16 آڪٽوبر 1951ع
پاڪستان جي پهرين وزير اعظم لياقت علي خان
جي قتل جو ڏينهن
ذوالفقار قادري
لياقت علي خان جو جنم مشرقي پنجاب جي شھر ڪرنال ۾ ٿيو ٖ سندس جي وڏن جو برٽش سرڪار سان ويجهو تعلق رهيو ٖ 15 آگسٽ 1947ع تي گورنر جنرل قائد اعظم محمد علي جناح کيس نئين آزاد ٿيل ملڪ پاڪستان جو وزير اعظم بڻايو ٖ جلد ئي قائد اعظم جي انتقال بعد لياقت علي خان ملڪ جي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻجي ويو ٖ سندس جي دؤر ۾ ئي پاڪستان خود مختيار ملڪ بڻجڻ بجا۽ آمريڪا جي زير اثر هليو ويو ملڪ جون معاشي ۽ خارجا پاليسيون آمريڪا جي چوڻ تي ترتيب ڏنيون وينديون هيون ٖ برصغير جي ورهاڱي بعد سنڌ جو ناقابل تلافي نقصان جو آغاز بہ لياقت علي خان جي دور کان شروع ٿيو ٖ سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي کي سنڌ کان کسي مرڪز حوالي ڪيو ويو گڏو گڏ ورهاڱي بعد هجرت ڪري ايندڙ لکين مهاجرن کي چئني صوبن ۾ ورهائي رهائڻ بجا۽ هندستان کان هجرت ڪندڙن جو سمورو بار سنڌ تي وڌو ويو ٖ گڏو گڏ مهاجرن جي آبادڪاري سان گڏ هندن جون ڇڏيل زمينون ٖ جايون ٖ جڳهون ۽ مال ملڪيت ڪليم جي صورت ۾ کين الاٽ ڪري ڏنا ويا ان سڄي عمل ۾ سنڌي سياستدان بہ سندس ٻانهن ٻيلي ٿي بيهي رهيا جن مخالفت ڪئي انهن کي تڪليفون ڏنيون ويون ٖ وزيراعظم لياقت علي خان جي وقت ۾ ئي ملڪ جي سياسي مامرن ۾ فوج جي مداخلت شروع ٿي وئي ورهاڱي وقت پاڪستان جي حصي ۾ آيل ٽنهي هٿياربند فوجن ۾ ڪو مسلمان سينئر فوجي آفيسر ڪو نه هو، جيڪو فوج جي ڪمانڊ سنڀالي. اهو ئي سبب هو جو ورهاڱي بعد پاڪستان جي بري فوج جي ڪمانڊ جنرل سر فرينڪ ميزوري، نيوي ريئر ايڊمرل جيمس ولفرڊ جئفرڊ ۽ فضائيه جي ڪمانڊ ايئر وائيس مارشل اي ايل پيري جي حوالي ڪرڻي پئي، جيڪي ٽئي برطانوي انگريز هئا. ٻئي نمبر جي فوجي قيادت ۾ جيڪي سينئر ترين آفيسر هئا، انهن ۾ برگيڊيئر اڪبر خان، برگيڊيئر نذير احمد، برگيڊيئر آغا رضا، برگيڊيئر منير ٽوانه، برگيڊيئر ايم اي لطيف، برگيڊيئر شاهد حامد، برگيڊيئر افتخار خان، برگيڊيئر يوسف، ڪرنل فضل الرحمان، ڪرنل ايوب خان، ڪرنل حياءُ الدين، ڪرنل شير علي، ڪرنل ناصر علي، ڪرنل افضل شيخ، ڪرنل خالد مسعود شيخ، ڪرنل آدم خان ۽ ٻيا شامل هئا. جڏهن ته ڪجهه ميجر رينڪ ۽ ڪيپٽن رينڪ جا آفيسر هئا. 48-1947ع ۾ ڪشمير اندر پهرين پاڪ ڀارت ويڙهه ٿي، ته ڪرنل، ميجر ۽ ڪيپٽن رينڪن تي فائز آفيسرن کي ترقيون مليون. بانيءِ پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح هٿياربند فوج اندر سينئر فوجي عهدن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ هڪ هنگامي اسپيشل پروموشن سيل جوڙيو ۽ خاص رينڪن جي پروموشن واسطي پاڻ انٽرويو ڪرڻ لڳو. قائد اعظم برگيڊيئر اڪبر خان، برگيڊيئر نذير، برگيڊيئر افتخار، برگيڊيئر يوسف ۽ ٻين کي ميجر جنرل رينڪ تي پروموشن ڏنو. جڏهن ته ايوب خان جي فائيل تي لکيو ويو، ته کيس عسڪري معاملن کان وڌيڪ سياسي معاملن ۾ دلچسپي آهي. ان ڪري کيس مشرقي پاڪستان ۾ تعينات ڪيو ويو. جيستائين قائد اعظم زندهه رهيو، معاملا ٺيڪ نموني هلندا رهيا، پر قائد اعظم جي وفات بعد صورتحال ساڳي نه رهي. ايوب خان جا شروع کان وٺي برطانوي ۽ آمريڪي فوجي عملدارن سان وڏا واسطا رهيا. هن پنهنجي راهه هموار ڪرڻ شروع ڪئي. جنرل گريسيءَ جي ڏينهن ۾ ئي 1950ع ۾ ايوب خان پنهنجي پوسٽنگ بطور ايڊجونينٽ جنرل جي ايڇ ڪيو ۾ ڪرائي چڪو هو.ان دوران لياقت علي خان خلاف ناڪام فوجي بغاوت بعد جنرل اڪبر ۽ جنرل نذير جي پنڊي سازش ڪيس ۾ گرفتاري ۽ ٻن سينيئر جنرل ليفٽننٽ جنرل افتخار ۽ ليفٽننٽ جنرل يوسف جي هڪ پر اسرار فضائي حادثي ۾ لاڏاڻي سبب جنرل گريسي جي رٽائرمينٽ بعد جنرل ايوب جي فوج جي سربراهي واري راه هموار ڪري ڇڏي آخر وزير اعظم لياقت علي خان 1951ع ۾ کيس پاڪستان جي هٿياربند فوج جو ڪمانڊر انچيف بڻايو ان بعد جلد ئي وزير اعظم لياقت خان 16 آڪٽوبر 1951ع راولپنڊيءَ جي ڇانوڻي واري علائقي ۾ واقع ڪمپني باغ جيڪو هاڻي لياقت باغ سڏجي ٿو اتي هڪ عام جلسي ۾ تقرير ڪرڻ لا۽ ڊائيس تي پهتو تہ سيد اڪبر نالي جيڪو افغاني مهاجر هو ان وزير اعظم لياقت علي خان کي گوليون هڻي قتل ڪيو قاتل سيد اڪبر علي کي وري ٿڏي تي پڪڙي تحقيقات ڪرڻ بجا۽ ايس پي راولپنڊي نجف خان جي حڪم ئي پوليس جي هڪ انسپيڪٽر محمد شاهہ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو لياقت علي خان جي قتل جو تحقيقاتي آفيسر اعتزازالدين قاتلن تائين پهچي چڪو هو تہ 26 آگسٽ 1952ع تي قتل ڪيس جي سموري رڪارڊ سميت جهلم ويجهو هڪ هوائي حادثي ۾ مارجي ويو ۽ اهڙي طرح ملڪ جي پهرين وزيراعظم لياقت خان جو خون ئي لڙھي ويو ٖ هن قتل ڪيس جو ٻيو دلچسپ پهلو بہ غور جهڙو آھي ملڪ جو وزيراعظم لياقت علي خان جيڪو حڪمران جماعت مسلم جو صدر بہ هو ان ڏينهن راولپنڊي ۾ جلسي سان خطاب ڪري رهيو هو تہ پارٽي جو جنرل سيڪريٽري يوسف خٽڪ ٖ پنجاب جو وزيراعلئ ميان ممتاز دولتانہ ٖ آ۽ جي پنجاب قربان علي شاهه ٖ انٽيليجنس ادارن جا ذميوار وزير اعظم جي پروگرام ۾ شريڪ نہ هئا ملڪ جو گورنر جنرل خواجہ ناظم الدين نٿيا گلي ۾ ھو ٖ فوج جو ڪمانڊر انچيف جنرل ايوب خان هالينڊ ۾ ھو ٖ اسڪندر مرزا ۽ غلام محمد بہ گم هئا اهڙي طرح ملڪ جي پهرين وزيراعظم جو قتل ڪيس لڙھي ويو
راولپنڊي پاڪستان جو اهو شهر آھي جتي ملڪ جا ٽي وزير اعظم 1 - لياقت علي خان ٖ 2 - ذوالفقار علي ڀٽو ٖ 3 - محترمه بينظير ڀٽو قتل ڪيا ويا
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں