ابن الحسن ٻرڙو
سنڌ کي امن ۽ شانتيءَ جو نگر ان لاءِ چيو ويندو آھي جو ھتي پکي پرندا به سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ ڏورانھن علائقن کان ھزارين ميلن جو سفر طئي ڪري پنھنجي وقت کي پرسڪون بڻائڻ ايندا آھن.
ان جي ابتڙ سنڌ ۾ انساني صورتن ۾ رھندڙ بگھڙ صفت ڀوتارن سبب جھالت ۽ غلامي به عروج تي آهي، اھڙي وقت ۾ چند نوجوان جيڪي شعور ۽ جذبي سان ٽمٽار آھن، انھن طرفان کين مزاحمت جو منھن ڏسڻو پوندو آھي، اھي نوجوان انسانن توڙي پکين لاءِ فڪرمند رھندڙ ھوندا آھن، شھيد ناظم جوکيو به انھن مان ھڪ آھي جنھن پکين پرندن جي سلامتي لاءِ علائقي جي فرعون ڀوتار سان مھاڏو اٽڪايو ۽ پنھنجي جان جو نذرانو ڏئي امر بڻجي ويو.
ڏٺو وڃي ته سنڌ حڪومت عرب شڪارين کي پرديسي مسافر پکين جي شڪار لاءِ ريالن عيوض ھر سال اجازت ڏيندي آھي ۽ تر جا ڀوتار سندن ميزبانيءَ لاءِ آتا رھندا آھن، اھي عرب شڪاري رڳو پکين جي شڪار لاءِ سنڌ جو سفر ناھن ڪندا، جڏھن اھي وڏيرن ڪوٽ اندر داخل ٿيندا آھن ته غريب نياڻيون جن کي يرغمال بڻائي انھن اڳيان پيش ڪيو ويندو آهي ۽ سندن وارثن کي ڌمڪيون پڻ ڏنيون وينديون آھن، جنھن جو انڪشاف معروف صحافي حامد مير پڻ ڪري چڪو آھي.
سوال اھو پيدا ٿئي پيو ته ايوانن اندر ويٺل مرده ضمير چونڊيل نمائندن ڪڏھن ان موضوع تي آواز ناھي اٿاريو، ڇا انھن جو ضمير به مري چڪو آھي؟
ان وقت لئہ منتظر آھيان جڏھن سنڌي قوم ۾ شعور جي لھر ڊوڙيندي ۽ ڀوتارن جي ڪوٽن کي ٽوڙي ھڪ عوامي انقلاب جو آغاز ڪيو ويندو ته جيئن ايندڙ وقت ۾ ڪو ٻيو ناظم جوکيو قربان نه ٿئي، جيڪڏھن اڃا به ھٿ تي ھٿ رکي ويھبو ته عرب شڪارين سبب ٻيو قتل ٿيندڙ شخص اسان مان ھوندو.....
خاموشيءَ جي مُهر کي ميساري، اختلافن کي وساري ھڪ آواز بڻجڻو پوندو تڏھن تاريخ موجودہ نسل کي پنھنجي سنھري ورقن ۾ ياد رکندي، ٻي صورت ۾ ھڪ ڪوئلي جي ڪيري وانگر ڪو نشان نه رھندو.
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
رت ديس تنهنجي راهه ۾ جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي
منهنجو نصيب ٺهي وڃي تنهنجو به قرض لهي وڃي
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں