اياز لطيف پليجو
نوجوانو! پڙھو، ڪم سکو ۽ ٻاھر نڪرو. انجنيئرنگ، وڪالت، ميڊيڪل، بزنس، آءِ ٽي پڙھو. سي ايس ايس، سي اي، ٽيڪنيڪل ڊپلوماز، اسٽيوٽا ڪورسز، اسڪل ڊولپمينٽ ٽريننگز ڪيو. انگلش سکو، چائنيز، جرمن، عربي، رشين، اسپينش ۽ فرينچ سکو، فورسز جوائن ڪيو، فارين اسڪالرشپز جا امتحان ڏيو. ڳوٺن مان وڏن شھرن ۾ اچو، پرڏيھ وڃو، ڪاروبار ڪيو. روزگار ۽ اقتصادي ترقيءَ جو ٻيو ڪو به رستو ناھي.
گھر ويٺل سنڌيو، مھرباني ڪري اوھانجي مطالبن ۽ شرطن جي طويل لسٽ ڇڏي، ھمٿ ڪري ٻاھر نڪرو. چيلينجز ۽ مشڪلاتن کي پاڻ منھن ڏيڻو پوندو آھي. ھي جيڪي لکين ڪامياب سنڌي مختلف شھرن، ڌنڌن، نوڪرين ۽ ٻين ملڪن ۾ آھن، انھن به اھا اقتصادي، تعليمي ۽ سماجي ترقي پاڻ بيپناھ محنتون ڪري، تڪليفون سھي، حاصل ڪئي آھي. جيسين سنڌ جا عام نوجوان، بيپناھ محنت، علم، ڪاروبار، ميرٽ ۽ پرامن عوام دوست سياست سان نه جڙندا تيسين رڳو روڄ پِٽڪو پيو ھلندو.
پڙھنداسين ته پوءِ نوڪري ڪيئن ملندي؟
شھر اچون ته ڪنھن وٽ رھون؟
نوڪري ڪير وٺي ڏيندو؟
پڙھائي لاءِ ڏوڪڙ ڪٿان آڻيون؟
ڪراچي ۾ يا ٻاھر رھندڙ سنڌي اسانجي ڪھڙي مدد ڪندا؟
سفارش ڪٿان آڻيون؟
توھان ڪھڙي ھيلپ ڪندا؟
ڪاروبار لاءِ پئسو ۽ شھر ۾ ٺڪاڻو کپي؟
زمانو ظالم آھي، ڪير ڪنھنجو ناھي!..... وغيره وغيره ...
پنھنجين اھڙين مٿين ڳالھين تي ھاڻ ماڻھو کلن ٿا.... موبائيل فون وٺون ٿا، نوان ڪپڙا سبايون ٿا، موٽر سائيڪل ۾ تيل وجھايون ٿا، موبائيل ڪارڊ وٺون ٿا، ھوٽلن تي چانھن پيون ٿا، فلمون ڏسون ٿا، سگريٽ، گٽڪا، سوپاريون، ٺرا، پان واپرايون ٿا، شادين ۾ پوئا ڏيون ٿا، باقي تعليم ۽ ڌنڌي لاءِ اٽي ۾ جھليا پيا آھيون.... مھرباني ڪري ٻاھر نڪرو، پڙھو، ڪاروبار ڪيو ۽ ميرٽ تي مقابلو ڪيو. پنھنجي مدد پاڻ ڪرڻي پوندي، ٿوري تڪليف سھو، ٿورا مستقل مزاج ٿيو، ٿوري ھمٿ ڪيو. پوءِ ڏسجو سڄو تر، سڄو ڳوٺ، سڄو پاڙو، سڄو راڄ ڀاڳ اوھانجي محنت ۽ ڪاميابي جا مثال پيو ڏيندو....
سنڌ ۾ ھڪڙي مزيدار مخلوق آھي، انھن کي نه پاڻ ڪجھ ڪرڻو آھي نه ٻين کي ڪجھ ڪرڻ ڏيندا، اھا ”متيون منجھايو تبرا ڪميٽي“ رڳو سڄي سنڌ کان پئي آڏيون پڇائون ڪندي، ته ”ھِن ھينئن ڇو ڪيو؟ ھُن هينئن ڇو چيو؟“ باقي پاڻ چُرڻ يا ڪو مثبت ڪم ڪرڻ کان سندن آڱوٺو ھوندو. انھن کي ڇڏي ڏجي ته ڀلي اُٺ وانگر ترڪڻ ۾ مصروف ھجن. جي انھن کي جواب ڏبا يا وضاحتون ڪبيون ته ھو وڌيڪ خوش ٿيندا ته ڏٺو اسين پنھنجي ڌنڌي ۾ ڪامياب ٿي وياسين.
انھن ۾ يا ته اھا سمجھ ئي ناھي ته ڪھڙي ڳالھ روزگار جي ڪنٽيڪسٽ ۾ آھي ڪھڙي علم جي، ڪھڙي صحت جي ۽ ڪھڙي سفر جي، يا وري اھي مڪمل بدنيت ۽ عوام دشمن پگھاردار آھن، جيڪي ڄاڻي واڻي سنڌين کي اقتصادي طور تباھ ۽ علمي طور برباد رکڻ چاھين ٿا.
اِھي اُھي عوام دشمن واندا پارٽي آھن، جو ڪڏھين واٽ ويندي انھن کي نيڪ نيتي سان صلاح ڏيندو ته ”ٻيا سڀ گوشت، سڻڀ، لوڻ ۽ کنڊ ڇڏي ڀينڊيون، پالڪ يا گوبي وڌيڪ کائو“ ته ھو مانيءَ جو ريفرينس ۽ ڪنٽيڪسٽ کي سمجھڻ بدران چوندا، ”واھ اياز لطيف صاحب واھ، رڳو ڀينڊيون، گوبي ۽ پالڪ کائون، علم نه حاصل ڪيون، عبادت نه ڪيون، گھر نه ٺھرايون، گاڏي نه وٺون، ٻار نه پاليون، بس رڳو چوويھ ڪلاڪ ڀينڊيون، گوبي ۽ پالڪ پيا کائون“
يا وري جي انھن کي صلاح ڏبي ته ”چاليھ منٽ روز پنڌ ۽ ورزش ڪيو،“ ته چوندا، ”واھ اياز لطيف صاحب واھ، رڳو روز پنڌ ۽ ورزش ڪيون، وھنجون نه، نوڪري تي نه وڃون، سياست نه ڪيون، ووٽ نه ڏيون، نماز نه پڙھون، ننڊ نه ڪيون، شادي نه ڪيون، مائيٽن جي خدمت نه ڪيون، بجلي ۽ گيس جا بل نه پياريون، بس رڳو روز پنڌ ۽ ورزشون پيا ڪيون.“
ڪي ٻيا درويش قسم جا، سادا ۽ مزيدار ماڻھو وري اوھان کان پيا پڇندا ته ڳوٺ کان ٻاھر ڇو نڪرون، اتي اسانجي ابن ڏاڏن جا مڙھ مقام آھن؟ بابلا ڀلي نه نڪرو، رھيا پيا ھجو. جي اوھان جي ڳوٺ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي آھي، بجلي ۽ گيس آھن، ڊرينيج آھي، روزگار جا موقعا يا نوڪريون آھن، ڀلو اسڪول يا ڪاليج آھن، کير ۽ ڀاڄيون وڪڻڻ لاءِ بھتر ننڍڙي مارڪيٽ آھي، ڳوٺ کان ويجھي شھر تائين اڌ مُني ڪلاڪ جو ڀلو روڊ آھي، ڳوٺ ۾ سٺي ننڍڙي اسپتال آھي، بھتر گرلس اسڪول يا گرلس ڪاليج آھي، معياري سيڌي سامان جي مارڪيٽ يا چڱيرڙو ننڍڙو دڪان آھي، اصلي دوائن جو اسٽور آھي، ڪا ننڍڙي ڪاٽيج انڊسٽري آھي، ايگرو بزنيس آھي، لائيو اسٽاڪ جو ننڍڙو ڪاروبار آھي، پولٽري يا فش فارم آھي، وِيٽرنري ڊاڪٽر آھي، انٽر نيٽ ۽ ڊي ايس ايل آھي، گاڏين جو مستري آھي، ڳوٺ ۾ ڪاروڪاري، قبائلي ۽ برادري خوني تڪرار، ٻارڙن ۽ اقليتن سان زيادتيون ۽ ڏوھ ناھن، ڳوٺ ۾ رواداري، برداشت، امن ۽ ڀائيچارو آھي ته ڀلي سڄي ڄمار ۽ ايندڙ ھزارين سالن تائين ان ئي ڳوٺ ۾ پڙپوٽن، تڙ پوٽن تائين رھيا پيا ھجو.
پر جي ائين ناھي ۽ اھي عام سھولتون به اوھان جي ڳوٺن ۾ ناھن، ته پوءِ سمجھي وٺو ته پنھنجا حڪمران ايندڙ ويھ ٽيھ سالن ۾ ته اوھان جي ڳوٺن کي اھي سھولتون ڏيڻ جو ڪوبه ارادو ۽ خواھش ھرگز نٿا رکن. انھن حڪمرانن سان انھن بنيادي حقن جي حصول لاءِ سياسي محاذ تان پاڻ سڀني کي ھڪ طويل ۽ اڻورچ پرامن جنگ جوٽڻي آھي. پر جيسين ان ڳوٺن کي جديد بڻائڻ جي ڊگھي جدوجھد جا نتيجا نڪرن، تيسين پاڻ مان جيڪي ٻني ٻاري ۾ مصروف ناھن ۽ رڳو ھوٽلن تي ڪچھريون ڪيو گھر ستا پيا آھن،انھن پيارن سُست سنڌين کي شھرن ۾ ته انھن سڀني سھولتن، علم، صحت ۽ روزگار لاءِ ھر حال ۾ اچڻو ئي پوندو، ٻيو ڪوبه فوري رستو آھي ئي ڪونه. گھران ۽ ڳوٺان ٻاھر ته پنھنجن نوجوانن کي ھر حال ۾ نڪرڻو ئي آھي، ائين ئي جيئن پنھنجا پيارا پاڙيسري پختون، پنجابي، مھاجر، سک، بنگالي، افغان، تامل، مراٺي، مدراسي، ايراني ۽ چيني سندن ابن ڏاڏن جا ڳوٺ، مڙھ مقام، گھر، ويڙھا ۽ وسنديون ڇڏي ننڍن وڏن شھرن ۽ ٻين ملڪن ۽ جھانن ۾ ڏھاڪن کان نڪري پيا آھن. سنڌيو، نڪرو، پڙھو، مقابلو ڪيو ۽ اڳتي وڌو، جي نه ته ڪجھ ڏھاڪن ۾ پنھنجي تباھ ۽ برباد ٿيڻ جا غالب امڪان آھن.
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں