽ آهي. جنهن جا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا. هڪ ته هن لکيو ئي ايترو آهي، جيترو هن جي ڪليات ۾ شامل آهي يا وري هن به غالب ۽ گوئٽي وانگر لکيو گهڻو هجي پر سامهون فقط اهو شعر آندو، جيڪو هن معياري سمجهيو هجي يا هن سماج لاءِ اهم سمجهيو هجي. انڪري نتيجو تمام مثبت آهي جو فيض جي ڪتاب ۾ وِرلي اهڙو ڪو شعر هوندو جيڪو پڙهندڙ کي نه وڻندو يا ڀرتيءَ وارو يا زوريءَ لکيل لڳندو هجي. ٻئي طرف شيخ اياز هڪ وڏو شاعر هئڻ باوجود شعوري طور گهڻي مقدار ۾ شاعري ڪرڻ کي اوليت ڏيندو هو ۽ انجو مختلف تحريرن ۽ موقعن تي خوشيءَ ۽ فخر وچان اظهار به ڪندو هو. انجو نتيجو اهو آهي جو شيخ اياز جا سوين ته ڇا پر هزارين بي مثال شعر هئڻ باوجود ڪيترا شعر اهڙا به آهن جيڪي ڀرتيءَ جا يا زوريءَ لکيل لڳن ٿا. انڪري شيخ اياز جو هر شعر ماڻهوءَ کي ساڳي طرح موهي يا پڙهندڙ تي فڪري، حِسي ۽ تخيلاتي اثر وجهي، ايئن نه ٿو ٿئي، اهو ٻنهي جو شاعريءَ ڏانهن رويي ۾هڪ عمومي فرق آهي.
(2) ٻنهي وڏن شاعرن ۾ هڪ ٻيو عمومي فرق هي آهي ته فيض جو شاعراڻو مزاج نهٺو آهي ۽ هو ڪٿي به پنهنجي شاعريءَ بابت ڪا شعوري دعويٰ ڪندي نظر نه ٿو اچي. ٻئي طرف شيخ اياز جو مزاج انهيءَ جي ابتڙ هو ۽ اياز پنهنجي شاعريءَ جي مڃتا، مٿڀرائپ ۽ عظمت کي پاڻ پنهنجي نثر ۽ شعرن ۾ شعوري طور اڀارڻ جي مڪمل ۽ هر ممڪن شعوري ڪوشش ڪري ٿو. اهو اياز جو حق هو، جو هو ايترو وڏو شاعر هو ۽ هن اياز شناسيءَ کي پاڻ به پنهنجي حياتيءَ ۾ هڪ ادبي ايجنڊا ۽ شعوري ڪوشش سان اڳتي وڌايو. دنيا ۾ وڏن شاعرن ۾ اهي ٻئي لاڙا موجود رهيا آهن پر اهو شاعراڻي مزاج جو هڪ فرق بهرحال آهي. نشٽي جو شونپهائر کانپوءِ ٻيو، اتساهه جيڪو ڪجهه وقت سندس استاد جي حيثيت به رکندڙ هو. يعني جرمنيءَ جو عظيم موسيقار واگنر اهو به اياز وانگر ئي پنهجو پاڻ تي بيحد فخرمند هوندو هو ۽ ظاهر آهي ته اهو، فخر هو لهندو به هو. انڪري اياز تي به اهڙو لاڙ حاوي رهيو. جڏهن ته فيض ۾ نهٺائي ۽ فقيري وڌيڪ هئي.
(3) فيض احمد فيض بنيادي طور هڪ انقلابي، ترقي پسند ۽ رومانوي شاعر هو. جنهن جي انقلابيت ۽ ترقي پسنديءَ ۾ رومانويت آهي ۽ جنهن جي رومانويت ۾ انقلابيت ۽ ترقي پسندي آهي. پر هڪڙي ڳالهه آهي ته فيض جو شاعراڻو فڪري مزاج شروع کان هڪ جهڙو ۽ اهو ئي رهيو. جڏهن ته شيخ اياز ۾ هڪ طرف گهڻ طرفو فڪري مزاج آهي ته ٻئي طرف هن ۾ هر دور ۾ نون نون فڪري لاڙن کان اُتساهه حاوي نظر اچي ٿو. جنهن کي مون اياز تي هڪ ٻئي مقالي ۾ اياز جو متحرڪ شعور سڏيو هو. اها اياز جي خوبي به آهي جنهن هن جي شاعريءَ ۾ گهڻا فڪري رنگ ڀريا ته اها اياز جي ڪمزوري به آهي ته هو فڪري ۽ نظرياتي طور واضع نظر نه ٿو اچي. هر دور ۾ هن جا فڪري رستا مختلف آهن. فيض پنهنجي اڳوڻن خيالن کي ڪٿي به رد ڪندي نظر نه ٿو اچي، جڏهن ته شيخ اياز پنهنجي فڪري تبديلين سبب پنهنجي ئي اڳوڻين فڪري روايتن يا رجحانن کي ۽ لڳ ڀڳ اڌ صديءَ جي شاعراڻي پنڌ کي فڪري طور برملا رد ڪندي نظر اچي ٿو. خاص طور آخري ڏهاڪي ۾ جڏهن ته اهو رد ڪيل دور سندس شاعريءَ جو وڌيڪ مقبول ۽ حسين دور آهي. فيض احمد فيض ترقي پسنديءَ کي ڪڏهن به رد نه ڪيو، اها ٻي ڳالهه آهي ته هو روس جي زوال کان ست سال اڳ ئي 1984ع ۾ فوت ٿي چڪو هو پر مون کي يقين آهي ته هو زندهه به هجي ها ته به ان فڪر جي نفي نه ڪري ها. ڇاڪاڻ ته اهو فڪر هن ڪنهن دور يا ملڪ جي اتساهه ۾ نه قبوليو هو پر اهو هن جي شعور جو پنڌ ۽ معراج هو. جڏهن ته شيخ اياز آخري دور ۾ واضع لفظن ۾ ترقي پسند فڪر کي رد ڪيو ۽ ان سان پنهنجي اڳوڻي وابستگيءَ تي سخت پڇتاءَ جو اظهار ڪيو.
(4) فيض احمد فيض ۽ شيخ اياز جي ترقي پسنديءَ ۾ هڪ فرق اهو به هو ته فيض جي بين الاقواميت بي پاڙي آهي. ان جو ڪو وطن ناهي ۽ پاڪستان هن جو ڪو تاريخي ۽ تهذيبي وطن نه هو. جنهن سان هن جي جذباتي وجودي وابستگي هجي ها ۽ اهو مسئلو اڪثر اردو جي وڏن ترقي پسند شاعرن جو آهي ۽ پنجاب ۾ پنجاب کي وطن سمجهڻ جي سوچ ۽ روايت ناپيد هئي، جنهن کي هو پنهنجو وطن سمجهي ها. انڪري فيض جي انقلابيت ۽ ترقي پسندي وطنيت ۽ ان جذبي ۽ نامياتي حقيقت کان محروم آهي. جڏهن ته شيخ اياز ان حوالي سان فيض کان وڌيڪ ڀاڳوارو ۽ سگهارو آهي. اياز جي ترقي پسندي بي پاڙي ناهي، ان جون پاڙن سنڌ جي تاريخ ۽ وطنيت ۾ کتل آهن. ان جو ئي نتيجو آهي جو اياز نه رڳو جديد ۽ وڏو ترقي پسند شاعر آهي پر هو سنڌ جي ڪلاسيڪل دور جو به تخليقي تسلسل آهي. جڏهن ته فيض جون خود پنجاب جي صوفياڻي فڪر جي بابا فريد کان وٺي ويندي بلهي شاهه تائين هڪ غير معمولي عظيم شعري روايت سان ڪو گهڻو تعلق ناهي. ان جو سبب ٻولي هئي. ٻولي رڳو ڪو رابطي جو ذريعو يا ڪو لفظن جو وياڪرڻي ڍانچو نه هوندو آهي پر ٻولي صدين کان پنهنجي عوامي، سماجي ۽ ثقافتي پاسن ۽ گڏيل مشغول جي محافظ هوندي آهي. فيض جو جيڪڏهن ڪلاسيڪل دور سان ڪو ناتو جڙيو ته به اهو غزل جي گهاڙيٽي سان هو. جنهن کي هن نئون رنگ ۽ مفهوم ڏنو هو. ان معاملي ۾ اياز فيض کان گهڻو سگهارو نظر اچي ٿو. ان ڳالهه اياز کي نه رڳو موضوعاتي وسعت، تاريخيت ۽ لسانياتي سگهه ڏني پر هڪ اهڙي حسناڪي ۽ خارجي سگهه به ڏني جيڪا هڪ وڏي شاعر کي وطن جي مٽيءَ مان ملندي آهي، انڪري اياز درست چيو هو ته شاعري بنيادي طور مقامي هوندي آهي. ۽ پوءِ بين الاقوامي هوندي آهي. پنجاب جو سماج فيض جي شاعري مان پنهنجو تاريخي ۽ تهذيبي جوهر نٿو ڳولي سگهي. جڏهن ته اياز جي شاعري سنڌ جي تهذيبي، ورثي، ڪلاسيڪل دور ۽ سماجي يا فڪري ارتقا جو آئينو به آهي.
هونئن ته فيض احمد فيض ۽ شيخ اياز ۾ ٻيا به انيڪ جزوي فرق فڪري، فني، اسلوب ۽ ترڪيبن يا ڪردارن ۽ لاڙن جا ڳولي سگهجن ٿا پر ٿلهي ليکي فرق اهي آهن جيڪي مون مٿي بيان ڪيا آهن. صنفن ۽ گهاڙيٽن جا مثال مون هتي انڪري نه ڏنا آهن، جو اهي مقالي جو موضوع نه آهن، انهن تي جدا لکي سگهجي ٿو پر صنفن ۽ فني ترڪيبن ۾ اياز ۾ وسعت فيض کان گهڻو وڌيڪ آهي. مان هتي شعرن جا مثال انڪري نٿو ڏيان جو هڪ ته ڊاڪٽر فياض لطيف پنهنجي مقالي ۾ اهي گهڻي ڀاڱي ڏئي چڪو آهي ۽ ٻيو ته مان فيض ۽ اياز صاحب تي لکيل پنهنجن تفصيلي مقالن ۾ اهي اڳ ئي ڏئي چڪو آهيان. هتي وري ڏيڻ هڪ ورجاءُ ٿيندو. ان باوجود اهو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته فيض ۽ اياز ويهين صديءَ جي ننڍي کنڊ جي ترقي پسند شاعريءَ جا مهندار آهن ۽ سندن شاعري اهو تخليقي وکر آهي، جيڪو وقت سان پئي پراڻو ۽ متروڪ نه ٿيندو ۽ اهو ئي ٻنهي جي امرتا جو وڏو دليل آهي.
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں