اتوار، 6 نومبر، 2022

سنڌ جو سفرنامو (حصو ٻيو)

سنڌ جو سفرنامو
ٽيون ڏينھن
ليکڪ عامر مغل



خيرپور جي حدن جي شروعات ٿيندي ئي روڊ جي ٻنھي طرفن کان کجين جي باغات مون کي ھشاش بشاش ڪري ڇڏيو ھيو، صبح سوير جو وقت ھيو جڏھن آئون خيرپور ۾داخل ٿيس ته آمد و رفت شروع ٿي رھي ھئي.
خيرپور ميرس تقسيم کان اڳ ھڪ الڳ رياست ھئي جتي ٽالپر خاندان حڪمران ھيا جن کي رياست جو "مير" سڏيو ويندو ھيو ۽ ھاڻي به ان سبب ھن شھر کي خيرپور ميرس سڏيو ويندو آهي، ٽالپر خاندان ڪلھوڙن کي ھڪ جنگ ۾ شڪست ڏيڻ کانپوءِ خيرپور کي فتح ڪيو ھيو، تقسيمِ ھند کان بعد 1955ع ۾ خيرپور رياست کي پاڪستان ۾ ضم ڪيو ويو ۽ ھاڻي ھي صوبي سنڌ جو حصو آهي.

ھاڻي تائين سفر ڪندي مونکي سنڌ جي سڀ کان وڌيڪ خوبصورت ڳالهه ھيءَ لڳي ته سنڌي علاقائي تھذيب، زبان ۽ سڃاڻپ تي اعلانيہ فخر ڪندا آهن جيڪا منھنجي لاءِ بطورِ پنجابي ھڪ نئين ڳالهه ھئي، روڊن تي لڳل سائن بورڊ سنڌي ۾ لکيل نظر آيا ۽ اسڪولن ۾ ٻارڙن کي شروعات ۾ سنڌي لکڻ ۽ پڙھڻ سيکاريو ويندو آهي.

شھر کان ٻاھر نڪرندي ئي مقامي ماڻھن کان پڇندو پڇندو اچي ڳوٺ ڪوٽ ڏيجي ۾ پھتس، اتي ھڪ دڪان تي ويٺل ڪجھ بزرگن کان قلعي جو رستو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اھي پاڻ ۾ سنڌي ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لڳا جيڪا مونکي سمجھ ۾ نه آئي ۽ مان انھن کي اردو ۾ ڳالھائڻ جو عرض ڪيو، پوءِ انھن مان. ھڪ بزرگ اڳيان وڌيو ۽ استفسار ڪندي پڇڻ لڳو ته ڪٿان آيو آھين، ٻڌايم ته لاھور کان، اڪيلو موٽرسائيڪل تي؟ بزرگ سوالي انداز ۾ پڇڻ لڳو ۽ ھٿ جوڙيندي اڳيان وڌيو، چيائين ته ويھو اوھان اسانجا مھمان آھيو، اوھانجي خدمت ڪيون.

ان بزرگ شخص جي اھڙي ھٿ جوڙڻ کي ڏسي آئون شرمسار ٿيڻ لڳس ۽ بعد ۾ مونکي خبر پئي ته سنڌ ۾ ان طرح ڪنھن کي سلام ڪرڻ جو عمومي عمل آھي، ان کان بعد آئون جيترو وقت سنڌ ۾ رھيس ايئن سلام ڪندو رھيس جنھن ڪري مقامي ماڻهن ۽ تھذيب سان پنهنجائپ جو احساس مضبوط ٿيندو رھيو.
بزرگن جا ٿورا مڃڻ کانپوءِ انھن کان اجازت وٺندي انھن جي ٻڌايل رستن تان ٿيندو آخر ڪار ڪوٽ ڏيجي قلعي جي مين دروازي وٽ پھتس، 

                           قلعي جو مين دروازو

موٽرسائيڪل پارڪنگ ۾ لڳائڻ کانپوءِ صبح سوير قلعي ۾ داخل ٿيندڙ آئون پھريون سياح ھيس، قلعي ۾ داخل ٿيندي ئي پھرين شئي جنھن مونکي متاثر ڪيو اھا صاف صفائي ۽ ويل مينيجڊ سسٽم ھيو.

                          قلعي جي صفائي سٿرائي


حڪومتي ادارن سميت منھنجو گمان اھو آھي ته ٽالپر خاندان اڃا به پنھنجي ھن تاريخي قلعي تي خصوصي توجه رکندڙ آھي، خيرپور جي ڏاکڻي علائقي ڪوٽ ڏيجي ۾ ھڪ بلند ٽڪري تي واقع ھي قلعو ٽالپر سلطنت جو ھڪ عظيم الشان ۽ نمايان نشاني آھي ۽ ان جو احسان اوھان کي قلعي جي آخري برج تي وڃڻ کانپوءِ ٿيندو.

         پري کان نظر ايندڙ ٽالپر خاندان جو ٺاھيل شيش محل 


قلعي ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ قلعي ۾ اجڙيل حالت ۾ ملبوس ھڪ شخص منھنجي طرف آيو جيڪو روانگي سان اردو ڳالھائڻ کان لاچار ھيو ۽ ان مونکي چيو ته ھو قلعي جي گائيڊ طور مختصر وقت ۾ تفصيلي دورو ڪرائي سگھي ٿو ان جو حليو ڏسي مونکي سمجھ ۾ نه آيو پر مون رسڪ کنيو ۽ ان نھايت ئي سھڻي طريقي سان مونکي قلعو گھمايو، نه مونکي قلعي جو چپو چپو گھمايائين پر ھڪ ھڪ شئي تعمير بابت ٽٽل ڦٽل اردو ۾ ڄاڻ ڏيندو رھيو.

                       قلعي جو ھڪ وڏو برج

ڪوٽ ڏيجي قلعي جي تمام سٺي طريقي سان وزٽ ٿي وئي ۽ ھي قلعو مونکي دراوڙ کان وڌيڪ وڏو لڳو، واپسي تي منھنجو گائيڊ ھڪ طرف بيھندي مونکان معاوضو طلب ڪرڻ لڳو، مون کيس ٻاھر اچڻ لاءِ چيو ته ھو انڪار ڪرڻ لڳو ۽ چيائين ته ٻاھر مونکان انتظاميه جا ماڻھو حصو گھرندا، آئون ھن کي پنج سئو روپيا ڏيڻ لڳس ته ھن وڌيڪ پئسا ڏيڻ جي خواھش ظاھر ڪئي ۽ آخرڪار مون ھن کي ھڪ ھزار روپيو ڏنو ھن شرط تي ته مان ٻاھر نڪري اھو چوندس ته مون ڪنھن کي پئسا ناھن ڏنا.
مون ان جو ٿورو مڃيو ڇاڪاڻ ته ان جي ڪري مونکي نه صرف تفصيلي قلعو گھمڻ جو موقعو مليو پر دل سان فوٽوگرافي ڪرڻ موقعو پڻ مليو.

                        قلعي جو ٻاھريون نظارو

ڪوٽ ڏيجي کان نڪرندي آئون راڻي پور کان ٿيندو ٻيھر نيشنل ھائي وي وٽ اچي پھتس.
ڪنڊيارو،نوشھروفيرو ۽ مورو کان ٿيندي جڏھن آئون قاضي احمد پھتس ته اتي چڪوال جو دوست فاروق دادا منھنجي انتظار ۾ ھيو، خبر پئي ته سندس سنڌ ۾ زرعي زمين آھي ھو سياري ۾ سنڌ ايندو آهي ۽ گرمين ۾ واپس پنجاب موٽي ويندو آهي.
سنڌ ۽ ان جي زراعت جي متعلق ان سان اھم گفتگو ٿي، رستي ھلندي ملاقات مختصر ھئي ڇو ته مونکي اڳتي نوابشاه پھچڻو ھيو ۽ محسوس ٿي رھيو ھيو ته منھنجي طبيعت خراب ٿيڻ واري آهي.
قاضي احمد کان موٽرسائيڪل کي نوابشاهه طرف موڙيو جتي علي عمران (فيس بڪي دوست) ۽ فيضان جٽ منھنجا منتظر ھيا، انھن کي عرض ڪيو ته منھنجي طبيعت ٺيڪ ناھي ھو اڳ ۾ منھنجي لاءِ گيسٽ ھائوس جو بندوبست ڪن، ھنن اڳ ۾ نوابشاهه پھچڻ لاءِ چيو.
نوابشاهه ۾ ٽينڪ ري فِل ڪرائڻ لاءِ جيئن ئي بيٺس ته ٻه ھمراھ مون ڏانھن آيا ۽ پڇڻ لڳا ته ڇا اوھان جو تعلق فورسز سان آھي؟
مون انڪار ڪيو پر مونکي خوف ٿيڻ لڳو ڇاڪاڻ ته روھڙي ۾ به ھڪڙي شخص مونکان اھڙو سوال ڪيو ھيو، خبر ناھي آئون ڪيئن ۽ ڪھڙي طريقي سان فورسز جو لڳي رھيو ھيس.

~جاري

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں