جمعہ، 29 اکتوبر، 2021

ٽوڙھي ڦاٽڪ سانحو


17 آڪٽوبر 1984ع ٽوڙهي ڦاٽڪ سانحو 
مڪمل تاريخ ۽ پس منظر



ذوالفقار قادري




1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ سان ڪو سهمت هجي يا نہ هجي پر ان تحريڪ ۾ سنڌي ماڻھن جي تاريخي ڪروڌ ۽ ويڙھہ نہ صرف جنرل ضياء جون وايون بتال ڪيون پر عالمي سطح تي سنڌ جي هڪ نئين مزاحمتي روپ کي اجاگر ڪريو ٖ  ايم آر ڊي تحريڪ جي خاتمي تي جنرل ضياء سنڌي ماڻھن کان پلئہ وٺڻ خاطر سنڌ جي ڪور ڪمانڊر ۽ زون ( سي ) جي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ليفٽننٽ جنرل ايس ايم عباسي کي هٽائي ليفٽننٽ جنرل جهانداد خان کي ڪور ڪمانڊر 5 ڪور ۽ سنڌ جو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ٖ ان بعد جلد ئي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ هڪ سازش تحت شاگرد ڌرين درميان پاڻ ۾ خوني ويڙھہ شروع ڪرائي وئي ٖ 1983ع وارن ڏينهن ۾ شفيع محمد ڪرناڻي جساف جو مرڪزي صدر هو ٖ پر اڳتي هليٖ 1984ع ۾ شفيع ڪرناڻي جي جا۽ تي جڏھن گل محمد جکراڻي جساف جو صدر بڻيو تہ گل محمد جکراڻي جي صدارت وارو دور سموري سنڌ خاص طور سنڌ يونيورسٽي ٖ ايل ايم سي ڄامشورو ٖ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور ٖ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ٖ لطيف يونيورسٽي خيرپور ٖ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاه ٖ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو شاگردن ڌرين وچ ۾ هٿياربند جهيڙن جو دور رهيو ٖ ڪراچي ۾ 14 آگسٽ 1984ع تي سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ( ايس ايم سي ) هاسٽل تي هڪ واقعو ٿيو حڪومتي بربريت خلاف جڏھن سنڌي شاگردن هاسٽل تي ڪارا جهنڊا لهرايا تہ ضياء حمايتي هڪ غير سنڌي شاگرد تنظيم وارن کي اها ڳالهہ نہ وڻي ۽ انهن هڪ منظم سازش ھيٺ سنڌي شاگردن تي حملو ڪيو جنهن ۾ ھڪ سنڌي شاگرد حنيف ميمڻ شھيد ٿي ويو مورڳو سنڌي شاگردن جو گهيراؤ ڪري برما جيسراڻي ٖ ويرسي مل ٖ اسلم پرويز ٖ بابر جمالي سميت اڍائي سؤ شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو بعد ۾ سڀ ڇڏيا ويا باقي برما جيسراڻي ٖ ويرسي مل ٖ اسلم پرويز ٖ بابر جمالي ۽ ٻيا لانڍي جيل موڪليا ويا جيڪي طويل عرصو جيل رهيا 17 آڪٽوبر 1984ع ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي کان اڳ جساف ٖ سپاف ۽ بي ايس او وچ ۾ جهيڙن ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ميراشتياق ٽالپر ۽ روپ چند نالي شاگرد مارجي چڪا هئا ٖ سپاف لاڙڪاڻي جي ضلعي صدر صفي الله جوکيو کي گوليون هڻي شديد زخمي ڪيو ويو  سنڌ ۾ سپاف ۽ جساف درميان شديد ڇڪتاڻ واري صورتحال هئي ان دوران جساف ڪارڪنن چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ “ جشن لطيف “ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ۽ 17 آڪٽوبر 1984ع تي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پروگرام ۾ شرڪت واسطي سنڌ يونيورسٽي ٖ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ ايل ايم سي ڄامشورو جا اٽڪل ڏيڍ سؤ جي لڳ ڀڳ شاگرد بسن ۾ سوار ٿي ڄامشورو کان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو اچي رهيا هئا تہ مانجهند ۽ کاڻوٺ درميان انڊس ها۽ وي تي ٽوڙھي ڦاٽڪ جي پٿريلي ۽ سنسان علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز بسن تي فائرنگ ڪري ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ پنج نوجوان عبدالمالڪ خشڪ ٖ ذڪريا ميمڻ ٖ امان الله وسطڙو ٖ انور عباسي ۽ سنڌ يونيورسٽي سينٽرل ڪينٽين جو پورهيت مٺو بليدي شھيد ٿي ويا ڪئين زخمي ٿيا ۽ سو کان مٿي شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو فوجي سرڪار سنڌ جي اطلاعات کاتي معرفت هڪ هينڊ آؤٽ جاري ڪيو تہ انتهائي مطلب ڏوهارين ۽ فورسز درميان مقابلي بعد پنج ڏوهاري مارجي ويا جڏھن مختلف ڏوهن ۾ گهربل گل محمد جکراڻي ٖ ستار موريو کي سندن ٽولي سميت گرفتار ڪيو ويو آھي ٖ ان واقعي خلاف سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ احتجاج ٿيو سنڌ ۾ تاريخي ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي وئي لاڙڪاڻي ۾ احتجاج دوران پوليس فائرنگ ۾ جساف ڪارڪن امير شاه شھيد ٿيو شديد احتجاج جي نتيجي ۾ گرفتار شاگردن جي اڪثريت کي آزاد ڪيو ويو جنرل ضياء سرڪار ٽوڙھي سانحي ڪيس جي اسيرن تي ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلائڻ پئي چاهيو پر سنڌ ۾ شديد احتجاج جي نتيجي ۾ سرڪار سنڌ ھا۽ ڪورٽ جي جسٽس عبدالرزاق ٿهيم جي سربراهي ۾ هڪ عدالتي ٽريبونل جوڙيو جنهن جون شروعاتي سماعتون حيدرآباد ۾ ٿيون بعد ۾ ٽريبونل جي ڪاروائي ڪراچي ۾ ٿيندي رهي مارچ 1985ع غير جماعتي چونڊن جي نتيجي ۾ محمد خان جوڻيجو ملڪ جو وزيراعظم چونڊجي آيو جنهن ڊسمبر 1985ع ۾ ملڪ مان مارشلا لا هٽائي ملٽري ڪورٽون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو اسير شاگردن گل محمد جکراڻي ٖدودو مهيري ٖ ستار موريو ٖ عمر الدين زرداري ٖ سڪندر ميراڻي ٖ درياء خان اقبال تونيو ۽ نظير تونيو ٖ سليمان جتوئي تي هٿيارن ٖ اغوا ٖ ڀڃ ڊاه سميت مختلف ڪيس داخل ڪيا ويا هئا سندن ڪيس جسٽس عبدالرزاق ٿهيم جي ٽريبونل ۾ ھلندو رهيو جتي گل محمد جکراڻي جسٽس عبدالرزاق ٿهيم  ٽربيونل ۾ پنهنجو تاريخي بيان لکت ۾ جمع ڪرايو جيڪو بعد ۾ “ تاريخ اسان سان انصاف ڪندي” جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيو ٽوڙهي ڦاٽڪ ڪيس جي اسيرن جي پيروي ڪندڙ وڪيلن ۾ ماما يوسف لغاري ٖ عبدالحفيظ پيرزادو ٖ مجيب پيرزادو ، حفيظ لاکو ٖ اڳوڻو سينيٽر مرحوم حسين شاھہ راشدي ٖ نورالدين سرڪي ٖ نعمت الله قريشي ۽ چاچا حفيظ قريشي ٖ نورالحق قريشي ٖ اعجاز هڪڙو ٖ پرويز قريشي شامل ھئا ٖ 17 آگسٽ 1988ع تي جنرل ضياء هڪ فضائي حادثي ۾ مري ويو ٖ 16 نومبر 1988ع تي ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيون جنهن ۾ پ پ سرسي حاصل ڪئي ٖ 2 ڊسمبر 1988ع تي محترمہ بينظير ڀٽو صاحبہ ملڪ جي وزيراعظم بڻي ٖ مارچ 1989ع ۾ ٽوڙھي سانحي جا سڀ اسير ضمانت تي آزاد ڪيا ويا ٖ واقعي واري هنڌ بعد ۾ ٽوڙھي ڦاٽڪ جي شهيدن جو هڪ يادگار تعمير ڪيو ويو جيڪو هاڻي زبون حالت ۾ آھي
ٽوڙي ڦاٽڪ ڪيس جي اسيرن جو مختصر پروفائيل
1 - گل محمد جکراڻي جساف جي ڪارڪن کان مرڪزي صدر جي عهدي تي فائز رهيو قومي ڪارڪن کيس عزت جي نگاه سان ڏسندا هئا هو ان وقت گهڻن ئي نوجوانن جو آئڊيل هو ٽوڙهي ڦاٽڪ ڪيس مان آزاد ٿين بعد اڳتي هلي جيئي سنڌ کان علحدگي اختيار ڪري ممتاز علي ڀٽو جي سنڌ نيشنل فرنٽ ۾ شموليت ڪئي بعد ۾ فرنٽ تان بہ استعفئ ڏئي 23 ڊسمبر 2007ع تي آغا سراج دراني ٖ اياز سومرو ٖ خورشيد جوڻيجو ۽ جميل سومرو جي معرفت نئون ديرو ۾ محترمہ بينظير ڀٽو صاحبہ سان ملاقات ڪري پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ اڳتي هلي پ پ ٽڪيٽ تي ڪنڌڪوٽ ڪشمور تڪ تان ايم اين اي بڻيو ٖ ۽ هينئر پ پ پ سان وابستہ آھي
2 - ستار موريو جساف جي ڪارڪن کان مرڪزي اڳواڻ تائين پهتو زندگي جو طويل عرصو جيل ۽ روپوشي ۾ گذاريائين ٽوڙھي واقعي کان پو۽ اڳتي هلي جيئي سنڌ کان عليحدگي اختيار ڪري علي حيدر شاه سان گڏ مير مرتضئ ڀٽو جي پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ٖ مير مرتضئ ڀٽو جي شھادت بعد آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري پ پ ۾ شموليت ڪيائين ۽ کيس پ پ ضلع لاڙڪاڻي جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو ٖ ستار موريو ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد 6 سيپٽمبر 2017ع تي هي فاني جهان ڇڏي لاڏاڻو ڪري ويو ٖ 
3 - ڊاڪٽر دودو مهيري طويل عرصو جساف سان سلهاڙيل رهيو ٽوڙي ڦاٽڪ واقعي ۾ اسير رهيو آزادي بعد مختلف قوم پرست ڌڙن سان وابستہ رهيو ٖ هو ڳجهن ادارن پاران کنڀيو بہ ويو طويل عرصو گم ڪيو ويو ڊاڪٽر قادر مگسي ٖ سيد جلال محمود شاهہ سان سياسي سفر ۾ گڏ رهندڙ بعد 2018ع جي عام چونڊن دوران پ پ ۾ شامل ٿي ويو آھي
4 - عمر دين زرداري دادو لڳ ڪڪڙ ويجهو ڳوٺ سهراب زرداري جو ويٺل هو ٖ جساف جو متحرڪ اڳواڻ رهيو مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ميڪينل انجنيئرنگ آخري سال جو شاگرد هو لکيل پڙھيل نظرياتي ڪارڪن هو قومپرست سياست ۾ ھو سوشلزم جو وڏو حامي رهيو جيل ۾ بہ هو ليڪچر ۽ تحريرن ذريعي جدوجهد جاري رکندو هو ٽوڙھي ڦاٽڪ واقعي جو اسير رهيو جيل مان آزادي بعد ڪجهہ عرصو خاموش رهيو اڳتي هلي ڪجهہ عرصو ذاتي تعلق سبب آصف علي زرداري جو ويجهو بہ رهيو پر ڪو بہ مالي فائدو حاصل نہ ڪيائين ۽ نہ ئي پ پ ۾ شامل ٿيو آخر ۾ شديد بيمار رهيو ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ گوشہ نشيني واري زندگي گذارڻ لڳو آخر مئي 2018ع ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو
5 - نظير تونيو اڃا تائين فڪر سائين جي ايم سيد سان سلهاڙيل آھي پر سياست ۾ عملي طرح سرگرم ناهي هو پنهنجي شهر قمبر جي شهري اتحاد جو سرگرم اڳواڻ آھي سماجي ۽ فلاحي ڪمن ۾ هٿ ونڊائي ٿو ٖ 
6 - سڪندر ميراڻي لاڙڪاڻي جي بهار پور محلي جو رهواسي آھي سموري جواني جساف سان رهيو آزادي بعد ڪجهہ عرصو سرگرم رهيو پر ھاڻ ايترو سرگرم ناهي پر اڃا تائين سائين جي ايم سيد جي نظرئي سان لاڳاپيل آھي
7 - اقبال تونيو عرف دريا خان جساف جو متحرڪ اڳواڻ رهيو ٽوڙي ڦاٽڪ ڪيس مان آزادي بعد ڪافي عرصو سرگرم رهيو بعد ۾ بيماري سبب گوشہ نشين ٿي ويو ۽ آخر لاڏاڻو ڪري خالق حقيقي سان وڃي مليو
8 - سليمان جتوئي اصل لاڙڪاڻي لڳ آباد جتوئي ڳوٺ جو رهواسي آھي جساف جي مرڪزي عهدن تي فائز رهيو  ٖ سليمان جتوئي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو جو گريجوئيٽ آھي ٖ جيل مان آزادي بعد ايڪسائيز کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو ڪجهہ عرصو اڳ ايڪسائيز کاتي مان رٽائرڊ ٿيو آھي اڄ ڪلهہ ڪراچي ۾ رهي ٿو ۽ سياست ۾ سرگرم ڪونهي پر فڪري طور اڃا سائين جي ايم سيد جي نظرئي سان سلهاڙيل آھي

کوئی تبصرے نہیں:

ایک تبصرہ شائع کریں