پیر، 7 نومبر، 2022

سنڌ جو سفرنامو (حصو ٽيون)

سنڌ جو سفرنامو
حصو ٽيون
ليکڪ عامر مغل




قاضي احمد کان نوابشاهه تائين روڊ نيشنل ھائي وي کان بھتر ھيو، مغرب کان ٿورڙو اڳ ۾ نوابشاهه شھر پھتس، نوابشاهه آصف علي زرداري جو شھر آھي ۽ سرڪاري طور تي ضلعو شھيد بينظير آباد سڏيو ويندو آهي.
علي عمران ھندل (دوست) پنھنجي آفيس جي لوڪيشن موڪلي جنھن کي ڏسندي ان وٽ پھتس ته ان نھايت ئي گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ چيائين ڪجھ دير ھتي ويھي پوءِ گھر ھلون ٿا توھان گيسٽ ھائوس جو خيال ذھن مان ڪڍي ڇڏيو ھاڻي توھان منھنجا مھمان آھيو.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ھن وقت تائين سنڌ ۾ ملندڙ دوستن سان صرف فيس بڪ تائين سڃاڻپ ھئي ۽ اسين ھڪ ٻئي سان زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ملي رھيا ھئاسين.
رات علي عمران جي ميزباني ۾ گذري جتي ھڪ ٻئي دوست کي به گھرائي ورتوسين ۽ ايئن ئي سنڌ جي سياحت، ثقافت، سياست ۽ تاريخي منظرن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رھي، ھتي مونکي ٻن پيارن طرفان اجرڪ جو تحفو مليو.
صبح جو لذيذ ناشتو ڪرڻ کانپوءِ علي عمران مونکي سانگھڙ جي رستي طرف رھنمائي ڪئي ۽ ان رستي تائين پھچايو، آئون ھتان سانگھڙ روانو ٿيس.
سانگھڙ ۾ گھڻو ڪجھ ڏسڻ جو شوق ھيو جھڙوڪ چوٽياريون، لوڻ جي کاڻ، اڇڙو ٿر، پر سڄي شوق تي پاڻي ڦيريندي علي عمران جي ڏسيل رستي تي سنڌڙي طرف نڪري پيس، مرحوم محمد خان جوڻيجو جي ڳوٺ ۽ جتان سنڌڙي انب مشھور ٿيو، سنڌڙي ڳوٺ ۾ پھتس ته ڪيترائي نوجوان رستي ۾ سنڌڙي جا مشھور پڪوڙا وڪرو ڪندي نظر آيا.
نوابشاهه کان سانگھڙ ۽ سانگھڙ کان ميرپورخاص تائين سٺو روڊ ھيو جيڪو ان ڳالهه جي مخالفت ڪري رھيو ھيو ته سنڌ جي روڊن جي حالت بدتر آھي، سنڌ جي قومي شاهراهن تي NHA وارن کي توجه جي ضرورت آھي جتي ٽريفڪ لوڊ تمام گھڻو آھي خصوصاً ڪارگو ۽ واپار جو لوڊ!
باقي ننڍا روڊ پنھنجي لوڊ جي حساب سان سٺا ٺھيل آھن ۽ ڳوٺن ۾ اھڙا روڊ نظر آيا جيڪي ٽٽل ڦٽل ھيا جيئن پنجاب جي ڳوٺن ۾ ھوندو آھي.
ھڪ ٻي شئي جيڪا مون نوٽ ڪئي ته سنڌ جي شھرن جي اندروني ميٽروپوليٽن روڊن جي حالت ۽ صفائي سٿرائي جو نظام صحيح ناھي، باقي ھر شھر ۾ گھٽ ۾ گھٽ مين چؤڪ تي الله تعالي جي 99 نالن جو مينار نصب ٿيل نظر آيو.
منجھند تائين سانگھڙ کان ميرپورخاص پھتس ۽ اڄ ڪوشش ھئي ته عمرڪوٽ کي گھمي وٺان اڃا عمرڪوٽ طرف نڪتو ئي ھيس تہ ھڪ ٻئي دوست جي محبت ڀري ڪال آئي جنھن ڪري ٽنڊوالهيار طرف وڃڻو پيو.
ميرپورخاص کان ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊوالهيار کان حيدرآباد تائين روڊ بھترين آھي، آئون تقريباً 20 منٽن ۾ ميرپورخاص کان ٽنڊوالهيار پھتس، اتي پھچڻ کانپوءِ دوست انتظار ۾ھيو، ھر ھڪ سان تعارف کانپوءِ مونکي ھڪ اھڙي پوائنٽ تي وٺي ويو جتان ريلوي لائن نھر جي اندران گذرندي ھئي.


                 سائفن جي مقام تي لڳل پٽڙي 

اھڙي تعمير کي سول انجنيئرنگ ۾ سائفن چوندا آهن اھو به ھڪ منفرد خيال ھيو جنھن تي انگريزن جي 1931ع جي پٽڙي لڳل ھئي.
ھن چئن ڏينھن ۾ منھنجو تاثر ايترو پختو ٿيو ته سنڌ ھر ڪميونٽي جي سياسي شعور جو ايڪٽوازم پنجاب جي نسبت کان وڌيڪ آھي، ۽ ھي صرف منھنجي سفر جو تاثر آھي.
ان کان بعد اسين ڪيلن جي باغ ۾ وياسين، ميرپورخاص کان حيدرآباد تائين شاھراھ تمام خوبصورت آھي ۽ ٻنھي طرفن 
کان ميلن تائين ڪيلن ۽ انبن جا باغن جا نظارا ڏسڻ وٽان آھن، 




پنجاب ۾ چٽيل ڪيلو ھن زرخيز مٽيءَ جي سوغات آهي ھن جو فصل نوابشاهه، ميرپورخاص ۽ ٽنڊوالهيار کي اطراف ۾ موجود آهي، مونکي زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو خبر پئي ته ڪيلي جو ٻوٽو زندگيءَ ۾ فقط ھڪ ڀيرو ميوو ڏيندو آهي ان کان بعد ان کي ڪٽيو ويندو آهي.
ٽپھري تقريباً ٽي بجي کانپوءِ اتان اجازت وٺي اڳتي نڪري پيس، ھتان مونکي ٽيون اجرڪ ۽ ننڍڙي گلن جھڙي ٻارڙيءَ کان گلن جو گلدستو موصول ٿيو، گلدستو گاڏيءَ تي سجائيندي واپس ميرپورخاص پھتس ۽ اتان عمرڪوٽ لاءِ نڪري پيس.




ميرپورخاص کان عمرڪوٽ تائين روڊ جي حالت تمام خراب ھئي، مونکي پھچندي پھچندي عشاء جو وقت ٿي ويو، شھر جي داخلي رستي سان گڏ ئي مونکي ٻن گيسٽ ھائوسز جو بورڊ نظر آيو، قيام جو فيصلو ھڪ مقامي دوست جي چوڻ تي غوثيه گيسٽ ھائوس ۾ ڪيو، غير متوقعه طور تي ھڪ ننڍي شھر ۾ تمام سٺي سروس ۽ صفائي سٿرائي وارو گيسٽ هائوس ھيو، صبح جو چيڪ آؤٽ ڪرڻ وقت بل ٽوٽل 2300 روپيا آيو جيڪو ادا ڪرڻ کانپوءِ اڳتي سفر کي وڌايو.
مونکي گھر کان نڪرندي چار ڏينهن گذري چڪا ھيا ۽ ھاڻي آئون ٿر جي سريلي ۽ مٺي ھوائن ۾ پھچي چڪو ھيس.

~جاري

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں