سنڌ جو سفرنامو
حصو پنجون
ليکڪ عامر مغل
ٿر جا ٽي حصا آھن
لوڻ وارو ٿر : اڇڙو ٿر
واريءَ وارو ٿر : جيڪو سڀ کان وڏو حصو رکندڙ آھي، ھتي ڍاڍڪي ( راجستاني لھجو) ڳالھايو ويندو آهي.
پارڪر : پھاڙي، صاف پاڻي ۽ ڪافي حد تائين قابلِ ڪاشت ٿر، ھتي مارواڙي( گجراتي لھجو) ڳالھايو ويندو آهي.
ان سڀني کي ٿرپارڪر چيو ويندو آهي، پارڪر جو علائقو ڀارتي گجرات جي سرحد تائين پکيڙيل آھي ۽ ھتي لوڻ جو صحرا يعني رڻ ڪڇ به ملندو آهي، ڀارتي گجرات جو شھر ڀوڄ جي سرحد ھتان تقريباً ڏيڍ سئو ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي.
ٿر ۾ برساتن کانپوءِ ساوڪ ۽ خوشحالي ملندي آهي، جيڪڏھن برسات نه ٿئي ته ڏڪار واري صورتحال جنم وٺندي آهي ڇو ته ھي ميداني علائقو آھي ۽ اھا ھن جي ارضياتي مجبوري آهي.
منھنجو ھي احساس پختو ٿي چڪو ھيو ته ٿر واسي نهايت ئي امن پسند، مددگار ۽ مھمان نواز آھن، توھان بغير ڪنهن خوف جي، ٿر واسين جي رنگ ۾ رنگجي سگھو ٿا.
اسلام ڪوٽ ۾ پنھنجي ڪنٽينر روم کان نڪتس ته آسمان ۾ جُھڙُ ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ وکريل نظر آيو،
اڄ مون ھڪ مھيني کانپوءِ آسمان جو اھڙو موھيندڙ منظر ڏٺو، لاھور ۾ ڪوھيڙو ۽ پنجاب ۾ ٿڌ ۽ ڪوھيڙو پنھنجي عروج تي ھيا ۽ سنڌ ۾ آسمان ڏينھن جي وقت over exposed ٿي ويندو ھيو، پر اڄ ھي نيرو آسمان ۽ اڇو جُھڙُ تمام گھڻو خوشنما لڳي رھيو ھيو.
اسلام ڪوٽ بائي پاس تي پھتس ته گوگل ميپ جي غلطي سبب ننگرپارڪر جي پراڻي رستي طرف نڪري آيس جتي اينگرو وارن بيريئر لڳائي روڊ بند ڪري ڇڏيو ھيو ۽ ھاڻي ھڪ ٻيو سٺو روڊ ٻئي طرف کان ٺاھيو ويو ھيو پوءِ خبر پئي ته ٿرڪول مائيننگ منصوبي سبب اھو رستو بند ڪيو ويو آهي، بائي پاس تي واپس پھتس ۽ نئين روڊ تي گاڏي کي ڊوڙايو، کليل جُھڙَ سان ڀريل نيرو آسمان، صحرا تي ٺھيل ھيٺ مٿي روڊ ۽ صبح جو وقت يعني اڄ جي سفر جي ھڪ خوبصورت شروعات ٿي چڪي هئي.
ڪجھ مفاصلو طئي ڪرڻ کانپوءِ منھنجي سڄي پاسي کان ٿرڪول پاور پلانٽ بلاڪ ون پروجيڪٽ جا وڏا وڏا اسٽرڪچرز نظر اچڻ لڳا، ٿر ۾ ڪوئلي جو عالمي سطح تي 16ھون وڏو زير زمين ذخيرو دفن ٿيل آهي، ھن وقت تقريباً ٻه مائيننگ سائٽس لاءِ ھنن کي تقريباً پنج ڳوٺن کي ري لوڪيٽ ڪرڻو پيو، تقريباً 30ڪلوميٽر کانپوءِ ٿرڪول جو ھي بھترين روڊ ختم ٿي ويو ته اندازو ٿيو ھي روڊ جو حصو ڪوئلو ڪڍڻ واري ڪمپنين پنھنجي لاءِ ٺاھيو ھوندو ۽ ھاڻي اھو ئي پراڻو ۽ ٽٽل ڦٽل روڊ شروع ٿي ويو جيڪو پنجاب جي اڪثر ڳوٺن ۾ ھوندو آھي.
رستي ۾ تاريخي گوڙي مندر ۽ مارئي جي کوھ جا سائن بورڊ نظر آيا ته واپسي واري وقت اتي بيھڻ جو فيصلو ڪيو ۽ آئون ننگر پارڪر طرف ھلندو رھيس.
ويرواہ (بارڊر لائين کان 40ڪلوميٽر جي مفاصلو ) تي رينجرز جي پھرين چوڪي ملي جنھن منھنجا ڪوائف ۽ شناخت پاڻ وٽ درج ڪئي، ۽ ڪيمرا پاڻ وٽ جمع ڪرڻ کانپوءِ مونکي ھڪ ٽوڪن ڏنائون، مونکان منھنجو ھٿيار وٺڻ کانپوءِ پلاننگ مطابق آئون Go pro لڪائڻ ۾ ڪامياب ويس، پوسٽ يي ڪمانڊنٽ آفيسر تعارف ڪيو ته ڳالهه وڃي ڪرپٽو ڪرنسي ۽ سال جي مشھور ٽرينڊ بٽ ڪوئن تائين وڃي پھتي، جنھن جو نقصان مونکي ڪيترن ئي گھنٽن جي صورت ۾ ٿيو، ايپ انسٽال ڪري ڏيڻ کان ويندي سمجھائڻ تائين.
ويرواھ کان اڳتي نڪتس ته لينڊ اسڪيپ مٽجڻ شروع ٿيو، پري پري کان ڪارونجهر جون ڌنڌليون پھاڙون نظر اچڻ لڳيون، دوست نجيب نه صرف ننگرپارڪر ۾ دوست دليپ پرمار کي رھنمائي لاءِ چيو پر ھو مسلسل رابطي ۾ پڻ رھيو، دليپ پرمار ٿرپارڪر جو مايہ ناز فوٽوگرافر پڻ آهي ۽ پنھنجي فن سان پوري دنيا جي سامھون ٿرپارڪر جي سونھن کي اجاگر ڪندو آهي، فوٽوگرافي جو شوق رکندڙ دوستن کي سندس پيج Karoonjhar photography ضرور ڏسڻ گھرجي.
ننگرپارڪر بالڪل مختلف ٿر آھي، ھتي پھاڙ، زمينون، مٺي پاڻيءَ جا چشما ۽ صحرا سڀني جو ڪامبينيشن آھي، آباديءَ ۾ ھندو برادري جي اڪثريت آھي ۽ مارواڙي يا پارڪر زبان ڳالهائي ويندي آهي، ننگرپارڪر جي قديم جين مندر جي سامھون بيٺس ته دليپ پرمار اتي اچي پھتو، انھن پنھنجي ذاتي درخواست تي منھنجي لاءِ مندر جو دروازو کولرايو ۽ ان جي مذهبي ۽ تاريخي حيثيت کان آگاهه ڪيو،
ھتان دليپ پرمار مصروفيت سبب اجازت طلب ڪئي ۽ پنھنجي ننڍي ڀاءُ کي مونسان رھنمائي لاءِ ڏنو، مونکي اھو ٻڌندي خوشي ٿي ته ايتري پٺتي پيل علائقي ۾ دليپ ھڪ اسڪول ۾ بطورِ استاد پنھنجون خدمتون سرانجام ڏئي رھيو آھي ۽ ڀرت ڪمار پڻ انگلش ۾ ماسٽرز ڪري رھيو آھي، ھتي رھندي اھا ھڪ وڏي ڪاميابي آهي.
ڀرت ڪمار کي بائيڪ تي پويان ويھاريس ۽ ھتان مونکي ڪارونجهر جي سير لاءِ وٺي ويو، جتي اسان سارڌرو جو مندر گھميوسين، آسمان ساڳي طرح اڇي جُھڙَ سان ڦھليل ھيو ۽ ڪارونجهر جي بلندي سان خوبصورت لڳي پيو ۽ ھتي منھنجي ڪئميرا رينجرز وارن وٽ ھئي.
ڪارونجهر ۾ جھنگلي مور گھمندي نظر آيا ۽ اڃ لڳندي اسين ھڪ آشرم مان پاڻي پيئڻ کانپوءِ ڪاسبو طرف روانا ٿياسين، ڪاسبو رڻ ڪڇ کان ڏھ ڪلوميٽر جي فاصلي تي ھڪڙو ڳوٺ آھي ۽ ھي جڳھ منھنجي پسنديده جڳھن ۾ شامل آھي، ڪاسبو ۾ بابا رام ديو جي مندر مان اسين چانورن جو پرساد کاڌوسين ۽ مندر جي اڱڻ ۾ گھمندڙ مور ۽ اتي موجود گھاٽي وڻ جي پاڇي ۾ ٿيندڙ پنڊت سان درويشاڻي گفتگو ٿڪيل ذھن کي ھڪ سڪون ۽ فرحت بخشي، ڪاسبو انتھائي خاموش ڳوٺ آھي، صحرا ۽ لوڻ جي وچ ۾ موجود ھي ڳوٺ دنيا کان الڳ خاموش پر سرسبز ڳوٺ آھي جتي زندگي رڪيل محسوس ٿي، بيٺي بيٺي مون فيصلو ڪيو ته آئون ڪاسبو ٻيھر به ايندس، مون مندر لاءِ ڪجھ چندو ڏنو ۽ پنڊت طرفان ھڪ خوبصورت مور پکيءَ جو کنڀ مونکي تحفي ۾ مليو.
واپس اچڻ لڳس ته ڪراچي کان ايندڙ ھڪ ٽوئرسٽ گروپ جي زيراھتمام لائيو ميگھ ملهار ٻڌڻ جو موقعو مليو ۽ دل به چيو پر ٿورڙي وقت سبب واپسي مجبور ڪيو.
واپسي باقي پلان ڪينسل ڪندي دليپ ۽ ڀرت ڪمار جي آشياني تي چانھ پيتي ۽ انتھائي لذيذ لڏو کاڌا، اڱڻ ۾ لڳل نازبو ۽ سج جي روشني اڃا به ذھن ۾ نقش آھي، ڏينھن پورو ٿيڻ لڳو ھيو ۽ واپسي تي ويراواہ مان ڪيمرا به کنئي ۽ ساڳي ئي اھلڪار سان ڪرپٽو ڪرنسي بابت اڌ ڪلاڪ مٿو ماري ڪرڻ کانپوءِ تيز رفتار گاڏي هلائيندي ٿر جي نياڻي مارئي جي ڳوٺ ڀالوھ تي نظر پئي ته گاڏي اوڏانهن موڙي ورتي، شام جو وقت ھيو ۽ اتي گھمندڙ آئون اڪيلو ھيس.
مارئي جي کوھ ڏسڻ وقت عورت جي انڪار جي ڪھاڻي ٻڌي ته ڪيئن ان کي محبت، لالچ ۽ قلعي ۾ قيد ڪري سختي ڪئي وئي پر عمر سومرو مارئي جي انڪار کي اثبات ۾ نه مٽائي سگھيو، پاڪستان جي آواره گردي ڪندي مون پھريون ڀيرو ڏٺو ته ھڪ صنف نازڪ جي ڪردار جي مزار ٺاھڻ کان بغير ان کي ايتري عزت و تڪريم ڏني وئي آهي، مارئي جي ڳوٺ ۾ اڄ به اھو کوھ موجود آهي جتان ھوءَ پنھنجي ٻڪرين کي پاڻي پياريندي ھئي، ھاڻي ان جي چوڌاري ھڪ ڪامپليڪس ٺاھيو ويو آھي جنھن جو نالو مارئي ڪلچرل ڪامپليڪس آھي.
ٿر واسين کان جڏھن ٿر جون لوڪ ڪھاڻيون ۽ ڳالهيون ٻڌيون ته ايئن معلوم ٿيو ڄڻ ھي الڳ دنيا آهي، چوندا آهن ته ڪارونجهر جي پھاڙي روزانو سوا سير سون پيدا ڪندي آهي، پي ٽي وي جي ڊرامي ۾ عابد علي روحي بانو کي مخاطب ڪندي چيو ھيو تہ "ٿر جي ھوا بابا، ماڻھو کي عاشق بڻائي ڇڏيندي آهي ".
آسمان جو رنگ ھاڻي گلابي ٿيڻ لڳو ھيو، مون ايترو گلابي آسمان پنھنجي زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ڏٺو ھيو، گمان ھيو ته ٿر جي وارياسي سبب شايد ھر شام ايئن ئي آسمان ٿيندو آهي ۽ آئون پنھنجي گاڏي ڊوڙائيندو اچي رات جو ٻيھر اسلام ڪوٽ ۾ پنھنجي ڪنٽينر روم ۾ پھتس.
~جاري