جمعرات، 28 اکتوبر، 2021
سنڌ جي اڙدو آباديءَ ڏانھن خط
سنڌ جي اڙدو آبادي ڏانهن کُليل خط.
شھريار ڪيريو
سنڌي ۽ اڙدو ڳالهائيندڙ آبادين وچ ۾ شروع کان وٺي ڪافي ڳالھين تي ٽڪراءُ ٿيندا رهيا آهن، انھن ۾ عام طور تي اھو تاثر ڏنو ويندو آھي تہ اڙدو آبادي سنڌين جي دشمن آھي يا سنڌي ڳالهائيندڙ اڙدو آبادي جي دشمن.
حقيقت ان جي ابتڙ آھي، اسان ماضي ۾ نظر وجھون ٿا تہ ڏسون ٿا 1947 تائين ۾ ٿيل ستم گيري ۾، ھندستان توڙي سنڌ مان لڏپلاڻ شروع ٿي جن مان سنڌي ھندو لڏپلاڻ ڪري ھندستان ويا تہ اڙدو ڳالهائيندڙ لڏي سنڌ ۾ اچي رھائش پزير ٿيا ھئا, غيرفطري طور ٿيل ورهاڱو ڪافي ڳرو لڳو.. خير پوءِ اڳتي هلي سامراج پاران پنهنجا قومي, گروهي مفاد حاصل ڪرڻ لاء آھستہ آھستہ ٻنھي ڌرين وچ ۾ باھ ڀڙڪائي وئي جنھن جا شعلا 1988 ۾ سنڌي-مھاجر فساد ۾ ڏسڻ ۾ آيا جنھن ۾ ٻنھي ڌرين وچ ۾ بي انتها نفرت کي پروان چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ھئي. پر عام اڙدو ۽ سنڌي ڳالھائيندڙن ان سازش کي ناڪام ڪيو ساڳي ئي ٻي لھر 1990 ۾ ڏسڻ ۾ آئي ۽ رتوڇاڻ ٿي پر وري بہ عام عوام ان کي نندي ناڪام ڪيو، ساڳي طرح وقتن بوقتن فساد ڪرائڻ جي پوري پوري ڪوشش ٿيندي آھي پر ھر دفعي انھن کي شڪست آلوده ٿيڻو ٿو پئي. سنڌي توڙي اڙدو ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ اڪثر فساد ان ڪري ڪرايا ويندا آهن جيئن ھو اصلي (سنڌ جي قومي) مسئلن کان پري رھن ۽ انهن کي ويڙه ۾ مصروف رکي سگهارا ھٿ پنھنجو ڪم ڪڍي ويندا آھن ان حوالي سان محترم خاڪي جويو اسان کي انھن جون چالبازي سمجھائيندي لکي ٿو تہ:
"جڏھن بہ سنڌ جي حقن تي ڪو وڏو ڌاڙو ھڻڻو ھوندو آھي ته سنڌ جي ورهاڱي جو شوشو اٿاريو ويندو آھي. ھڪ طرف سگھارن ھٿن جي اشارن تي مهاجرن جي تنظيمن کي سنڌين ۽ سنڌ جي خلاف ڳالهائڻ جو پروانو ڏنو ويندو آھي ۽ ٻئي طرف وري اھڙين ئي سنڌين جي جوڙيل تنظيم جي ماڻھن کي ميدان ڪارساز ۾ لاٿو ويندو آھي ۽ پوءِ ھڪ سٽيل سٽاءُ موجب ٻہ چار سنڌين جا ماڻھو مارايا ويندا آھن ۽ ٻہ چار مهاجرن جا ۽ پوءِ اھڙي نموني سنڌين ۽ مھاجرن جي جھيڙي جي شروعات ڪرائي ويندي آھي"
اھڙي طرح سنڌي ۽ اڙدو ڳالهائيندڙن جي پاڻ ۾ ڄُنڊا پٽ ۾ نقصان ھميشہ سندن ٿيو آھي جڏھن تہ فائدو ھميشہ غيبي ھٿن کي ٿيو آھي.
اسان (سنڌي توڙي اڙدو آبادي) کي سمجھڻو پوندو تہ پنھنجا حقيقي دشمن اڃان ٻيا آهن جيڪي اسان کي ڪٽپتلين جيان ھلائي, پاڻ ۾ فساد ڪرڻ لاء هميشه آتا ٿا رهن. سنڌ جي ٻنهي مستقل آبادين کي پراڻا ويڇا وساري ھڪ ٻئي ڏانھن پنهنجائپ ۽ ڀائپي وارو ھٿ وڌائڻي هڪ قوم ٿيڻو پوندو ڇو ته نجات صرف ان ۾ آھي. اسان پنھنجي اڙدو ڳالهائيندڙ سنڌي ڀائرن کي سڏ ٿا ڏيون تہ اچو ۽ مادر وطن لاءِ گڏجي ڪوشان ٿيو ڇو تہ ھاڻي توھان ۽ اسان جو وطن اھو ئي آھي. پنھنجي ڌرتي ۽ مفاد، توڙي دشمن ساڳيا آھن. ھي وقت منتشر ٿيڻ جو نہ متحد ٿيڻ جو آھي جيئن متحد ٿي سنڌ وطن جي آجپي, آزادي ۽ خوشحاليء ۾ پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪري سگهون.
سبسکرائب کریں در:
تبصرے شائع کریں (Atom)
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں