نصير ميمڻ*
روزاني پنهنجي اخبار، 25 آڪٽوبر 2022
ڪجهه هفتا اڳ مون هڪ مضمون ۾ سنڌ اندر ڳوٺڙن/آبادين جي بيهڪ، گهرن جي انگ ۽ نوعيت بابت انگ اکر پيش ڪري اهو سوال اٿاريو هو ته ڇا سنڌ جي ٻهراڙين جو هاڻوڪو ڍانچو ماڻهن کي ترقي ڏياري سگهندو، يا ان کي تبديل ٿيڻ گهرجي؟ ظاهر آهي ته اهڙن سوالن تي هر سوچيندڙ جي راءِ مختلف هوندي آهي ۽ مختلف راين تي ڳالهه ٻولهه سان انهن سوالن جي مختلف پاسن کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي آهي.
انگن اکرن موجب سنڌ جي ٻهراڙين ۾ 50 سيڪڙو يعني اڌ کان وڌيڪ ڳوٺڙا 50 گهرن کان به ننڍا آهن. انهن ڳوٺن ۾ 50 کان 70 سيڪڙو گهر ڪچا ۽ هڪ ڪمري وارا آهن. اهي ڪمرا به گهڻي ڀاڱي جهوپڙيون ئي هونديون جيڪي هاڻوڪي بارش ۽ ٻوڏ ۾ لڙهي چڪا هوندا. گهڻي ڀاڱي اهي ننڍا ڳوٺڙا وڏيرن جي زمينن تي ٺهيل آهن. ڪجهه ڏهاڪا اڳ ان وڏيري جي زمين تي هڪ ٻه هاري گهراڻا هارپو ڪرڻ آيا هوندا. وقت سان گڏ اهي ڪجهه گهر وڌي ننڍڙي ڳوٺڙي ۾ تبديل ٿي ويا هوندا. ويچارن هارين کي ايترو معاوضو ئي نصيب نه ٿيندو هوندو جو اتان اٿي ڪٿي زمين ٽڪرو خريد ڪري رهي سگهن يا ڪو متبادل گذر سفر حاصل ڪري سگهن. هر سال وڏيري جي اوڌر جي وڌندڙ بار هيٺان دٻجي اهي گهراڻا هڪ ڊگهي معاشي ۽ سماجي غلاميءَ ۾ جڪڙجي ويا هوندا. اهڙا هزارين ٽڙيل پکڙيل ڳوٺڙا سنڌ جي اڄوڪي سماجي بيهڪ کي جوڙين ٿا. اهي ماڻهو مقامي بااثر ماڻهن وٽ هر طرح جي غلاميءَ ۾ جڪڙيل رهن ٿا. نه هو پنهنجي مرضيءَ سان اولاد (خاص ڪري ڇوڪرين) جون شاديون ڪري سگهن ٿا ۽ نه ووٽ ڏئي سگهن ٿا. انهن بي پهچ ماڻهن وٽ نه ڪاروبار ڪرڻ جي موڙي آهي ۽ نه سندن اولاد کي بهتر تعليم ملي ٿي جو اهي هڪ ٻن نسلن کان پوءِ پاڻ کي وڏيرڪي پنجوڙ مان آجو ڪري سگهن. ايئن اها غلامي نسلن ڏانهن منتقل ٿيندي رهي ٿي. ان عمل ۾ رياستي ڍانچو ڏاڍي جي پاسي ئي رهي ٿو. ترقياتي فنڊ، مقامي آفيسر، ٿاڻو ۽ جرڳا سڀ ان ڏاڍي جي ڪنٽرول ۾ آهن. جاگيرداراڻي جمهوريت جو اهو ماڊل ماڻهن جي اوسر ۾ تمام وڏي رنڊڪ آهي.
جيڪڏهن ڪنهن طرح اهي 10 کان 50 گهرن وارا ڳوٺڙا 300 کان 500 گهرن وارن ننڍن شهرن ۾ تبديل ٿين، جتي رهواسين کي گهر جي مالڪي به ملي، صحت ۽ تعليم جي سهولت به هجي ۽ ٻيون بنيادي سهولتون به ميسر هجن. اهڙا ڳوٺ ننڍڙن ڳوٺڙن جي ماڻهن لاءِ ڇڪ پيدا ڪندا. ان سائيز جي ڳوٺ وٽ پنهنجي معيشت به پيدا ٿيندي، جتي ننڍا وڏا روزگار به موجود هوندا. ان عمل ۾ هڪ ڏيڍ ڏهاڪو لڳي سگهي ٿو. سوچيو جيڪڏهن هر يونين ڪائونسل ۾ اهڙو هڪ ڳوٺ به قائم ٿي پئي ته ڪجهه سالن اندر ان علائقي جي سماجي بيهڪ ۾ وڏي اٿل پٿل اچي سگهي ٿي. سماجي تبديليءَ جو عمل سست، صبر طلب ۽ ور وڪڙدار هوندو آهي. ان ۾ رنڊڪون به انيڪ هونديون آهن پر ظاهر آهي ته جيڪڏهن اسان جي خواهش سنڌ جي سماجي جوڙجڪ کي بدلائڻ ۽ ماڻهن کي معاشي، سماجي ۽ سياسي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ آهي ته پوءِ ان لاءِ اهڙين رنڊڪن جو حل به ڪڍڻو پوندو.
ڳوٺڙن کي جديد ڳوٺ ۾ تبديل ڪرڻ وارو خيال رڳو انفرااسٽرڪچر جي تبديلي نه پر هڪ اهڙي سماجي ري انجنيئرنگ ڪرڻ آهي، جيڪا سماج جي بنيادي جوڙجڪ جا بنياد بدلائي سگهي. ياد رهي ته قوم جي معاشي ۽ سماجي بيهڪ ئي ان جي سياسي حالتن کي شڪل ڏيندي آهي. تنهن ڪري عوام جي آجپي لاءِ جاکوڙيندڙ سياسي ۽ سماجي ڌرين کي مسئلي جي پاڙ تائين پهچڻ جي ضرورت آهي. ته ڪنهن به سماج جا مسئلا گهڻ پاساوان ۽ ڳانڍاپيل هوندا آهن، تنهن ڪري انهن جا حل به هر پاسي کان ڳولڻا پوندا آهن. مٿين سطح کان ڏسجي ته سياست تي مجموعي طور قابض قوتون ان سماجي ڍانچي کي برقرار رکڻ گهرن ٿيون، ڇو ته ان ڍانچي مان کين حاصل ٿيندڙ وفادار ٽولا سندن اقتدار لاءِ ٿوڻين جو ڪردار ادا ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ مٿان حڪومت ڪندڙ طبقا ان سماجي ۽ معاشي ڍانچي جي چوڪيداري ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ٻهراڙين جا ڳوٺڙا، ننڍن شهرن ۾ نه ٿا بدلجن ۽ ڪراچيءَ کان ٻاهر صنعتي علائقا قائم نه ٿا ٿين. حڪمران طبقن کي خبر آهي ته معاشي بنياد بدلائڻ سان ماڻهن کي معاشي طور سگهارو ڪرڻ سان اهي ذهني غلاميءَ مان به آجا ٿي ويندا.
واپس ڳوٺڙن واري بحث ڏانهن اچون ٿا. هڪ دليل اهو به اچي ٿو ته جيئن ته ماڻهو پنهنجي اباڻن پڊن تي رهڻ جا هيراڪ آهن ۽ گهر/ڳوٺ سان سندن جذباتي ڳانڍاپو آهي، تنهن ڪري ماڻهو ڳوٺ نه ڇڏيندا. ان ئي تسلسل ۾ اهو به دليل اچي ٿو ته ماڻهو ٻني ٻاري سان ويجها رهڻ چاهين ٿا. تنهن ڪري اهي پنهنجا وٿاڻ ڇڏي ڪنهن به نئين آباديءَ ڏانهن نه وڃڻ چاهيندا. مون کي ان دليل ۾ ڪا سگهه نظر نه ٿي اچي. اسان جي اکين اڳيان ٻن ٽن ڏهاڪن اندر هزارين ڪٽنب ڪچي کان پڪي ڏانهن ۽ پڪي جي ڳوٺن کان شهرن ڏانهن منتقل ٿيا آهن. امن امان، روزگار ۽ ٻين بنيادي سهولتن لاءِ ماڻهن جو ننڍن ڳوٺن کان شهرن ڏانهن لڏڻ جو عمل هونئن به هلندو رهي ٿو. مسئلو رڳو ان طبقي جو آهي جيڪو لڏڻ جي سگهه نه ٿو رکي، ڇو ته ان وٽ گذر سفر جا متبادل وسيلا ناهن هوندا. ماڻهو گهر، ڳوٺ، مال ۽ ٻنيءَ سان جذباتي نه پر معاشي ڳانڍاپو رکن ٿا ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي، سندن ان ڳوٺ سان جڙيل رهڻ جو، جتي به انهن گهراڻن جو ڪو هڪ ڀاتي به پڙهي لکي ڪنهن شهر ۾ روزگار سان لڳو آهي، ڪجهه ورهين اندر اهي گهراڻا شهرن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن. هڪ نسل ان منتقليءَ ۾ ٿورو ارهو هوندو آهي پر ٻيو نسل سندن حياتيءَ ۾ ئي ويجهي شهر ڏانهن منتقل ٿي ويندو آهي. ڪجهه ورهين تائين انهن جو ڳانڍاپو ٻنهي ماڳن سان هوندو آهي ۽ پنجن ڏهن ورهين اندر اهي پراڻي ماڳ سان رڳو مرڻي پرڻي اچ وڃ رکندا آهن. تنهن ڪري جيڪڏهن هر يونين ڪائونسل ۾ 300 کان 500 گهرن جا هڪ ٻه ننڍا ڳوٺ ٺهن ته ڪو اچرج ناهي ته ماڻهو هوريان هوريان اوڏانهن منتقل ٿي ويندا. اهو عمل پنج ڏهه سال کائيندو.
زرعي سماج مان نيم شهري، ڪاروباري ۽ صنعتي سماج ڏانهن تبديليءَ جو سفر ايئن ئي ممڪن آهي. ڪجهه دوست جوڻيجو دور جي پڪن گهرن واري رٿا جي ناڪام ٿيڻ جي ڳالهه ڪن ٿا پر اهو تجربو چار ڏهاڪا اڳ ٿيو هو، جڏهن ٻهراڙيون نج زرعي سماج جو حصو هيون ۽ سنڌ ۾ اڃا شهري مڊل ڪلاس نه اسريو هو. ان تجربي جي ناڪاميءَ کي اڄوڪي دور تي لاڳو نه ٿو ڪري سگهجي. اڄ وري ڪي نوان چئلينج اچي سگهن ٿا، جن تي سوچڻ گهرجي. مختصر اهو ته سنڌ کي ڊگهي مدي واري جٽاداري تبديليءَ لاءِ سماجي ري انجنيئرنگ جي ضرورت آهي ته جيئن هن مدي خارج ڀوتارڪي نظام مان جان آجي ڪرائي سگهجي.
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں