ہفتہ، 29 اپریل، 2023

اُديپور جو مشھور تاريخي سٽي محل

اُديپور جو مشهور تاريخي سِٽي محل


ھيٺ ڏنل تصويرن ۾ ڀارتي صوبي راجستان جي شھر اُديپور ۾ واقع مشهور چار سؤ سال پراڻو محل ڏيکاريل آهي جيڪو رياست ميواڙ جي راجپوت راجائن جي رهائشگاهه ھوندو ھو. هن محل جي تعمير سال 1559ع ۾ رياست ميواڙ جي هڪ حڪمران مهارانا اُدي سنگھ اُنھيءَ شروع ڪرائي ھئي جڏھن هن پنهنجي رياست ميواڙ جو تختگاھ چتوڙ ڳڙهه کان منتقل ڪري هڪ نئين تعمير ڪرايل شھر ۾ آندو جنهن کي مهاراڻا اُدي سنگھ جي نالي پويان اُديپور سڏيو ويو. بعد ۾ مُختلف وقتن ۾ هن محل ۾ لڳاتار توسيع به ٿيندي رهي.
هي محل هڪ اُوچي ٽڪري مٿان ٺهيل آهي جتان ھيٺ اُديپور جو سڄو شھر نظر ايندو آهي. ھر سال لکين مُلڪي توڙي پرڏيهي سياح اُديپور جي هن تاريخي سِٽي محل کي ڏسڻ ايندا آھن...... هن محل جي ڪجھ حصي کي حڪومت پاران عجائب گهر ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ، جڏهن ته اڃان تائين به محل جو هڪ وڏو حصو رياست ميواڙ جي مهاراجائن جي خاندان جي ذاتي استعمال هيٺ آهي.


اصل ۾ ميواڙ جي راجپوت رياست تقريبن ستين صدي عيسوي ۾ قائم ٿي هُئي جنهن جو بعد ۾ تختگاهه چتوڙ شھر ھوندو ھو جنهن ۾ چتوڙ ڳڙهه جو مشهور قلعو ھوندو ھو.....
سال 1303ع ۾ دھلي جي بادشاھ سلطان علاوالدين خلجي رياست ميواڙ جي تختگاهه يعني چتوڙڳڙهه جي قلعي جو محاصرو ڪري فتح ڪري ورتو. علاوالدين خلجي جي مرڻ جي ڪجھ سالن کانپوءِ 1326ع ۾ ميواڙ تي راجپوتن ٻيھر پنھنجي حڪومت قائم ڪري ورتي....... جڏهن 1526ع ۾ بابر ھندستان تي مغلن جي حڪومت قائم ڪئي هُئي ته اُنهيءَ جي ٻن سال بعد 1528ع ۾ بابر کي ھندستان مان ڪڍڻ لاءِ جنهن مشهور راجپوت راجا رانا سانگا هڪ وڏو لشڪر وٺي آگري تي ڪاھ ڪرڻ لاءِ وڌيو هو ته اهو رانا سانگا به هن ميواڙ رياست جو آزاد حڪمران هو.  
سال 1559ع ۾ رياست ميواڙ جي اُنهيءَ وقت جي حڪمران راڻا اُدي سنگھ دفاعي نگاهه کان رياست جو تختگاهه چتوڙ ڳڙهه کان ختم ڪري پنهنجي نالي پويان اڏايل هڪ نئين شھر اُديپور ۾ منتقل ڪيو. اُنهيءَ کانپوءِ لڳاتار تقريبن چار سؤ سالن تائين هي اُديپور جو شھر رياست ميواڙ جو تخت گاھ رهيو. 
مغل شهنشاهه اڪبر ميواڙ جي هن راڻا اُدي سنگھ کي مغل سلطنت جي ماتحتي ۾ اچڻ جو پيغام موڪليو پر راڻا اُدي سنگھ صاف انڪار ڪري ڇڏيو جنھن جي نتيجي ۾ 1567ع ۾ اڪبر ھڪ وڏو مغل لشڪر ميواڙ تي چڙهائي لاءِ موڪليو جنهن وڏي مزاحمت کانپوءِ چتوڙ ڳڙهه جو قلعو راڻا اُدي سنگھ کان کسي ورتو پر راڻا پوءِ به مغلن جي ماتحتي قبول نه ڪئي...... 


1576ع ۾ اڪبر جي مغل لشڪر راڻا اُدي سنگھ جي پُٽ راڻا پرتاب سنگھ کان اُديپور جو شھر به کسي ورتو پر پوءِ به راڻا پرتاب سنگھ مغلن خلاف مزاحمت جاري رکي. آخرڪار 1615ع ۾ سندس پُٽ راڻا امر سنگھ مغل شهنشاهه جهانگير سان معاهدو ڪري مغلن جي ماتحتي قبول ڪئي جنهن کانپوءِ جھانگير بادشاھ ميواڙ جي رياست واپس سندس خاندان حوالي ڪئي.... اورنگزيب عالمگير جي مرڻ کانپوءِ جڏهن مغلن جي گرفت ڪمزور ٿيڻ لڳي ته ٻئي پاسي وري پُونا جي مرهٽن جي پيشوا جي طاقت سڄي ھندستان ۾ وڌڻ لڳي جنھن جي نتيجي ۾ مرهٽن جي مشھور پيشوا باجي رائو جڏهن سڀني راجپوتن کي تلوار جي زور تي پونا جي پيشوا جي مرهٽا سلطنت جي ماتحت ڪيو ته 1734ع ۾ رياست ميواڙ جي اُديپور جي راجپوت حڪمرانن به مجبورن مرهٽن جي پيشوا باجي رائو جي ماتحتي قبول ڪندي اندروني مسئلن ۾ خود مختياري جي عيوض کيس رياست جي پيدائش جو چوٿون حصو ھر سال پونا جي مرهٽن جي پيشوا کي ڏيڻ جو معاهدو ڪيو جنهن کي مرهٽن جي مشھور " چوٿ " يعني چوٿون حصو سڏيو ويندو هو........ سال 1818ع ۾ چوٿين اينگلو مراٺا جنگ کانپوءِ جڏهن انگريزن مرهٽن جي عاليشان سلطنت جو مڪمل خاتمو ڪيو ته ٻين راجپوت رياستن وانگي هن رياست ميواڙ جي راجپوت حڪمرانن به انگريزن جي ماتحتي قبول ڪندي سندن حفاظتي تحويل ۾ اَچي ويا جيڪا 1947ع تائين قائم رهي.. ھتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته جڏهن 1818ع ۾ هي رياست ميواڙ انگريزن جي حفاظت ۾ آئي ھئي ته انگريزن ڪرنل جيمز ٽاڊ کي رياست ميواڙ تي پنهنجو پوليٽڪل ايجنٽ ڪري موڪليو هو جيڪو 1822ع تائين اُنهيءَ عهدي تي رهيو جنھن دؤران هن راجستان جي جاگرافي توڙي راجپوتن جي تاريخ تي ڪافي تحقيقي ڪم ڪري ڪتاب به لکيا هئا........  


1947ع کانپوءِ جڏهن انڊيا مان راجائن جون سڀ رياستون ختم ڪري اُنھن کي صوبن ۾ ضم ڪيو ويو ته هن رياست ميواڙ کي به ختم ڪري کيس نئين صوبي راجستان ۾ شامل ڪري مختلف ضلعن ۾ تقسيم ڪيو ويو. هن وقت رياست ميواڙ جو علائقو راجستان جي ضلعن اُديپور ، چتوڙڳڙهه ، پرتاب ڳڙھ ، ڀلوڙا ، راجسمند وغيرہ ۾ تقسيم ٿيل آهي.


اُديپور شھر کي راجستان صوبي جي هڪ ضلعي جي حيثيت حاصل آهي. اُديپور شھر جي آدمشماري تقريبن ساڍا ڇھ لک آهي جن مان 73سيڪڙو هندو ، 15 سيڪڙو مسلم ، 10 سيڪڙو جين ڌرم جا ماڻهو آھن. هتان جي اڪثر ماڻھن جي ٻولي ميواڙي آهي. 
اُديپور جو هي تاريخي شھر سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جي شھر ننگرپارڪر کان تقريبن 300 ڪلوميٽر پري سِڌو اوڀر طرف واقع آھي. 

فاروق بجاراڻي
ڳوٺ حاجي وزير خان بجاراڻي
تعلقه تنگواڻي ، ضلع ڪشمور.

ہفتہ، 15 اپریل، 2023

ھندو ڇوڪريون اسلام قبول ڇونه ڪن؟

چيائين:
ھندو ڇوڪريون رڳو شادي لاءِ مسلمان ٿين ٿيون جيڪڏھن ڀرچونڊي وارا بزرگ ڪنھن ھندو ڇوڪري کي پنھنجي ڌي يا ڀيڻ جو سڱ ڏين تہ ھو بہ خوشي سان مسلمان ٿيندا ۽ اسلام 
جو نالو روشن ٿيندو..
چيم:
ڀرچونڊي وارن ڀلا ڪنھن ھندو ڇوڪريءَ سان مسلمان ٿيڻ لاءِ اھو شرط رکندا آھن ڇا تہ فلاڻي مرد سان شادي ڪندين تہ توکي ڪلمو پڙھائي مسلمان ڪنداسين نہ تہ ڪلمو ڪونہ 

پڙھائينداسين؟ 

ھو صرف ان کي ان جي مرضي مطابق مسلمان ڪري تحفظ ڏيندا آھن باقي شادي ڪرڻ يا نہ ڪرڻ اھو ڇوڪريءَ جو پنھنجو ذاتي فيصلو ۽ عمل ھوندو آھي ۽ ھوءَ پنھنجي رضا خوشي سان پنھنجي چاھيندڙ سان شادي ڪندي آھي ان تي ڪنھن بہ قسم جو ڪو جبر ناھي ھوندو ۽ اسان بہ ان جي صرف مسلمان ھئڻ جي ئي حمايت ڪندا آھيون ڪنھن مخصوص مرد سان شادي ڪرڻ جا اسين ھرگز حمايتي ناھيون.

اھڙي طرح جيڪڏھن ڪو ھندو ڇوڪرو بہ مسلمان ٿيڻ لاءِ ڀرچونڊي وارن وٽ ايندو (ڪيترا ئي ھندو ڇوڪرا انھن وٽ اچي مسلمان ٿيندا بہ رھن ٿا) تہ انکي بہ ھو ڪلمو پڙھائي مسلمان ڪندا ۽ تحفظ ڏيندا باقي ڪنھن سان شادي ڪرڻ يا نہ ڪرڻ ان جو پنھنجو ذاتي فيصلو ھوندو جيڪڏھن ھو بہ ڪنھن مسلمان ڇوڪريءَ کي چاھيندو ھوندو ۽ اھا ڇوڪريءَ بہ ان سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار ھوندي تہ پوءِ ڀلي ان سان وڃي شادي ڪري ڪير بہ انکي ڪونہ روڪيندو... جي نہ تہ ان جي بہ ڪنھن نہ ڪنھن مسلمان گھراڻي مان شادي ضرور ٿيندي اڄ تائين ڪو نومسلم ڇوڪرو ڪنوارو ناھي رھيو جيڪي بہ مسلمان ٿيا انھن جون مسلمان گھراڻي مان شاديون ٿي ويون ۽ صاحب اولاد بہ آھن. 

جيڪڏھن توھان سمجھو ٿا تہ ھندو ڇوڪريون صرف شادي جي ڪري ئي مسلمان ٿين ٿيون تہ پوءِ سوشل ميڊيا تي جک ھڻڻ ۽ واويلا ڪرڻ بدران ان جو بھترين حل اھو آھي تہ توھان سڀ قوم پرست، ڪامريڊ ۽ لبرل ھمت ڪري اھو اعلان ڪيو تہ ڪابہ ھندو ڇوڪريءَ شادي لاءِ مسلمان نہ ٿئي اسان بغير مسلمان ٿيڻ جي ان جي شادي پنھنجي پٽن سان ڪرائڻ لاءِ تيار آھيون مان سمجھان ٿو ان سان توھان جو مسئلو حل ٿي ويندو جيڪڏھن توھان جا پنھنجا گھروارا توھان جو ساٿ ڏين ۽ ھندو بہ توھان کي سڱ ڏيڻ لاءِ تيار ٿين تہ پوءِ ھمت ڪيو ھندو برادري جو ساٿ ڏيو ۽ ھندو ڇوڪرين کي مسلمان ٿيڻ کان بچايو.. عدالتن ۾ نٿا وڃي سگھو تہ اھو تہ ڪري سگھو ٿا ڪجھ عملي قدم کڻي ڏيکاريو.. 

پر جي توھان جي پنھنجي گھر ۾ ئي نٿي ھلي يا ھندو توھان جي پٽن کي پنھنجي ڌين جي قابل نہ ٿا سمجھن تہ پوءِ سوشل ميڊيا تي ھروڀرو جي جک ھڻڻ جو فائدو؟؟؟

باقي ڪنھن بہ غير مسلم ڇوڪريءَ يا ڇوڪري جي مسلمان ٿيڻ سان اسلام جو نالو روشن ٿيندو اھو تاثر ۽ سوچ غلط آھي اسلام کي ڪنھن جي ضرورت ناھي بلڪ سڀني کي اسلام جي ضرورت آھي ڇاڪاڻ تہ اھو ئي خدا جو پسنديده ۽ سچو دين آھي جنھن کي قبول ڪرڻ سان سڀني جو پنھنجو اخروي فائدو آھي ۽ انکي ڇڏڻ جو پنھنجو ئي اخروي نقصان آھي.
✍️....... ابو طلحہ سنڌي
15/04/2023

منگل، 10 جنوری، 2023

ڪشمور ۽ جيڪب آباد جي تاريخي حيثيت




سال 1876 ...... جڏهن موجوده ڪشمور ضلعي جي سڀ کان وڏي ضلعي هيڊ ڪوارٽر شھر ڪنڌڪوٽ کان ڪشمور، ٺل ، مير پور ٻرڙو ، ڳڙهي خيرو جا شهر وڏا هوندا هئا......

سال 1876 جي سنڌ گزيٽيئر مطابق سال 1872 ۾ ٿيندڙ پهرين آدمشماري ۾ اَپر سنڌ فرنٽيئر ڊسٽرڪٽ يعني
 جيڪب آباد ضلعي جي آدمشماري تقريبن 95 ھزار هُئي.


سال 1876 جي سنڌ گزيٽيئر مطابق اُنهيءَ وقت اَپر سنڌ فرنٽيئر ڊسٽرڪٽ يعني جيڪب آباد ضلعي ۾ ٽوٽل ٽي تعلقا هُئا يعني تعلقو جيڪب آباد ، تعلقو ٺل ، تعلقو ڪشمور...... 
تعلقو شهداد ڪوٽ بعد ۾ سال 1883 ۾ شڪارپور ضلعي کان الڳ ڪري جيڪب آباد ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو جيڪو سال 1931 تائين جيڪب آباد ضلعي جو حصو رهيو. بعد ۾ شهداڪوٽ تعلقو جيڪب آباد ضلعي کان الڳ ڪري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو هو. 

سال 1876 تائين ڪنڌڪوٽ کي تعلقي جو درجو ڪو نه هو جنهن کي بعد تعلقو ڪيو ويو. اُنھيءَ کان اڳ ۾ ڪنڌڪوٽ کي ڪشمور تعلقي جي صرف هڪ تپي جي حيثيت حاصل هئي. اُنھيءَ وقت جي ڪشمور تعلقي ۾ ٽوٽل چار تپا يعني ڪشمور ، ڪنڌڪوٽ ، بڊاڻي ، ڪُمبڙي ھوندا هئا ، جڏهن ته اُنھيءَ وقت جي ٺل تعلقي ۾ ٽوٽل پنج تپا يعني ٺل ،
 مير پور ٻرڙو ، مبارڪپور ، غوثپور ، شيرڳڙهه هوندا هئا جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته ڪنڌڪوٽ تعلقي ٺهڻ کان اڳ ۾ ڪنڌڪوٽ شهر ، رسالدار ، جعفر آباد رند جا علائقا ڪشمور تعلقي ۾ شامِل هُئا ، جڏهن ته تنگواڻي ، غوثپور ، ڪرمپور ، شيرڳڙهه جا علائقا وري ٺل تعلقي ۾ شامل ھئا. جڏهن ڪنڌڪوٽ کي تعلقي جو درجو ڏنو ويو ته اُنهيءَ نئين تعلقي ۾ ڪشمور ، ٺل تعلقن جي ڪجھ علائقن کي گڏائي چار سرڪل يعني ڪنڌڪوٽ ، تنگواڻي ، غوثپور ، لاشاري تي مشتمل نئون تعلقو ڪنڌڪوٽ ٺاهيو ويو.


سال 1872 جي آدمشماري مطابق ڪشمور ، ٺل ، ميرپور ٻرڙو ، ڳڙهي خيرو جا شهر آدمشماري ۾ ڪنڌڪوٽ شهر کان وڏا هُئا. 
سال 1911 جي آدمشماري مطابق جيڪب آباد شهر جي ٽوٽل آدمشماري تقريبن 11 ھزار هُئي جنھن مان 3 ھزار صرف جيڪب آباد جي فوجي ڇانوڻي جي آدمشماري هُئي. سال 1914 ۾ جيڪب آباد جي فوجي ڇانوڻي کي انگريز سرڪار مڪمل ختم ڪري اُنهيءَ کي هميشہ لاءِ ڪوئٽه جي فوجي ڇانوڻي ۾ منتقل ڪري ڇڏيو هو. جيڪب آباد شهر جي اُنهيءَ فوجي ڇانوڻي واري ھنڌ تي ئي ھاڻي شهر جو فيملي لائين وارو علائقو واقع آھي جيڪو اصل ۾ انگريز فوج جي آفيسرن سپاهين جي خاندانن جي رهائش لاءِ اڏيو ويو هو جنهنڪري اُنهيءَ کي فيملي لائين سڏيو ويندو ھو. فيملي لائين يعني جيڪب آباد ۾ انگريز فوج جي ڇانوڻي وارو اُهو پراڻو علائقو اڄ تائين به روينیو کاتي جي ريڪارڊ ۾ ديهه ڇانوڻي ۾ آهي جنھن ۾ شهباز ايئر بيس وارو علائقو به ديهه ڇانوڻي ۾ اچي وڃي ٿو. جيڪڏهن توھان غور ڪندا ته جيڪب آباد شهر جي انھيءَ قديم حصي فيملي لائين جون گھٽيون روڊ اڄ به هڪ خاص ترتيب پلاننگ سان اڏيل محسوس ٿيندا جيئن ميرپور خاص ضلعي ۾ اُنهيءَ وقت جي سنڌ جي ھڪ انگريز ڪمشنر سر ايون جيمس جي نالي تي اڏيل جيمس آباد شهر جون گھٽيون روڊ هڪ خاص پلاننگ سان ٺھيل محسوس ٿيندا آھن. جيمس آباد شهر جو هاڻي سرڪاري نالو ڪوٽ غلام محمد آهي.


سال 1911 جي آدمشماري مطابق ٺل شهر جي آدمشماري تقريبن 1800 ، ڪنڌڪوٽ شهر جي آدمشماري تقريبن 1400 ، ڪشمور شهر جي آدمشماري تقريبن 1000 ھزار ماڻھن تي مشتمل ھئي. جنھن جو مطلب اهو ٿيو ته سال 1911 تائين به ٺل جو شھر ڪنڌڪوٽ شهر کان وڏو هو.

 اُنھيءَ وﻗﺖ جي ننڍڙي ڪنڌڪوٽ شھر جي چوڌاري ڪافي ڪلوميٽرن تائين بلوچن جي بڙدي قبيلي جي سُهرياڻي سردارن جون ھزارين ايڪڙ زمينون جاگيرون پکڙيل هونديون هُيون. ڪنڌڪوٽ جي اُنهيءَ ننڍڙي شھر جي ڀر سان ڏکڻ طرف ۾ گلشير خان سُهرياڻي جو ڳوٺ ھوندو ھو جيڪو بعد ۾ سڄو ڪنڌڪوٽ شهر جي اندر اچي ويو جنهن جي آسپاس واري علائقي کي اُنھيءَ گلشير خان سهرياڻي جي نالي پويان ھاڻي شهر جو مشهور گلشير محلو سڏيو ويندو آھي. وري شهر جي اتر اوڀر طرف ڀر سان مرزا خان سهرياڻي جو ڳوٺ هو جيڪو پڻ سڄو شهر جي اندر اچي ويو جنهن جي آسپاس واري علائقي کي ھاڻي اُنهيءَ مرزا خان سُهرياﮢﻲ جي نالي پويان شهر جو مشھور مرزاپور محلو سڏيو ويندو آھي. ھتي توھان کي اهو به ٻُڌائيندو هلان ته تاريخي طور تي بڙدي قبيلي جي سُهرياڻي سردار جي راڄ ۾ بڙدين جون پنج ذاتيون يعني سهرياڻي ، محمداڻي ، بنگوار ، تيغاڻي ، سبزوئي شامل ھونديون هُيون . اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين به ڪنڌڪوٽ شھر جي چوڌاري آسپاس جي علائقن ۾ توھان کي گھڻي ڀاڱي سُهرياڻي ، محمداڻي ، سبزوئي ، بنگوار ذاتين جا ڳوٺ نظر اِيندا.

انگريز دؤر ۾ پهرين تعلقي ، وري سال 2004 ۾ جيڪب آباد ضلعي کي ٻن حصن ۾ ورهائي نئين قائم ٿيندڙ ضلعي ڪشمور جو ضلعي هيڊ ڪوارٽر جو درجو ملڻ بعد ڪنڌڪوٽ شهر آھستي آهستي ايترو وڌندو ويو جو ھاڻي ڪشمور ، ٺل جا شهر ڪنڌڪوٽ شهر جي تقريبن اڌ جيترا آھن ڇاڪاڻ ته تازو سال 2017 جي آدمشماريءَ مطابق ڪنڌڪوٽ شهر جي آدمشماري تقريبن ھڪ لک ، ڪشمور شھر جي تقريبن 56 ھزار ، جڏهن ته ٺل شهر جي آدمشماري تقريبن 70 ھزار آهي. جڏهن تہ سال 1876 ۾ ميرپور ٻرڙو ، ڳڙهي خيرو جا شهر جيڪِي اُنھيءَ وقت ڪنڌڪوٽ کان وڏا هوندا هئا پر هاڻي اُهي شهر مشڪل سان ڪنڌڪوٽ شهر جي ڏهين حصي جيترا هوندا.


سو دوستو! ڇا اڄ هڪ عام ماڻهو اِها زميني حقيقت مڃيندو ته اڄ کان ڏيڍ سؤ سال اڳ اڄوڪي ڪنڌڪوٽ جهڙي هيڏي وڏي تقريبن اڍائي ھزار جريب ايراضي تي پکڙيل شهر کان ڪشمور يا ٺل ته پري جي ڳالھ پر ميرپور ٻرڙو ، ڳڙهي خيرو به وڏا شھر هُئا.......؟؟؟ 

نوٽ: هيٺ ڏنل تصويرون مٿي ذڪر ڪيل مُختلف شھرن جون سٽيلائٽ تصويرون زمين جي سطح کان تقريبن 12 ڪلوميٽر مٿان کان ورتل آهن جن جي ڀيٽ ڪري اُنھن شھرن جي پکيڙ جو تقابلي جائزو آساني سان ﻭﭠﻲ سگهجي ٿو. 

فاروق بجاراڻي
ڳوٺ حاجي وزير خان بجاراڻي
تعلقه تنگواڻي ، ضلع ڪشمور.

ڪشمور ۽ جيڪب آباد جي تاريخي حيثيت




سال 1876 ...... جڏهن موجوده ڪشمور ضلعي جي سڀ کان وڏي ضلعي هيڊ ڪوارٽر شھر ڪنڌڪوٽ کان ڪشمور، ٺل ، مير پور ٻرڙو ، ڳڙهي خيرو جا شهر وڏا هوندا هئا......

سال 1876 جي سنڌ گزيٽيئر مطابق سال 1872 ۾ ٿيندڙ پهرين آدمشماري ۾ اَپر سنڌ فرنٽيئر ڊسٽرڪٽ يعني
 جيڪب آباد ضلعي جي آدمشماري تقريبن 95 ھزار هُئي.

سال 1876 جي سنڌ گزيٽيئر مطابق اُنهيءَ وقت اَپر سنڌ فرنٽيئر ڊسٽرڪٽ يعني جيڪب آباد ضلعي ۾ ٽوٽل ٽي تعلقا هُئا يعني تعلقو جيڪب آباد ، تعلقو ٺل ، تعلقو ڪشمور...... 
تعلقو شهداد ڪوٽ بعد ۾ سال 1883 ۾ شڪارپور ضلعي کان الڳ ڪري جيڪب آباد ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو جيڪو سال 1931 تائين جيڪب آباد ضلعي جو حصو رهيو. بعد ۾ شهداڪوٽ تعلقو جيڪب آباد ضلعي کان الڳ ڪري لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو هو. 

سال 1876 تائين ڪنڌڪوٽ کي تعلقي جو درجو ڪو نه هو جنهن کي بعد تعلقو ڪيو ويو. اُنھيءَ کان اڳ ۾ ڪنڌڪوٽ کي ڪشمور تعلقي جي صرف هڪ تپي جي حيثيت حاصل هئي. اُنھيءَ وقت جي ڪشمور تعلقي ۾ ٽوٽل چار تپا يعني ڪشمور ، ڪنڌڪوٽ ، بڊاڻي ، ڪُمبڙي ھوندا هئا ، جڏهن ته اُنھيءَ وقت جي ٺل تعلقي ۾ ٽوٽل پنج تپا يعني ٺل ،
 مير پور ٻرڙو ، مبارڪپور ، غوثپور ، شيرڳڙهه هوندا هئا جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته ڪنڌڪوٽ تعلقي ٺهڻ کان اڳ ۾ ڪنڌڪوٽ شهر ، رسالدار ، جعفر آباد رند جا علائقا ڪشمور تعلقي ۾ شامِل هُئا ، جڏهن ته تنگواڻي ، غوثپور ، ڪرمپور ، شيرڳڙهه جا علائقا وري ٺل تعلقي ۾ شامل ھئا. جڏهن ڪنڌڪوٽ کي تعلقي جو درجو ڏنو ويو ته اُنهيءَ نئين تعلقي ۾ ڪشمور ، ٺل تعلقن جي ڪجھ علائقن کي گڏائي چار سرڪل يعني ڪنڌڪوٽ ، تنگواڻي ، غوثپور ، لاشاري تي مشتمل نئون تعلقو ڪنڌڪوٽ ٺاهيو ويو.

سال 1872 جي آدمشماري مطابق ڪشمور ، ٺل ، ميرپور ٻرڙو ، ڳڙهي خيرو جا شهر آدمشماري ۾ ڪنڌڪوٽ شهر کان وڏا هُئا. 
سال 1911 جي آدمشماري مطابق جيڪب آباد شهر جي ٽوٽل آدمشماري تقريبن 11 ھزار هُئي جنھن مان 3 ھزار صرف جيڪب آباد جي فوجي ڇانوڻي جي آدمشماري هُئي. سال 1914 ۾ جيڪب آباد جي فوجي ڇانوڻي کي انگريز سرڪار مڪمل ختم ڪري اُنهيءَ کي هميشہ لاءِ ڪوئٽه جي فوجي ڇانوڻي ۾ منتقل ڪري ڇڏيو هو. جيڪب آباد شهر جي اُنهيءَ فوجي ڇانوڻي واري ھنڌ تي ئي ھاڻي شهر جو فيملي لائين وارو علائقو واقع آھي جيڪو اصل ۾ انگريز فوج جي آفيسرن سپاهين جي خاندانن جي رهائش لاءِ اڏيو ويو هو جنهنڪري اُنهيءَ کي فيملي لائين سڏيو ويندو ھو. فيملي لائين يعني جيڪب آباد ۾ انگريز فوج جي ڇانوڻي وارو اُهو پراڻو علائقو اڄ تائين به روينیو کاتي جي ريڪارڊ ۾ ديهه ڇانوڻي ۾ آهي جنھن ۾ شهباز ايئر بيس وارو علائقو به ديهه ڇانوڻي ۾ اچي وڃي ٿو. جيڪڏهن توھان غور ڪندا ته جيڪب آباد شهر جي انھيءَ قديم حصي فيملي لائين جون گھٽيون روڊ اڄ به هڪ خاص ترتيب پلاننگ سان اڏيل محسوس ٿيندا جيئن ميرپور خاص ضلعي ۾ اُنهيءَ وقت جي سنڌ جي ھڪ انگريز ڪمشنر سر ايون جيمس جي نالي تي اڏيل جيمس آباد شهر جون گھٽيون روڊ هڪ خاص پلاننگ سان ٺھيل محسوس ٿيندا آھن. جيمس آباد شهر جو هاڻي سرڪاري نالو ڪوٽ غلام محمد آهي.

سال 1911 جي آدمشماري مطابق ٺل شهر جي آدمشماري تقريبن 1800 ، ڪنڌڪوٽ شهر جي آدمشماري تقريبن 1400 ، ڪشمور شهر جي آدمشماري تقريبن 1000 ھزار ماڻھن تي مشتمل ھئي. جنھن جو مطلب اهو ٿيو ته سال 1911 تائين به ٺل جو شھر ڪنڌڪوٽ شهر کان وڏو هو.

 اُنھيءَ وﻗﺖ جي ننڍڙي ڪنڌڪوٽ شھر جي چوڌاري ڪافي ڪلوميٽرن تائين بلوچن جي بڙدي قبيلي جي سُهرياڻي سردارن جون ھزارين ايڪڙ زمينون جاگيرون پکڙيل هونديون هُيون. ڪنڌڪوٽ جي اُنهيءَ ننڍڙي شھر جي ڀر سان ڏکڻ طرف ۾ گلشير خان سُهرياڻي جو ڳوٺ ھوندو ھو جيڪو بعد ۾ سڄو ڪنڌڪوٽ شهر جي اندر اچي ويو جنهن جي آسپاس واري علائقي کي اُنھيءَ گلشير خان سهرياڻي جي نالي پويان ھاڻي شهر جو مشهور گلشير محلو سڏيو ويندو آھي. وري شهر جي اتر اوڀر طرف ڀر سان مرزا خان سهرياڻي جو ڳوٺ هو جيڪو پڻ سڄو شهر جي اندر اچي ويو جنهن جي آسپاس واري علائقي کي ھاڻي اُنهيءَ مرزا خان سُهرياﮢﻲ جي نالي پويان شهر جو مشھور مرزاپور محلو سڏيو ويندو آھي. ھتي توھان کي اهو به ٻُڌائيندو هلان ته تاريخي طور تي بڙدي قبيلي جي سُهرياڻي سردار جي راڄ ۾ بڙدين جون پنج ذاتيون يعني سهرياڻي ، محمداڻي ، بنگوار ، تيغاڻي ، سبزوئي شامل ھونديون هُيون . اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين به ڪنڌڪوٽ شھر جي چوڌاري آسپاس جي علائقن ۾ توھان کي گھڻي ڀاڱي سُهرياڻي ، محمداڻي ، سبزوئي ، بنگوار ذاتين جا ڳوٺ نظر اِيندا.

انگريز دؤر ۾ پهرين تعلقي ، وري سال 2004 ۾ جيڪب آباد ضلعي کي ٻن حصن ۾ ورهائي نئين قائم ٿيندڙ ضلعي ڪشمور جو ضلعي هيڊ ڪوارٽر جو درجو ملڻ بعد ڪنڌڪوٽ شهر آھستي آهستي ايترو وڌندو ويو جو ھاڻي ڪشمور ، ٺل جا شهر ڪنڌڪوٽ شهر جي تقريبن اڌ جيترا آھن ڇاڪاڻ ته تازو سال 2017 جي آدمشماريءَ مطابق ڪنڌڪوٽ شهر جي آدمشماري تقريبن ھڪ لک ، ڪشمور شھر جي تقريبن 56 ھزار ، جڏهن ته ٺل شهر جي آدمشماري تقريبن 70 ھزار آهي. جڏهن تہ سال 1876 ۾ ميرپور ٻرڙو ، ڳڙهي خيرو جا شهر جيڪِي اُنھيءَ وقت ڪنڌڪوٽ کان وڏا هوندا هئا پر هاڻي اُهي شهر مشڪل سان ڪنڌڪوٽ شهر جي ڏهين حصي جيترا هوندا.

سو دوستو! ڇا اڄ هڪ عام ماڻهو اِها زميني حقيقت مڃيندو ته اڄ کان ڏيڍ سؤ سال اڳ اڄوڪي ڪنڌڪوٽ جهڙي هيڏي وڏي تقريبن اڍائي ھزار جريب ايراضي تي پکڙيل شهر کان ڪشمور يا ٺل ته پري جي ڳالھ پر ميرپور ٻرڙو ، ڳڙهي خيرو به وڏا شھر هُئا.......؟؟؟ 

نوٽ: هيٺ ڏنل تصويرون مٿي ذڪر ڪيل مُختلف شھرن جون سٽيلائٽ تصويرون زمين جي سطح کان تقريبن 12 ڪلوميٽر مٿان کان ورتل آهن جن جي ڀيٽ ڪري اُنھن شھرن جي پکيڙ جو تقابلي جائزو آساني سان ﻭﭠﻲ سگهجي ٿو. 

فاروق بجاراڻي
ڳوٺ حاجي وزير خان بجاراڻي
تعلقه تنگواڻي ، ضلع ڪشمور.

جمعرات، 10 نومبر، 2022

سنڌ جو سفرنامو (حصو پنجون)

سنڌ جو سفرنامو
حصو پنجون
ليکڪ عامر مغل





ٿر جا ٽي حصا آھن
لوڻ وارو ٿر : اڇڙو ٿر
واريءَ وارو ٿر : جيڪو سڀ کان وڏو حصو رکندڙ آھي، ھتي ڍاڍڪي ( راجستاني لھجو) ڳالھايو ويندو آهي.
پارڪر : پھاڙي، صاف پاڻي ۽ ڪافي حد تائين قابلِ ڪاشت ٿر، ھتي مارواڙي( گجراتي لھجو) ڳالھايو ويندو آهي.
ان سڀني کي ٿرپارڪر چيو ويندو آهي، پارڪر جو علائقو ڀارتي گجرات جي سرحد تائين پکيڙيل آھي ۽ ھتي لوڻ جو صحرا يعني رڻ ڪڇ به ملندو آهي، ڀارتي گجرات جو شھر ڀوڄ جي سرحد ھتان تقريباً ڏيڍ سئو ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي.
ٿر ۾ برساتن کانپوءِ ساوڪ ۽ خوشحالي ملندي آهي، جيڪڏھن برسات نه ٿئي ته ڏڪار واري صورتحال جنم وٺندي آهي ڇو ته ھي ميداني علائقو آھي ۽ اھا ھن جي ارضياتي مجبوري آهي.
منھنجو ھي احساس پختو ٿي چڪو ھيو ته ٿر واسي نهايت ئي امن پسند، مددگار ۽ مھمان نواز آھن، توھان بغير ڪنهن خوف جي، ٿر واسين جي رنگ ۾ رنگجي سگھو ٿا.
اسلام ڪوٽ ۾ پنھنجي ڪنٽينر روم کان نڪتس ته آسمان ۾ جُھڙُ ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ وکريل نظر آيو،
اڄ مون ھڪ مھيني کانپوءِ آسمان جو اھڙو موھيندڙ منظر ڏٺو، لاھور ۾ ڪوھيڙو ۽ پنجاب ۾ ٿڌ ۽ ڪوھيڙو پنھنجي عروج تي ھيا ۽ سنڌ ۾ آسمان ڏينھن جي وقت over exposed ٿي ويندو ھيو، پر اڄ ھي نيرو آسمان ۽ اڇو جُھڙُ تمام گھڻو خوشنما لڳي رھيو ھيو.
اسلام ڪوٽ بائي پاس تي پھتس ته گوگل ميپ جي غلطي سبب ننگرپارڪر جي پراڻي رستي طرف نڪري آيس جتي اينگرو وارن بيريئر لڳائي روڊ بند ڪري ڇڏيو ھيو ۽ ھاڻي ھڪ ٻيو سٺو روڊ ٻئي طرف کان ٺاھيو ويو ھيو پوءِ خبر پئي ته ٿرڪول مائيننگ منصوبي سبب اھو رستو بند ڪيو ويو آهي، بائي پاس تي واپس پھتس ۽ نئين روڊ تي گاڏي کي ڊوڙايو، کليل جُھڙَ سان ڀريل نيرو آسمان، صحرا تي ٺھيل ھيٺ مٿي روڊ ۽ صبح جو وقت يعني اڄ جي سفر جي ھڪ خوبصورت شروعات ٿي چڪي هئي.

ٿرڪول منصوبي جو روڊ

ڪجھ مفاصلو طئي ڪرڻ کانپوءِ منھنجي سڄي پاسي کان ٿرڪول پاور پلانٽ بلاڪ ون پروجيڪٽ جا وڏا وڏا اسٽرڪچرز نظر اچڻ لڳا، ٿر ۾ ڪوئلي جو عالمي سطح تي 16ھون وڏو زير زمين ذخيرو دفن ٿيل آهي، ھن وقت تقريباً ٻه مائيننگ سائٽس لاءِ ھنن کي تقريباً پنج ڳوٺن کي ري لوڪيٽ ڪرڻو پيو، تقريباً 30ڪلوميٽر کانپوءِ ٿرڪول جو ھي بھترين روڊ ختم ٿي ويو ته اندازو ٿيو ھي روڊ جو حصو ڪوئلو ڪڍڻ واري ڪمپنين پنھنجي لاءِ ٺاھيو ھوندو ۽ ھاڻي اھو ئي پراڻو ۽ ٽٽل ڦٽل روڊ شروع ٿي ويو جيڪو پنجاب جي اڪثر ڳوٺن ۾ ھوندو آھي.
رستي ۾ تاريخي گوڙي مندر ۽ مارئي جي کوھ جا سائن بورڊ نظر آيا ته واپسي واري وقت اتي بيھڻ جو فيصلو ڪيو ۽ آئون ننگر پارڪر طرف ھلندو رھيس.
ويرواہ (بارڊر لائين کان 40ڪلوميٽر جي مفاصلو ) تي رينجرز جي پھرين چوڪي ملي جنھن منھنجا ڪوائف ۽ شناخت پاڻ وٽ درج ڪئي، ۽ ڪيمرا پاڻ وٽ جمع ڪرڻ کانپوءِ مونکي ھڪ ٽوڪن ڏنائون، مونکان منھنجو ھٿيار وٺڻ کانپوءِ پلاننگ مطابق آئون Go pro لڪائڻ ۾ ڪامياب ويس، پوسٽ يي ڪمانڊنٽ آفيسر تعارف ڪيو ته ڳالهه وڃي ڪرپٽو ڪرنسي ۽ سال جي مشھور ٽرينڊ بٽ ڪوئن تائين وڃي پھتي، جنھن جو نقصان مونکي ڪيترن ئي گھنٽن جي صورت ۾ ٿيو، ايپ انسٽال ڪري ڏيڻ کان ويندي سمجھائڻ تائين.
ويرواھ کان اڳتي نڪتس ته لينڊ اسڪيپ مٽجڻ شروع ٿيو، پري پري کان ڪارونجهر جون ڌنڌليون پھاڙون نظر اچڻ لڳيون، دوست نجيب نه صرف ننگرپارڪر ۾ دوست دليپ پرمار کي رھنمائي لاءِ چيو پر ھو مسلسل رابطي ۾ پڻ رھيو، دليپ پرمار ٿرپارڪر جو مايہ ناز فوٽوگرافر پڻ آهي ۽ پنھنجي فن سان پوري دنيا جي سامھون ٿرپارڪر جي سونھن کي اجاگر ڪندو آهي، فوٽوگرافي جو شوق رکندڙ دوستن کي سندس پيج Karoonjhar photography ضرور ڏسڻ گھرجي.
ننگرپارڪر بالڪل مختلف ٿر آھي، ھتي پھاڙ، زمينون، مٺي پاڻيءَ جا چشما ۽ صحرا سڀني جو ڪامبينيشن آھي، آباديءَ ۾ ھندو برادري جي اڪثريت آھي ۽ مارواڙي يا پارڪر زبان ڳالهائي ويندي آهي، ننگرپارڪر جي قديم جين مندر جي سامھون بيٺس ته دليپ پرمار اتي اچي پھتو، انھن پنھنجي ذاتي درخواست تي منھنجي لاءِ مندر جو دروازو کولرايو ۽ ان جي مذهبي ۽ تاريخي حيثيت کان آگاهه ڪيو،

جين مندر جو اڳيون منظر



جين مندر جو مين دروازو


ھتان دليپ پرمار مصروفيت سبب اجازت طلب ڪئي ۽ پنھنجي ننڍي ڀاءُ کي مونسان رھنمائي لاءِ ڏنو، مونکي اھو ٻڌندي خوشي ٿي ته ايتري پٺتي پيل علائقي ۾ دليپ ھڪ اسڪول ۾ بطورِ استاد پنھنجون خدمتون سرانجام ڏئي رھيو آھي ۽ ڀرت ڪمار پڻ انگلش ۾ ماسٽرز ڪري رھيو آھي، ھتي رھندي اھا ھڪ وڏي ڪاميابي آهي.
ڀرت ڪمار کي بائيڪ تي پويان ويھاريس ۽ ھتان مونکي ڪارونجهر جي سير لاءِ وٺي ويو، جتي اسان سارڌرو جو مندر گھميوسين، آسمان ساڳي طرح اڇي جُھڙَ سان ڦھليل ھيو ۽ ڪارونجهر جي بلندي سان خوبصورت لڳي پيو ۽ ھتي منھنجي ڪئميرا رينجرز وارن وٽ ھئي.

ڪارونجهر جو ھڪ خوبصورت منظر

ڪارونجهر ۾ جھنگلي مور گھمندي نظر آيا ۽ اڃ لڳندي اسين ھڪ آشرم مان پاڻي پيئڻ کانپوءِ ڪاسبو طرف روانا ٿياسين، ڪاسبو رڻ ڪڇ کان ڏھ ڪلوميٽر جي فاصلي تي ھڪڙو ڳوٺ آھي ۽ ھي جڳھ منھنجي پسنديده جڳھن ۾ شامل آھي، ڪاسبو ۾ بابا رام ديو جي مندر مان اسين چانورن جو پرساد کاڌوسين ۽ مندر جي اڱڻ ۾ گھمندڙ مور ۽ اتي موجود گھاٽي وڻ جي پاڇي ۾ ٿيندڙ پنڊت سان درويشاڻي گفتگو ٿڪيل ذھن کي ھڪ سڪون ۽ فرحت بخشي، ڪاسبو انتھائي خاموش ڳوٺ آھي، صحرا ۽ لوڻ جي وچ ۾ موجود ھي ڳوٺ دنيا کان الڳ خاموش پر سرسبز ڳوٺ آھي جتي زندگي رڪيل محسوس ٿي، بيٺي بيٺي مون فيصلو ڪيو ته آئون ڪاسبو ٻيھر به ايندس، مون مندر لاءِ ڪجھ چندو ڏنو ۽ پنڊت طرفان ھڪ خوبصورت مور پکيءَ جو کنڀ مونکي تحفي ۾ مليو.
واپس اچڻ لڳس ته ڪراچي کان ايندڙ ھڪ ٽوئرسٽ گروپ جي زيراھتمام لائيو ميگھ ملهار ٻڌڻ جو موقعو مليو ۽ دل به چيو پر ٿورڙي وقت سبب واپسي مجبور ڪيو.
واپسي باقي پلان ڪينسل ڪندي دليپ ۽ ڀرت ڪمار جي آشياني تي چانھ پيتي ۽ انتھائي لذيذ لڏو کاڌا، اڱڻ ۾ لڳل نازبو ۽ سج جي روشني اڃا به ذھن ۾ نقش آھي، ڏينھن پورو ٿيڻ لڳو ھيو ۽ واپسي تي ويراواہ مان ڪيمرا به کنئي ۽ ساڳي ئي اھلڪار سان ڪرپٽو ڪرنسي بابت اڌ ڪلاڪ مٿو ماري ڪرڻ کانپوءِ تيز رفتار گاڏي هلائيندي ٿر جي نياڻي مارئي جي ڳوٺ ڀالوھ تي نظر پئي ته گاڏي اوڏانهن موڙي ورتي، شام جو وقت ھيو ۽ اتي گھمندڙ آئون اڪيلو ھيس.

مارئي جي ڳوٺ جو کوھ


مارئي ڪامپليڪس ٻالوھ

مارئي جي کوھ ڏسڻ وقت عورت جي انڪار جي ڪھاڻي ٻڌي ته ڪيئن ان کي محبت، لالچ ۽ قلعي ۾ قيد ڪري سختي ڪئي وئي پر عمر سومرو مارئي جي انڪار کي اثبات ۾ نه مٽائي سگھيو، پاڪستان جي آواره گردي ڪندي مون پھريون ڀيرو ڏٺو ته ھڪ صنف نازڪ جي ڪردار جي مزار ٺاھڻ کان بغير ان کي ايتري عزت و تڪريم ڏني وئي آهي، مارئي جي ڳوٺ ۾ اڄ به اھو کوھ موجود آهي جتان ھوءَ پنھنجي ٻڪرين کي پاڻي پياريندي ھئي، ھاڻي ان جي چوڌاري ھڪ ڪامپليڪس ٺاھيو ويو آھي جنھن جو نالو مارئي ڪلچرل ڪامپليڪس آھي.
ٿر واسين کان جڏھن ٿر جون لوڪ ڪھاڻيون ۽ ڳالهيون ٻڌيون ته ايئن معلوم ٿيو ڄڻ ھي الڳ دنيا آهي، چوندا آهن ته ڪارونجهر جي پھاڙي روزانو سوا سير سون پيدا ڪندي آهي، پي ٽي وي جي ڊرامي ۾ عابد علي روحي بانو کي مخاطب ڪندي چيو ھيو تہ "ٿر جي ھوا بابا، ماڻھو کي عاشق بڻائي ڇڏيندي آهي ".
آسمان جو رنگ ھاڻي گلابي ٿيڻ لڳو ھيو، مون ايترو گلابي آسمان پنھنجي زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو ڏٺو ھيو، گمان ھيو ته ٿر جي وارياسي سبب شايد ھر شام ايئن ئي آسمان ٿيندو آهي ۽ آئون پنھنجي گاڏي ڊوڙائيندو اچي رات جو ٻيھر اسلام ڪوٽ ۾ پنھنجي ڪنٽينر روم ۾ پھتس.

~جاري

بدھ، 9 نومبر، 2022

سنڌ جو سفرنامو (حصو چوٿون)

سنڌ جو سفرنامو
حصو چوٿون
ليکڪ عامر مغل
 




عمرڪوٽ گيسٽ ھائوس کان صبح جو سوير نڪري کوکرا پار بارڊر وڃڻو ھيو، ان کانپوءِ واپس اچي عمرڪوٽ قلعو ڏسندي مٺي پھچڻو ھيو.
ھڪ دوست پاڻ ڪراچي ۾ ويٺو ھيو پر اتان ئي سنڌ جي مھمان نوازي واري روايت برقرار رکيو ويٺو ھيو، ان دوست ڇور شھر ۾ پنھنجي ويجھي ساٿي سان منھنجو رابطو ڪرايو ۽ اھو ساٿي منھنجي انتظار ۾ ھيو، ڇور کوکرا پار جي رستي ۾ ھڪ چڱو شھر آھي.
کوکرا پار، ننگرپارڪر ۽ ڏيپلو!
ھي علائقا 1971ع واري جنگ ۾ مڪمل طور تي ڀارت جي قبضي ۾ اچي ويا ھيا جڏھن ته 1965ع واري جنگ ۾ پاڪستان موناٻاؤ واري علائقي تي پاڪستان قبضو ڪيو ھيو، جڏھن ته ڀارت پڻ ان جنگ ۾ ٿر جو 500 ميل رقبو قبضي ھيٺ آندو ھيو، بعد ۾ جنگ بندي جي مختلف معاهدن سبب ٻنھي ملڪن جون فوجون واپس سرحدن تي موٽي ويون.
تقسيم کان بعد 1952ع تائين راجستان کان ايندڙ مسلمان ۽ ھتان ويندڙ ھندو خاندان بغير ڪنهن پاسپورٽ ۽ ويزا جي اچ وڃ ڪندا رھيا، کوکرا پار مھاجرن جي ايتري وڏي ايراضي بڻجي ويو ھيو، جو ڪراچي ۾ ان نالي سان مھاجرن جو ھڪ پورو علائقو آباد ٿيو.


                کوکرا پار ريلوي لائن 

ٿر ايڪسپريس تقسيم کانپوءِ ھن ئي رستي سان سنڌ راجستان جي وچ ۾ ھلندي رھي.
رضا علي نالي دوست ھدايتون ڏيندي چيو ته جڏھن توھان عمرڪوٽ کان فوجي چوڪي ويجهو پھچندؤ ته اوھانکي ھڪ فوجي جو مجسمو نظر ايندو ھي مجسمو جنھن طرف بندوق جو رخ ڪيون بيٺو ھوندو اوھان کي ان طرف اچڻو آهي ان جڳھ کان ٿر جي اصل wilderness شروع ٿي چڪي هئي.
ھي ھڪ ننڍو ۽ ويران رستو ھيو جيڪو ڪجھ ڪلو ميٽرن بعد ختم ٿي ويو.
روڊ تي آئون اڪيلو ھيس، دوست کي ڪال ڪئي پر سمجھ ۾ ڪجھ نه آيو، پوءِ مون روڊ جي کاٻي پاسي ويندڙ رستي جو فيصلو ڪيو، اڌ ڪلوميٽر کانپوءِ مونکي فوجي نظر آيا اھي مونکي ڏسي حيران ٿيا ۽ پڇڻ لڳا اڙي بابا اوھان ڪير ۽ ڪنھن جي اجازت سان ھتي گھمو پيا؟ پنھنجو مقصد بيان ڪريو.
مون به شروع کان آخر تائين پنھنجي رام ليلا ڪھاڻي ٻڌائي ۽ سوچيندو رھيس ته جيڪڏھن ھنن کي يقين نه ٿيو ته اڄ واھ جو ڦاسندس، مونکان اڳ ھڪ رائيڊر ايئن ئي سير و سفر ڪندي ڀارتي جاسوس ھجڻ جي شڪ ۾ پڪڙيو ويو ھيو.
انھن مونکي موٽرسائيڪل کان لھڻ جو چيو ۽ سوال شروع ڪيا، اللہ تعالي ھڪ اڪيلي مسافر جي غيبي مدد ڪئي ۽ انھن کان ھڪ فوجي لاھور جو منھنجو ويجھو رھائشي نڪتو ، ڪجھ ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ ھنن کي تسلي ٿي ته ھي اصل سياح آھي پر رستو ڀلجي پيو آهي.
ھي دراصل ڇور ڪينٽ جي طرف نڪري ويو ھيس، ان ڪارروائي کانپوءِ مون يوٽرن ورتو، سوچيو ته کاٻي نه پر ساڄي پاسي وڃڻو ھيو، اڳيان ھڪ رينجرز چوڪي نظر آئي جتي اھلڪار سمھيل ھيا ته آئون تيز رفتار سان اتان گذري آيس.
ڇور پھچڻ کانپوءِ ڀاءُ رضا طرفان محبت ڀريو آڌرڀاءُ ڪيو ويو، ان کانپوءِ چانھ جو دور ھليو جنھن ۾ ٿر بابت ڳالهيون شروع ٿي ويون، منھنجا سوال ھيا ۽ انھن جا جواب.


              ٿر ۾ ٺھيل مٽيءَ جا گھر

مون ھڪ سوال ڪندي انھن کان پڇيو ته مونکي ٿر اندر ڏھ ٻارھن جھوپڙين جو ڳوٺ ھوندو آھي، اھو ڏسڻو آھي ۽ انھن جو رھڻ ڏسڻو آهي، اھو دوست مونکي واريءَ جي دڙن تي وٺي ويو، مان سمجھندو ھيس ته پھاڙن ۾ رھندڙ ماڻھو ڏکي زندگي گذاريندا آهن پر ھتي پھچڻ کانپوءِ نقطه نظر مٽجي ويو، صحرا وارن کي ڏسندي پھاڙي ماڻھو ته جنت ۾ رھن ٿا.
دوست جي توسط سان اتان جي مقامين جون ڪجھ تصويرون ورتيون، ڪيمرا ڏسي ڪري ننڍڙا ٻار گڏ ٿي ويا ۽ عورتن غير مرد کي ڏسي ڪري مخصوص راجستاني انداز ۾ پردو ڪيو، 

                راجستاني پردي جو انداز

انھن حالتن کي ڏسي ڪري چوندس ته پاڻي زندگي آھي ۽ ٿر ۾ پاڻي ناھي، باقي سڀ جھيڙا بعد ۾ آھن.
حالات جو اندازو ڏسي بطورِ مھرباني آئون انھن جي وس آهر مالي مدد ڪري آيس، ٿر جي سخت گرم ميداني ماحول ۾ سڀ کان وڌيڪ مشقت ھنن عورتن جي حصي ۾ ايندي آهي، ھي پنھنجي ھٿن سان جھوپڙي ٺاھينديون آھن، ڀتين کي ليپ ڪنديون آهن، پري پري کان پاڻي ڀري اينديون آهن ۽ ان کانسواءِ پاڻي ۽ خوراڪ جي شديد کوٽ باوجود ھر سال ٻار ڄڻينديون آھن، ٻارن جي نشونما کان ويندي جانورن جي سار سنڀال تائين جي ذميواري ھنن عورتن جي ھوندي آھي.
واريءَ جي دڙن تي ھلڻ سبب ھاڻي گرمي ۽ اڃ محسوس ٿيڻ لڳي ۽ اسين واپس رھائش گاھ تي آياسين.
رضا نالي دوست جي ڳالهه ڪيون ته مونکي انتھائي خوش محسوس ٿيندي ته ٿر جو ھي باھمت نوجوان ھن پوئتي پيل علائقي ۽ بنيادي سهولتون کان وانجهيل ھجڻ باوجود نه صرف ڪيمسٽري ۾ ماسٽرز ڪري پيو پر شادي شدہ ھجڻ باوجود فيملي کي به سنڀاري پيو.
واپس رھائش گاھ تي اچڻ بعد رضا منھنجي لاءِ مقامي کاڌن جو سان مزين دسترخوان سجايو، جنھن ۾ گھر جا ٺھيل بيسڻ جا مصالحي دار پاپڙ، تريل گوار سميت رائتو شامل ھيا.
ھتي ڇھن سالن جي شاھزين سان ملاقات ٿي جنھن جي گائيڪي پوري محفل لٽي ورتي.


                 ٿر جو روايتي کاڌو

ھن فل آف لائيف ٿر جي ملنساري کانپوءِ مون اجازت ورتي ۽ اڳتي کوکرا پار وارو پلان ڪينسل ڪري بارڊر تي لڳل تار ۽ رينجرز جي چوڪي ڏسڻ جو ارادو ڪيو، ھتان واپسي واري وقت جتي ڪوئي رينجرز اھلڪار موجود نه ھيو اھي ھاڻي نظر آيا، اتي مونکي روڪيو ويو، اھلڪار چيو ته اسان سيٽي وڄائي ھئي پر توھان نه بيٺا جنھن ڪري اسان کي اڳئين چوڪي تي وائرليس پيغام موڪلڻو پيو، مون ھنن کان معذرت ڪري وضاحت ڪندي چيو ته مونکي ان باري ۾ علم نه ھيو.
خير ھتان صورتحال ڪليئر ٿيڻ کانپوءِ عمرڪوٽ واپس پھتس ۽ عمرڪوٽ جو قلعو ڏسڻ ويس.

                 عمرڪوٽ جو قلعو 

عمرڪوٽ جنھن کي مقامي ماڻھو امرڪوٽ به چوندا آھن، جيڪو سنڌ جو ھڪ تاريخي شھر آھي.
ھن شھر ۽ قلعي سان رومانوي ۽ رزميہ داستان جا ڪيترائي ڪردار وابسته آھن، سنڌ جي صوفي شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي رحه جي پنج سورمين مان ھڪ ڪردار مارئي، جيڪا ھتي قيد رھي آھي.
ان کانسواءِ عمرڪوٽ جي چاندي جا زيورات ۽ چوڙيون مشھور آھن.
مغل بادشاه ھمايون افغان کان شڪست کائڻ کان پوءِ ھتي پناھ ورتي هئي ۽ ھتي ئي جلال الدين اڪبر جي پيدائش ٿي ھئي جنھن جو يادگار اڄ به عمرڪوٽ ۾ موجود آهي.
عمرڪوٽ سان گڏ ھڪ خوبصورت جڳهه نظر آئي، اندر ويس ته اتي ھڪ قبر ھئي، ڪتبي تي لکيل تحرير مان معلوم ٿيو ته برٽش دور جي ھڪ ڊپٽي ڪمشنر ھربرٽ ايڊورڊ واٽسن جي آھي.


         ھربرٽ ايڊورڊ واٽسن جو مقبرو

قلعو وزٽ ڪرڻ کانپوءِ دل چاھيو ته ڪنري طرف وڃجي، ٻڌو آھي ته ايشياء جي سڀ کان وڏي مرچ منڊي واقع آهي ۽ ھتي سڀ کان وڌيڪ مرچ پيدا ٿيندي آهي، سوچ ويچار کانپوءِ ڪنري وڃڻ جو پروگرام ڪينسل ڪري ٿر جو وڌيڪ سير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
عمرڪوٽ کان کاڻيو، ڇاڇرو کان ٿيندي اسلام ڪوٽ وڃڻ جو پروگرام ٺھيو، عمرڪوٽ کان کاڻيو ۽ کاڻيو کان ڇاڇرو تائين جيڪو ميلن تائين ڦهليل ٿر ۾ روڊ ملندو آهي اھو شايد ٿر ۾ ڪنھن ٻئي جاء تي نه ملندو، پر ھي روڊ ننڍو، ٽٽل ڦٽل ڪارپيٽڊ، ويران ۽ ھڪ سئو ڪلوميٽر کان وڌيڪ آھي.
کاڻيو پھچڻ کانپوءِ پوليس بيريئر وٽ روڪيو ويو ۽ وضاحت ڏيڻ لڳو ھيس تہ ھڪ ڇوڪرو ڊوڙندو آيو ۽ پوليس واري جي موجودگي ۾ سوال ڪندي چيائين ته اوھان مسلمان آھيو؟
مان ان سوال تي اچانڪ ڪنفيوز ٿي ويس ۽ فقط ھا ۾ جواب ڏنو، ته ھو اڳيان چوڻ لڳو اسين مسجد ٺاھي رھيا آھيون مھرباني ڪري چندو ڏئي وڃو، ايتري ايموشنل بليڪ ميلنگ تي مونکي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ پوليس وارو جيڪو مون ڏانھن خاموشيءَ سان ڏسندو رھيو پوءِ مان سمجھوتو ڪندي سئو روپيو ڏنو جنھن جو مونکي يقيناً ڪوئي ثواب نه ملندو.
ثواب واري اسائنمنٽ مونکي اڳيان ملي، صحرا ۾ ويران روڊ تي ٻه مقامي پريشان نظر آيا جن مان ھڪڙو سفيد ريش بزرگ به ھيو، ويجھو وڃي بائيڪ روڪيندي ھنن کان پڇيو ته ڪنھن مدد جي ضرورت آھي، ھنن جي موٽرسائيڪل نه پئي ھلي مون پاڻ وٽ موجود ٽول ڪٽ سان بائيڪ جو پلگ کوليو جنھن ۾ ڪچرو ڀريل ھيو ان کي ريگمال سان صاف ڪيو ۽ بسم اللہ پڙھندي ٻيھر لڳايو ۽ بائيڪ اسٽارٽ ٿي وئي، اچانڪ ايتري مدد ڪندو ڏسي نه صرف مونکي دعاؤن ڏناؤن پر پاڻ وٽ ھلڻ لاءِ به خواھش ڏيکاريائون چيائون ڇاڇرو کان ويھ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي اسان جو ڳوٺ آهي.
دعائن ڀري رخصت وٺي روح کي راحت پھتي ته وري رينجرز چوڪي اچي وئي ھتي به ساڳي رام ليلا ڪھاڻي ٻڌائڻي پئي، بائيڪر طور تعارف ڪرائڻ تي ھنن جلدي ڇڏي ڏنو ھڪ اھلڪار وڏي سنجيدگي سان استفسار ڪندي پڇيو ته توھان موٽرسائيڪل تي ڪجھ وڪڻندا آھيو؟
خير مون اتان اجازت ورتي ۽ اسلام ڪوٽ طرف موٽرسائيڪل کي موڙيو، رستو ساڳيو ئي ھيو، واريءَ جي دڙن تان گذرندي، ويران روڊ تان گذرندي رات تائين اسلام ڪوٽ پھتس، اتي روڊ ڪناري ھڪ ڪنٽينر نما ھوٽل نظر آيو، سوچيم ته رات ھتي گذارجي، ڪرايو معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته ھڪ رات جا چار ھزار روپيا پر جڏھن سروس ۽ ڪم و بيش لگزري ۽ انتھائي صفائي وارو ڪنٽينر روم ڏٺم ته چار ھزار واري ۾ لڳا ۽ ٻئي رات به مون ان ڪنٽينر ۾ گذاري.
اڄ مونکي چوٿون اجرڪ جو تحفو مليو، ھاڻي مون رائيڊ دوران اجرڪ مستقل طور تي ڳچي ۾ اوڙھي ڇڏي ھئي ته جيئن ڪوئي اھو سوال نه ڪري ته ڇا توھان فورسز سان تعلق رکندڙ آھيو؟

~جاري

پیر، 7 نومبر، 2022

سنڌ جو سفرنامو (حصو ٽيون)

سنڌ جو سفرنامو
حصو ٽيون
ليکڪ عامر مغل




قاضي احمد کان نوابشاهه تائين روڊ نيشنل ھائي وي کان بھتر ھيو، مغرب کان ٿورڙو اڳ ۾ نوابشاهه شھر پھتس، نوابشاهه آصف علي زرداري جو شھر آھي ۽ سرڪاري طور تي ضلعو شھيد بينظير آباد سڏيو ويندو آهي.
علي عمران ھندل (دوست) پنھنجي آفيس جي لوڪيشن موڪلي جنھن کي ڏسندي ان وٽ پھتس ته ان نھايت ئي گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ چيائين ڪجھ دير ھتي ويھي پوءِ گھر ھلون ٿا توھان گيسٽ ھائوس جو خيال ذھن مان ڪڍي ڇڏيو ھاڻي توھان منھنجا مھمان آھيو.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ھن وقت تائين سنڌ ۾ ملندڙ دوستن سان صرف فيس بڪ تائين سڃاڻپ ھئي ۽ اسين ھڪ ٻئي سان زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ملي رھيا ھئاسين.
رات علي عمران جي ميزباني ۾ گذري جتي ھڪ ٻئي دوست کي به گھرائي ورتوسين ۽ ايئن ئي سنڌ جي سياحت، ثقافت، سياست ۽ تاريخي منظرن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رھي، ھتي مونکي ٻن پيارن طرفان اجرڪ جو تحفو مليو.
صبح جو لذيذ ناشتو ڪرڻ کانپوءِ علي عمران مونکي سانگھڙ جي رستي طرف رھنمائي ڪئي ۽ ان رستي تائين پھچايو، آئون ھتان سانگھڙ روانو ٿيس.
سانگھڙ ۾ گھڻو ڪجھ ڏسڻ جو شوق ھيو جھڙوڪ چوٽياريون، لوڻ جي کاڻ، اڇڙو ٿر، پر سڄي شوق تي پاڻي ڦيريندي علي عمران جي ڏسيل رستي تي سنڌڙي طرف نڪري پيس، مرحوم محمد خان جوڻيجو جي ڳوٺ ۽ جتان سنڌڙي انب مشھور ٿيو، سنڌڙي ڳوٺ ۾ پھتس ته ڪيترائي نوجوان رستي ۾ سنڌڙي جا مشھور پڪوڙا وڪرو ڪندي نظر آيا.
نوابشاهه کان سانگھڙ ۽ سانگھڙ کان ميرپورخاص تائين سٺو روڊ ھيو جيڪو ان ڳالهه جي مخالفت ڪري رھيو ھيو ته سنڌ جي روڊن جي حالت بدتر آھي، سنڌ جي قومي شاهراهن تي NHA وارن کي توجه جي ضرورت آھي جتي ٽريفڪ لوڊ تمام گھڻو آھي خصوصاً ڪارگو ۽ واپار جو لوڊ!
باقي ننڍا روڊ پنھنجي لوڊ جي حساب سان سٺا ٺھيل آھن ۽ ڳوٺن ۾ اھڙا روڊ نظر آيا جيڪي ٽٽل ڦٽل ھيا جيئن پنجاب جي ڳوٺن ۾ ھوندو آھي.
ھڪ ٻي شئي جيڪا مون نوٽ ڪئي ته سنڌ جي شھرن جي اندروني ميٽروپوليٽن روڊن جي حالت ۽ صفائي سٿرائي جو نظام صحيح ناھي، باقي ھر شھر ۾ گھٽ ۾ گھٽ مين چؤڪ تي الله تعالي جي 99 نالن جو مينار نصب ٿيل نظر آيو.
منجھند تائين سانگھڙ کان ميرپورخاص پھتس ۽ اڄ ڪوشش ھئي ته عمرڪوٽ کي گھمي وٺان اڃا عمرڪوٽ طرف نڪتو ئي ھيس تہ ھڪ ٻئي دوست جي محبت ڀري ڪال آئي جنھن ڪري ٽنڊوالهيار طرف وڃڻو پيو.
ميرپورخاص کان ٽنڊوالهيار ۽ ٽنڊوالهيار کان حيدرآباد تائين روڊ بھترين آھي، آئون تقريباً 20 منٽن ۾ ميرپورخاص کان ٽنڊوالهيار پھتس، اتي پھچڻ کانپوءِ دوست انتظار ۾ھيو، ھر ھڪ سان تعارف کانپوءِ مونکي ھڪ اھڙي پوائنٽ تي وٺي ويو جتان ريلوي لائن نھر جي اندران گذرندي ھئي.


                 سائفن جي مقام تي لڳل پٽڙي 

اھڙي تعمير کي سول انجنيئرنگ ۾ سائفن چوندا آهن اھو به ھڪ منفرد خيال ھيو جنھن تي انگريزن جي 1931ع جي پٽڙي لڳل ھئي.
ھن چئن ڏينھن ۾ منھنجو تاثر ايترو پختو ٿيو ته سنڌ ھر ڪميونٽي جي سياسي شعور جو ايڪٽوازم پنجاب جي نسبت کان وڌيڪ آھي، ۽ ھي صرف منھنجي سفر جو تاثر آھي.
ان کان بعد اسين ڪيلن جي باغ ۾ وياسين، ميرپورخاص کان حيدرآباد تائين شاھراھ تمام خوبصورت آھي ۽ ٻنھي طرفن 
کان ميلن تائين ڪيلن ۽ انبن جا باغن جا نظارا ڏسڻ وٽان آھن، 




پنجاب ۾ چٽيل ڪيلو ھن زرخيز مٽيءَ جي سوغات آهي ھن جو فصل نوابشاهه، ميرپورخاص ۽ ٽنڊوالهيار کي اطراف ۾ موجود آهي، مونکي زندگيءَ ۾ پھريون ڀيرو خبر پئي ته ڪيلي جو ٻوٽو زندگيءَ ۾ فقط ھڪ ڀيرو ميوو ڏيندو آهي ان کان بعد ان کي ڪٽيو ويندو آهي.
ٽپھري تقريباً ٽي بجي کانپوءِ اتان اجازت وٺي اڳتي نڪري پيس، ھتان مونکي ٽيون اجرڪ ۽ ننڍڙي گلن جھڙي ٻارڙيءَ کان گلن جو گلدستو موصول ٿيو، گلدستو گاڏيءَ تي سجائيندي واپس ميرپورخاص پھتس ۽ اتان عمرڪوٽ لاءِ نڪري پيس.




ميرپورخاص کان عمرڪوٽ تائين روڊ جي حالت تمام خراب ھئي، مونکي پھچندي پھچندي عشاء جو وقت ٿي ويو، شھر جي داخلي رستي سان گڏ ئي مونکي ٻن گيسٽ ھائوسز جو بورڊ نظر آيو، قيام جو فيصلو ھڪ مقامي دوست جي چوڻ تي غوثيه گيسٽ ھائوس ۾ ڪيو، غير متوقعه طور تي ھڪ ننڍي شھر ۾ تمام سٺي سروس ۽ صفائي سٿرائي وارو گيسٽ هائوس ھيو، صبح جو چيڪ آؤٽ ڪرڻ وقت بل ٽوٽل 2300 روپيا آيو جيڪو ادا ڪرڻ کانپوءِ اڳتي سفر کي وڌايو.
مونکي گھر کان نڪرندي چار ڏينهن گذري چڪا ھيا ۽ ھاڻي آئون ٿر جي سريلي ۽ مٺي ھوائن ۾ پھچي چڪو ھيس.

~جاري