ہفتہ، 5 نومبر، 2022

سنڌ جو سفرنامو

سنڌ جو سفر نامو
پھريون ۽ ٻيو ڏينهن
ليکڪ عامر مغل



ھي گذريل سال جنوري جي ٿڌي ڏينھن جي ڳالهه آهي جڏھن آئون صبح جو چار وڳي گھر کان سنڌ جي سفر جي نيت سان نڪتس، ٺوڪر نياز بيگ کان گذرڻ کان بعد ۾ ڪوھيڙو شروع ٿي ويو ۽ مان ڪِوِل جي رفتار سان آھستي آھستي وڌندو رھيس، اٺين بجي تائين اوڪاڙا پھتس.
ھاڻي سج نڪري چڪو ھيو، سج جي گرمي جسم کي سڪون بخشڻ لڳي ھئي مونکي اندازو ھيو ته اڄ رات تائين رحيم يار خان پھچي ويندس.
ساھيوال، چيچہ وطني، ميان چنو مان گذرندي منجھند جو ٽائيم ھيو، خانيوال پھچندي ياد آيو ته گذريل سال جڏھن ھتان گذريس ته فيس بڪ ٽي ڪنھن ڪمينٽ ڪيو ھيو ته ھو پيٽرول پمپ ھلائيندو آھي، سوچيم ته ان پيٽرول پمپ تي بريڪ ھڻجي ۽ ٿورڙي دير ساھي پٽجي، ميسينجر جي چيٽ ھسٽري مان ان کي ڳولھي ورتم ان نشاني تي ته ھو وزيرستان جو رھڻ وارو آھي ۽ نالي جي اڳيان "وزير" لقب ايندو اٿس، اصل ڳالهه ته ساڻس رابطو ٿي ويو ۽ ان ٻڌايو ته ھاڻي ھو سنڌ ۾ روھڙي بائي پاس طرف منتقل ٿي ويو آهي اتي ھڪ پيٽرول پمپ تعمير ڪرائي ٿو، مونکي ته سنڌ طرف وڃڻو ئي ھيو سوچيم اڳتي ھلي ان سان ملاقات ڪبي، بھاولپور ۾ عثمان غني (دوست) وٽ بريڪ لڳي، سنيڪس سان گڏ ڪافي پياريائين، ٿورڙي ملاقات کانپوءِ اجازت ورتم ته رائيڊ ڪندي عشاء جي ويجھو وڃي وحيم يار خان پھتس، جتي اويس (دوست) رات گذارڻ جو بندوبست اڳ ئي ڪيو ھيو، رات جو ثوبان رشيد (دوست) سان گڏ رات دير تائين رحيم يار خان ۾ رولاڪيون ڪندا رھياسين ۽ چانھ جو دور پڻ ھليو.
ٻئي ڏينھن رحيم يار خان کان سفر جي شروعات ڪئي ۽ صبح جو نائين وڳي سنڌ جي حد ۾ داخل ٿي ويس، روھڙي جي ويجھو پھچندي ئي نعمت الله وزير (فيس بڪي دوست) سان رابطو ٿيو، ان جي پيٽرول پمپ تي پھتس، پٺاڻن جي مھمان نوازي جا ته سڀ قائل آھن ۽ اسان وٽ انھن جو مثال ڏنو ويندو آهي، ھلندي ھلندي بغير ڄاڻ سڃاڻ جي ھن رستي ھلندي ملاقات ۾ نعمت الله وزير جي مھمان نوازي شرمسار به ڪندي رھي ۽ سادگي ڀريو انداز ڏسي دل خوش به ٿيندي رهي.

                               ستين جو آستان
                               لينس ڊائون پل 

مون سوچيو ته ھتي تاريخي "لينس ڊائون پل" ۽ "ستين جو آستان" به آھي، اھو ڏسڻ کانپوءِ سفر کي اڳتي وڌائبو، ان ڳالهه جو ذڪر نعمت الله وزير سان ڪيم ته ان مون سان گڏ ھڪ مقامي ڪوليگ ڏنو جنھن رھنمائي سان انھن جاين کي سٺي طريقي سان ٿورڙي وقت ۾ گھمي ورتوسين ۽ ان کان علاوہ روھڙي ۾ موجود ٽڪرين تي وڃي ڪري ڪجھ تصويرون ورتم، ان دوران روھڙي بائي پاس تي رش وڌڻ لڳي ۽ ٽريفڪ جام ٿيندي وئي ڏسندي ئي ڏسندي ڪجھ ڪلوميٽرن تائين ڊگھي لائين لڳي وئي ۽ صورتحال مشڪل ٿي وئي.

                                روھڙي بائي پاس 

ڳالهه ظاھر ٿيڻ کانپوءِ خبر پئي ته مقامي طور تي دشمني ۾ ڪجھ ماڻھو قتل ٿيا آهن ۽ مقتولن جي وارثن پاران احتجاجي طور تي ميتون رکي ٽريفڪ بند ڪئي وئي آهي، مون سوچيو ته آئون موٽرسائيڪل تي آھيان سائيڊن مان نڪري ويندس، گھڻي ڪوشش کانپوءِ اندازو ٿيو ته صورتحال گھڻي مختلف آھي،  جلدي نڪرڻ جي چڪر ۾ ماڻھن ون وي جي خلاف ورزي ڪئي جنھن ڪري ھاڻي تائين تقريباً اٺ ڪلوميٽر ڊگھي ٽريفڪ لائين لڳي چڪي ھئي ۽ ان صورتحال ۾ موٽرسائيڪل جو نڪرڻ به محال ھيو، بلڪل اھڙي ئي صورتحال کي  مون جي ٽي روڊ مريدڪي تي به منھن ڏنو ھيو پر مريدڪي تي آئون ٽن ڪلاڪن اندر ان ٽريفڪ مان نڪتو ھيس ان وقت به مقتول جو لاش رکي احتجاج ڪيو ويو ھيو.
ڏينھن گذرڻ شروع ٿيو شام ٿيندي وئي، ڏينھن مان شام ۽ شام جي روشني مان رات ٿي وئي پر ڪابه گاڏي پنھنجي جاءِ کان نه ھلي سگھي، ھائي وي پوليس گھڻي دير کانپوءِ دخل اندازي ڪئي جنھن جي ڪري صورتحال بدتر ٿي چڪي ھئي، ھاڻي مونکي رات گذارڻ جو مسئلو درپيش ھيو، نه چاھيندي به ڪافي دير کانپوءِ نعمت الله وزير جي پيٽرول پمپ تي واپس اچڻو پيو ۽ ان جي دفتر ۾ رھڻ جي درخواست ڪئي ان کان اڳ ئي نعمت الله وزير منھنجي رھائش جو بندوبست ڪري چڪو ھيو، مونکي ٻي صبح سوير اڳتي نڪرڻو ھيو، ھتي رات گذارڻ جو اھو فائدو ٿيو ته آئون وقت کي سٺي طريقي سان مينيج ڪري سگھان پيو.
پھريون مونکي رات جو کاڌو ڏنو ويو ۽ ان کانپوءِ ٻه صوفا  گڏائي ڪري منھنجي آرام جو بندوبست ڪيو ويو، منھنجي عادت آهي ته جيڪڏھن سفر گھڻن ڏينھن جو ھوندو آھي ته مان پاڻ سان گڏ ھڪ ڊبل بيڊ شيٽ رکندو آھيان، جيڪا مونکي ڏکئي وقت ۾ ڪم ايندي آهي ۽ جڏھن کٽمل گھڻا ھجن ته انھن کان بچاء لاءِ پڻ ڪم ايندي آهي.
صبح جو اٿيس ته ٽريفڪ اڃا تائين ھلڻ شروع نه ٿي ھئي، نعمت اللہ وزير کان سندس ٿورائتو ٿيڻ کانپوءِ ٻيھر سفر جي شروعات ڪئي ۽ خيرپور جي طرف سفر جو ٽيون ڏينھن ھيو، ھائي وي پوليس مخالف طرف کان ايندڙ سوارين تي سختي ڪري رھي ھئي، ڪارگو ڪنٽينرز جو ٽريفڪ لوڊ سڀ کان گھڻو ھيو، روھڙي بائي پاس کان خيرپور تائين ٽريفڪ اڃا به سست روي جو شڪار ھئي ته مونکي اچانڪ خيرپور جي کجين جا باغات نظر اچڻ لڳا،


 جن مان سج جي روشني وڻن کي چيريندي پنھنجو منظر پيش ڪري پئي ته مون روڊ ڪناري پنھنجي گاڏي روڪي ورتي ۽ ٿيلھي مان ڪيمرا ڪڍي، مون پنھنجي زندگيءَ ۾ ايترا وسيع باغات پھريون ڀيرو ڏٺا ھيا.

~جاري

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں