جمعہ، 5 نومبر، 2021

شيخ اياز سنڌي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ جي تناظر ۾

شيخ اياز سنڌي ڪلاسيڪي ۽ جديد
شاعريءَ جي تناظر ۾!
 
جامي چانڊيو
(حصو پنجون-آخري)



ٽيگور ۽ شيخ اياز جي شاعراڻي نسبت!

رابندرناٿ ٽيگور (1941-1861ع) سنڌي ادب جي نسبت سان مرزا قليچ بيگ جو هم عصر هو پر ادبي لاڙن جي حوالي سان سوچ ۽ فڪر جي نسبت سان هن جو مرزا قليگ بيگ سان ڪو به ادبي سُٻنڌ جُڙندي نظر نه ٿواچي. ڇاڪاڻ ته مرزا قليچ بيگ پنهنجي طبع زاد ادب ۾ روشن خياليءَ جي ناصحانه روايت جو امين هو، جڏهن ته ٽيگور هونئن ته جديد دو رجو شاعر، اديب ۽ آرٽسٽ هو پر هن جي ادب جو حاوي لاڙو تخيلاتي، احساساتي ۽ فطرت پسند رومانيت جو آهي. جيتوڻيڪ هن جي سوچ ۾ سياسي، ثقافتي ۽ سماجي عنصر به هئا پر وري به روحانيت، فطرت پسندي، داخليت ۽ تخيل هن جي ادب ۾ ۽ خاص طور شاعريءَ جا بنيادي عنصر هئا. هن جي خاندان جو تعلق هندومت سان هو ۽ هن جا ماءُ ۽ پيءُ هندومت جي گهرائيءَ ۾ لٿل هئا، پر ٽيگور پنهنجي مذهبي ويچارن کي اُپنشندن ۽ ويدن سان سلهاڙڻ باوجود مذهب بابت پنهنجي مضمونن جي سهڙيل ڪتاب ۾ پنهنجي مذهب کي “شاعراڻي مذهب” سان تعبير ڪيو هو ۽ هن جو خدا جو تصور مذهبن جي ٻڌايل تاويلن بجاءِ هن جي فطرت جي گِهري مشاهدي، محسوسات ۽ روحاني تخيل مان اُسريو هو. اِهو اُهو ساڳيو فطرت ۽ ڪائنات جي مختلف مظهرن جي ‘ڪثرت ۾ وحدت’ ڳوليندڙ وحدت الوجودي تصور هو، جيڪو يوناني فلسفي پارمينائيڊس (445-515- ق.م) کان وٺي ڊچ فلسفي اسپينوزا (1677-1632ع) تائين ۽ ويهين صديءَ جي عظيم سائنسدان آئن اسٽائن کان وٺي سندس هم عصر ٽيگور تائين ٿوري ٿوري فرق سان پر ساڳئي جوهر ۽ تصور جي روپ ۾ ملي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح شيخ اياز جي آخري ڏهاڪي جي فڪري تبديلين کي ٽيگور جي فڪر ۽ ادب جي نسبت سان پڻ جوڙي ۽ ڏسي سگهجي ٿو.
ڊاڪٽر فياض لطيف جي هن ڪتاب جو آخري مضمون “شيخ اياز جي شاعريءَ تي رابندرناٿ ٽيگور جا اثر” پڻ ان حوالي سان هڪ اهم مقالو آهي ۽ ساڳي وقت هن ڪتاب جو هڪ طويل مضمون پڻ آهي. هن ڪتاب جي خوبي اها آهي جو ان ۾ شيخ اياز جو ايترن گهڻن شاعرن جي نسبت سان اڀياس پيش ڪيو ويو آهي. سنڌي ادب ۾ ٽيگور جو نالو اوپرو ناهي، ورهاڱي کان اڳ ئي هن جا ڪيترا ئي ترجما سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيا. هن چاليهن جي ڏهاڪي جي وچ ڌاري حيدرآباد جو دورو به ڪيو هو ۽ سنڌ جو ڪميونسٽ ڏاهو ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي سندس يونيورسٽيءَ ۾ شانتي نڪيتن ۾ پڙهيو هو. شيخ اياز به پنهنجن نثري ڪتابن ۽ شاعريءَ ۾ ٽيگور جو گهڻو ذڪر ڪيو آهي، جنهن مان صاف نظر اچي ٿو ته شيخ اياز کي ٽيگور پڻ گهڻو اُتساهيندو هو، ممڪن آهي ته هن زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ دعائون پڻ ٽيگور جي گيتانجليءَ کان متاثر ٿي لکيون هجن جيڪي ٽيگور 1907ع جي وچ ڌاري لکيون هيون ۽ اهي انگريزيءَ جي وڏي شاعر ييٽس (Yeats) انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيون هيون ۽ لنڊن مان 1912ع ۾ شايع ٿيون هيون. ٽيگور جو اهو ئي ننڍو ڪتاب هيو جنهن تي کيس 1913ع ۾ ادب جو نوبيل انعام مليو هو، جنهن جي شيخ اياز کي هميشه حسرت ۽ خواهش به رهي ۽ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هو انجو حقدار به هو. پنهنجي ڪتاب “هرڻ اکي ڪيڏانهن” ۾ هن لکيو هو ته:
“مان اگر سئيڊن ۾ ڄمان ها ته مون کي نوبل پرائز اڄ کان گهڻو اڳي ملي وڃي ها! پر مان ته سنڌ جو آهيان، جنهن جو دنيا جي نقشي تي ڪوئي نشان نه آهي. مان پنهنجي مجبوري ۽ محدوديت کي پنهنجو پاڻ پرچائڻ لاءِ چوان ٿو ته: “مان ته نوبل پرائز جي لائق آهيان. نوبل پرائز منهنجي لائق نه آهي.”


اهڙي حسرت جو اظهار هن پنهنجي ڪتاب “قبر ڏيئا جهڪن” ۾ به ڪيو هو ۽ لکيو هو ته: “اي موهن ڪلپنا تون ته “سپون” رسالي وارن کي لکيو آهي ته شيخ اياز کي نوبل پرائز ملڻ گهرجي. ڪهڙي نوبل پرائز ۽ پاڻ ته آهيون وارياسي تي گل، جنهن کي ڪولهي يا ڀيل پنهنجي پنهنجي گڏهڙي تان جنهن وراڻي ڏسندا ويندا، ۽ پوءِ گڏهه کي ٿري هڻي، مڙهي مان تڪڙو هليا ويندا.”

ٽيگور جي ايتري تعريف ڪرڻ باوجود شيخ اياز پنهنجي شاعرانيا نرگسيت وچان پاڻ کي هن کان مٿڀرو رکڻ جي شعوري ڪوشش به ڪري ٿو. مثال طور هن لکيو آهي ته: “ڇا تون ٽيگور کان وڏو ڪوي ڏسڻ چاهين ٿو؟ يا تنهنجين اکين ۾ ايتري همت نه آهي.”

شيخ اياز جو هڪ وڏو ڪمال ۽ انفراديت اها هئي جو هن ڪڏهن به پنهنجي شاعراڻي، ادبي ۽ فنڪاراڻي توڙي فڪري اتساهه کي محدود ۽ جامع نه رکيو. ان سان جيتوڻيڪ هن جا پنهنجا ڪمزور فڪري پاسا به اڀري آيا پر ان طرح هن جي شاعريءَ، فن ۽ فڪر ۾ گوناگونيت ۽ وسعت به آندي. اهو ئي سبب آهي جو هن تي ساڳي وقت اوڀر جي ڪلاسيڪل ادب، ننڍي کنڊ جي قديم ۽ ڪلاسيڪل ادبي روايتن، يورپي شعري روايت، هندي جي وچولي دور جي ڀڳتي تحريڪ جي شعري ادب، قديم ۽ وچولي دو رجي هندي ويدانت، ويهين صديءَ جي ترقي پسند انقلابيت جا گهرا اثر نظر اچن ٿا ۽ آخري دور ۾ مذهب ۽ روحانيت جا اثر پڻ سندس شاعريءَ ۽ ادب تي حاوي نظر اچن ٿا. ان سڄي تناظر ۾ ظاهر آهي ته هو ويهين صديءَ ۾ ٽيگور جهڙي غير معمولي فطرت پسند ۽ صوفياڻي مزاج جي حامل شاعر، اديب ۽ فنڪار کي ڪيئن ٿي نظر انداز ڪري سگهيو؟ هن ٽيگور بابت لکيو آهي ته:
“ٽيگور نه فقط بنگالي زبان جو پر مشرق جو عظيم ترين شاعر آهي. هن جي شاعريءَ ۾ اهو لطف آهي، جو نديءَ جي سطح تي شفق جو پاڇو پيدا ڪندو آهي. هن جي سِٽَ سِٽَ ۾ ڪمند جي ڳني جي رس آهي، جنهن ۾ تازگي به آهي جو شيريني به.”

هن نه رڳو ٽيگور جا منظوم ترجما ڪيا آهن پر هن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ پڻ خراج پيش ڪيو آهي. مثال طور سندس اوائلي شعري مجموعي “ڀئنورڀري آڪاس” ۾ هو لکي ٿو ته:
ڪوي اسان پر نام ڪيو سي، چُميا اوهان جا پير،
ڪوي ڏسين ٿو ڪلجڳ آڻي ڪيڏا ٿو انڌير!
*
ڀورنماسي پوري گنگا، ٿڌڙي ٿڌڙي هير،
ٽلي پيو ٽيگور ڪنڌي تي، اچي پيو پڙلاءُ.
*
ڪوي ڏٺا آهن تو کان پوءِ ڪيڏا اسان ڪلور،
سچ کي سوليءَ تي چاڙهيو ويو، ماٺ رهيا منصور!
(1993ع، ص-41)

سمورن سماجي، تاريخي، تهذيبي، ثقافتي، فڪري فرقن باوجود دنيا جي سمورن وڏن شاعرن ۾ هڪڙيون وجداني، تخيلاتي، فطرتي، مشاهداتي، احساساتي ۽ فني هڪ جهڙايون به هونديون آهن ۽ ظاهر آهي ته ان طرح اهي هڪ جهڙايون ٽيگور ۽ شيخ اياز ۾ به آهن جن تي وڏي تحقيق سان جزويات ۾ اهڙا عنصر ڳولي ڳولي انهن تي تفصيل سان لکڻ جي ضرورت آهي. ان کان سواءِ به ڪجهه سبب آهن جن جي ڪري شيخ اياز ٽيگور کي ڪنهن به صورت ۾ نظر انداز نه ٿي ڪري سگهيو. هڪ ته جڏهن شيخ اياز شاعراڻي وَهيءَ چڙهيو يعني چاليهن جي ڏهاڪي ۾ ته ان دور ۾ نوبيل انعام ملڻ شرط ٽيگور رڳو هند ۾ نه پر سڄي اولهه جي دنيا ۾ گهڻو مقبول ٿي چڪو هو ۽ يورپ ۾ ٽيگور جي اهڙي مقبوليت جو هڪ وڏو سبب اهو به هئو، جو يورپ ۾ ٻن مهاڀاري جنگين جي نتيجي ۾ ڪروڙين انسانن جي اجل جي شڪار ٿيڻ سبب يورپي ۽ اولهه جو معاشرو سخت نفسياتي، هيجاني ۽ وجودي بحران جو شڪار ٿي چڪو هو. ان دور ۾ وجودي فڪر جي لهر جي اڀرڻ جو هڪ اهم سبب اهو پڻ هو، ان دور ۾ سرمائيداريءَ جي بدترين اندروني بحران ۽ انهيءَ انساني تباهيءَ سبب اندروني طور کوکلي ٿيل يورپي معاشري ۾ جڏهن ٽيگور جي روحانيت پسند شاعريءَ جا ترجما ٿيا ته ان کي وڏي پذيرائي ملي جو اُهي باهه تي ماڪ مثل هئا. يورپي سماج صنعتي ۽ سرمائيدار دور جي عروج ۽ خاص طور لڳاتار ٻن مهاڀاري جنگين ۾ ڪروڙين انسانن جي قتل عام سبب پاڻ اهڙو روحاني ڪيف پيدا يا تخليق ڪرڻ کان هر طرح کان قاصر هو. شيخ اياز هونئن به عالمي طرح اڀريل يا اڀرندڙ عالمي لاڙن کان جلد ۽ شعوري طور متاثر ٿيندو هو، سو ٽيگور کان هن جو متاثر ٿيڻ به عجب جهڙي ڳالهه نه هئي. ٻيو ته هن جو تعلق شڪارپور سان هو، جيڪو هڪ ڪاروباري شهر هئڻ باوجود هندو اڪثريتي آباديءَ سبب ويدانتي فڪر جو به اهم مرڪز هو، جنهن تي ساميءَ جي حوالي سان اسان اڳ ئي مٿي لکي چڪا آهيون. انڪري شڪارپور جي ادبي ماحول ۾ ٽيگور هڪ اهم ادبي ۽ فڪري موضوع هو. جنهن کان شيخ اياز جهڙي اڀرندڙ وڏي شاعر جو لاتعلق رهڻ ممڪن نه هو. اهو ئي سبب آهي جو هو پاڻ به پنهنجي ڪتاب “ڪتين ڪر موڙيا جڏهن” ۾ لکي ٿو ته 7 آگسٽ 1941ع ۾ شڪار مان ڪاليج مان واپس ايندي جڏهن کيس پروفيسر ڇٻلاڻيءَ ٽيگور جي وفات بابت ٻڌايو هو ته هو سڄي واٽ گهر تائين اوڇنگارون ڏيندو ويو هو. جيتوڻيڪ اهو دور شيخ اياز مٿان ترقي پسند انقلابيت جي غير معمولي اثرن جو دور هو.

شيخ اياز ۽ ٽيگور جي شاعراڻي نسبت کي سمجهڻ لاءِ اسان کي ٻنهي شاعرن جي هڪ جهڙن ۽ تضادن کي گڏوگڏ ڏسڻو پوندو. ٽيگور جي هڪ دلچسپ ڳالهه اها به آهي ته جنهن دور ۾ يعني اڻوهين صديءَ جي پوين ڏهاڪن ۽ ويهين صديءَ جي پهرين چئن ڏهاڪن ۾ جڏهن دنيا ۾ نظرين جي اٿل، سائنسيت جي اُڀار، جديديت جي ترويج، ترقي پسند سماجوادي انقلابيت، متروڪ پراڻ پسنديءَ کان بغاوت جو جديديت وارو روپ، نوان سماجي موضوع پنهنجي عروج تي هئا، ان دور ۾ به ٽيگور پنهنجي رومانيت پسندي ۽ فطرت پسنديءَ واري فڪري ۽ تخيلاتي دڳ کي ئي اهميت ڏني ۽ انهن خارجي محرڪن جو ڪو گهڻو اثر قبول نه ڪيو. نتيجي ۾ ان لاڙي جتي هن جي شاعريءَ ۾ موضوعاتي گونگانيت کي سوڙهو ڪيو، اتي ساڳي وقت هن جي شاعراڻي انفراديت کي نمايان پڻ ڪيو. اهو ئي سبب هو جو هن کي نوبيل انعام مليو. انڪري انهن روين ۽ عنصرن کي هن جي سگهه ۽ ڪمزوريءَ ٻنهيءَ سان تعبير ڪري سگهجي ٿو. پر ٻنهي صورتن ۾ هڪ ڳالهه ضرور آهي ته ٽيگور شروع کان پنهنجي شاعراڻي تفڪر جي واٽ بابت تمام واضح هو. جڏهن ته شيخ اياز پاران گهڻين فڪري روايتن کان متاثر ٿيڻ سبب هن جي شاعريءَ ۾ گوناگونيت جو عنصر ته پنهنجي وسعت ۽ شاعراڻي حسن سان اڀري آيو پر شيخ اياز جو بنيادي فلسفيانه نقطه نظر ڪڏهن به چِٽائيءَ سان اُڀري نه سگهيو، جو اهو دراصل هيو ئي ڪو نه. شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ موجود مختلف ۽ متضاد فڪري رجحانن جي بنياد تي ئي هن جي درست پرک ٿي سگهي ٿي.هونئن ڪنهن شاعر لاءِ اهو لازمي به ناهي ته هن وٽ ڪو هڪ ئي فلسفياڻو يا سياسي نقطه نظر هجي پر جديديت جي دور جي اها هڪ حقيقت ۽ گهرج ضرور هئي.

ٽيگور ۽ شيخ اياز ۾ هڪ بنيادي فرق ۽ تضاد اهو به آهي جو ٽيگور ۾ باغيانه ۽ مزاحمتي شعور ۽ عنصر ناهي. سندس افسانوي ادب ۾ ته وري به سماجي عڪس آهن پر سندس شاعريءَ ۾ ويدانتي وحدت ۽ فطرت پسندي وڌيڪ حاوي آهن، جيڪا ظاهر آهي ته گهڻو روحاني ۽ احساساتي توڙي تخيلاتي آهي. انڪري سماجي تلخ حقيقتون سندس موضوع گهٽ بڻجڻ ٿيون. مختصر لفظن ۾ سندس شاعريءَ ۾ خارجيت جي ڀيٽ ۾ دخليت وڌيڪ حاوي آهي. ٻئي طرف شيخ اياز پڻ جيتوڻيڪ تخيل ۽ حسيات سان ڀرپور شاعر آهي پر هن ۾ خارجيت، مزاحمتي ۽ باغيانه شعور سان لبريز آهي. هو انفرادي محسوسات، خوشين، ڏکن، خوابن ۽ حقيقتن کي مظلوم طبقن ۽ قومن جي اجتماعيت سان شعوري طور جوڙيندي نظر اچي ٿو ۽ پوءِ تڏهن ئي جيڪڏهن لطيف سائينءَ پنهنجي بيتن ۽ واين لاءِ چيو هو ته:
“جي ٿو بيت ڀانئيا سي آيتون آهن،
نيو من لائين پِريان سندي پار ڏي”
ايئن اياز وري پنهنجي شاعراڻي مزاج کي سمجهندي چيو هو ته:
شاعري جا روح کي گرمائي نه ٿي،
منزل مقصود کي پائي نه ٿي.”

ٽيگور جي شاعري طلاطم کانسواءِ ڪنهن سانتيڪي نديءَ مثل آهي پر اياز جي شاعريءَ ۾ باهه آهي، گجگوڙ ڪندڙ ڪنهن سمنڊ جو طلاطم آهي ۽ آبشارن جو شور آهي يا طوفانن جا پڙاڏا آهن. اهو فرق رڳو انفرادي ناهي پر داخليت ۽ خارجيت جو به آهي. انجو هڪ ٻيو سبب اهو به آهي جو ٽيگور ڪٿي به قوميت کانسواءِ سياسي نظرين کان متاثر ٿيندي نظر نه ٿو اچي، پر شيخ اياز سماج واديت جديديت، قوميت، وطنيت، وجوديت، نراجيت، جمهوريت ۽ آخر ۾ مذهبيت ۽ روحانيت کان بتدريج گهڻو ۽ مسلسل متاثر ٿيندي نظر اچي ٿو.

ٽيگور ۽ شيخ اياز ۾ هڪ جاءِ تي اچي هڪجهڙائيءَ جا عنصر پڻ نظر اچن ٿا، جڏهن شيخ اياز پيريءَ ۾ مذهبيت ۽ روحانيت ڏانهن مائل ٿيندي نظر اچي ٿو. فرق رڳو اهو آهي جو ٽيگور جيئن ته شروع کان روحانيت ۽ ويدانيتي فڪر ڏانهن مائل نظر اچي ٿو، انڪري موت هن لاءِ خوف جو محرڪ ڪڏهن به ٿي نه سگهيو پر شيخ اياز هڪ ڀرپور سيڪيولر (دنوي) زندگي گذارڻ کانپوءِ مذهبيت ۽ روحانيت ڏانهن مائل ته ٿيو پر حقيقت ۾ موت هن کي آخري ڏهاڪي ۾ هڪ قسم جي وجودي بحران ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو. هن پنهنجي شعرن ۽ نثري تحريرن ۾ انجي گهڻي ترديد ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي پر اهو نفسياتي وجودي بحران هن جي مجموعي شخصيت، ذهني ۽ نفسياتي لاڙن توڙي لکيل ادب ۽ شاعريءَ مان تمام واضح آهي. شعور کي ته لڪائي سگهجي ٿو پر لاشعور کي لڪائي نه ٿو سگهجي. جيتوڻيڪ هن جي لکيل دعائن ۾ ڪٿي ڪٿي تخيلاتي حسناڪي به آهي پر پوءِ به اهي دعائون ان وجودي بحران جو اظهار ڪندي نظر اچن ٿيون. دعائون لکڻ جو تجربو ٽيگور جي گيتانجليءَ کان متاثر ٿيڻ جو لاشعوري نتيجو به ٿي سگهي ٿو. بهرحال پوءِ به شيخ اياز انهن ۾ پنهنجي شاعراڻي تخيل جو حسين اظهار ڪيو ۽ هو انهن ۾ هاڻي انسان آيا سماج يا ۽ گهڻو فطرت ۽ خدا ڏانهن نمرتا سان همڪلامي ڪندي نظر اچي ٿو.

ڊاڪٽر فياض لطيف جي لکيل هن شاندار ادبي پرک جي ڪتاب ۽ ان تي منهنجي لکيل هن تفصيلي مقدمي/مقالي ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ ادبي شخصيت جا انيڪ پاسا بحث هيٺ آيا آهن ۽ پرک جي اها گوناگوئيت سنڌي ادب ۾ تنقيد لاءِ سڀاويڪ آهي. مان هي شاندار ۽ فڪر انگيز ڪتاب لکڻ تي نه رڳو پنهنجي دوست ڊاڪٽر فياض لطيف کي دل سان واڌايون ڏيان ٿو پر هن مان اها اميد به ڪيان ٿو ته جيئن هن ڪتاب ۾ ۽ ان کان اڳ اياز شناسيءَ جي ڪم کي نهايت عالمانه ۽ سنجيده انداز ۾ هٿ ۾ کنيو آهي، اهو سلسلو اڃا نون پاسن سان اڳي هلندو رهندو ۽ دراصل اهو ئي طريقو آهي، جنهن سان اسان پنهنجي هن عظيم شاعر کي نه رڳو دل سان ڀيٽا ڏئي سگهون ٿا پر سنڌ جي موجوده ۽ ايندڙ نسلن سان متعارف پڻ ڪرائي سگهون ٿا.

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں