جڏھن پاڪستان جو پهريون مارشل لا لاڳو ڪيو
ويو
ذوالفقار قادري
قائد اعظم محمد علي جناح جي وفات بعد فوجي آفيسرن ۾ عهدن جي رسا ڪشي شروع ٿي وئي وزير اعظم لياقت علي خان جي وزارت اعظميٰ وارن ڏينهن ۾ جنرل اڪبر خان ۽ جنرل نذير جي راولپنڊي سازش ڪيس ۾ گرفتاري ۽ هٿياربند فوج جي ٻن موسٽ سينئر جنريلن جنرل افتخار خان ۽ جنرل يوسف جي هڪ فضائي حادثي ۾ وفات بعد جنرل ايوب خان جي ڪمانڊر انچيف جي راهه هموار ٿي وئي . آخرڪار 17 جنوري 1951ع تي وزير اعظم لياقت علي خان جنرل ايوب خان کي پاڪستان جي هٿياربند فوج جو نئون ڪمانڊر انچيف مقرر ڪري ڇڏيو. 16 آڪٽوبر 1951ع تي وزيراعظم لياقت علي خان جي قتل بعد ملڪ اقتدار جي کچڻي بڻجي ويو. ٿوري عرصي ۾ خواجه ناظم الدين، محمد علي بوگره ، حسين شهيد سهروردي، آئي آئي چندريگر، فيروز خان نون ۽ غلام محمد تائين ملڪ ۾ ڪيترا ئي گورنر جنرل ۽ وزير اعظم تبديل ٿيندا رهيا. آخرڪار 7 آگسٽ 1955ع تي گورنر جنرل غلام محمد کان استعيفيٰ وٺي اسڪندر مرزا گورنر جنرل بڻجي اقتدار تي قبضو ڪري ڇڏيو اسڪندر مرزا اڳتي هلي ملڪ مان گورنر جو عهدو ختم ڪري 23 مارچ 1956ع تي پاڪستان جو پهريون صدر بڻجي ويو اسڪندر مرزا پنهنجي اقتدار واري عرصي ۾ پنجن وزيراعظمن کي برطرف ڪيو وري 7 آڪٽوبر 1958ع تي صدر اسڪندر مرزا وزيراعظم فيروز خان نون کي برطرف ڪري ملڪ ۾ مارشل لا نافذ ڪري، هٿياربند فوج جي ڪمانڊرانچيف جنرل ايوب خان کي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري ڇڏيو. اڳتي هلي اسڪندر مرزا 24 آڪٽوبر 1958ع تي جنرل ايوب خان کي ملڪ جو وزيراعظم نامزد ڪيو ۽ سندس فوجي ملازمت جي مدي ۾ به واڌارو ڪيو جنرل ايوب خان وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻڻ کان پو۽ پنهنجي ڪابينہ جوڙي جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ٖ ليفٽننٽ جنرل اعظم خان ٖ ليفٽننٽ جنرل واجد علي برڪي ٖ ليفٽننٽ جنرل ڪي ايم شيخ ٖ منظور قادر ٖ ايف ايم خان ٖ حبيب الرحمان ٖ ابوالقاسم ٖ حفيظ الرحمان ٖ محمد شعيب ۽ مولوي محمد ابراهيم کي وزير طور کنيو صرف ٽن ڏينهن بعد جنرل ايوب خان 27 ۽ 28 آڪٽوبر 1958ع جي رات تي برگيڊيئر بهادر شير ۽ برگيڊيئر نوازش ذريعي زبردستي اسڪندر مرزا کان استعيفيٰ وٺي ملڪ جوحاڪم بڻجي ويو. ايوب خان يارهن ورهيه ملڪ جو حاڪم رهيو، پر جڏهن هن وردي لاهي فوجي اختيار جنرل موسئ حوالي ڪيا ۽ پاڻ فيلڊ مارشل بڻيو ته سندس گرفت ڪمزور ٿي جنرل ايوب خان پاڪستان تي يارهن سال حڪمراني ڪئي آخر هڪ ڀرپور عوامي تحريڪ ۽ احتجاج بعد استعفئ ڏئي گهر ڀيڙو ٿي ويو ۽ اقتدار جنرل يحيئ خان حوالي ڪيائين
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں