مغلن جي آشيرواد سان جڏھن سنڌ ۾ 'ڪلھوڙو يعني 'مسند نشين' مقرر ٿيو تہ امن امان لاءِ ڳوٺ، ڳوٺ، شھر شھر 'شاھہ' مقرر ٿيا ۽ تعليم لاءِ 'آخوند'.
تعليمي ڻظام ـــــــــــ
مڪتب ۾ جيڪڏھن ٻار گهڻا ھوندا ھئا تہ آخوند 'خليفو' مقرر ڪري سگهندو ھو.
اھو ئي 'آخوند' جيڪڏھن ڀر واري ڳوٺ ۾ 'خليفو' مقرر ڪري برانچ اسڪول بہ ھلائيندو ھيو تہ 'مرشد' سڏبو ھيو.
جنھن آخوند جي مڪتب مان ھڪ کان وڌيڪ مرشد فارغ التحصيل ھوندا ھئا، اھو 'ميان' سڏبو ھيو.
مرشدن کي مدرسن جو نظام ھلائڻ لاءِ 'ڏن' ملندو ھيو جيڪو علائقي جا 'ڪلھوڙا' مقرر ڪندا ھئا ۽ سندن خليفا پنھنجي پنھنجي علائقي مان گڏ ڪندا ھئا.
مدرسي/مڪتب سان گڏ جيڪا آفيس قائم ڪندا ھئا ان کي اوتاڪ يا اوطاق چئبو ھيو ۽ ان جو بہ فصل تي ڏن مقرر ھيو.
مڪتب سان گڏ مسجد قائم ڪرڻ بہ لازمي ھيو. جنھن کي 'جامع' چئبو ھيو جيڪو اڳتي ھلي 'جامي' ٿي ويو.
امن امان ـــــــــــ
شاھہ ـ علائقي جو ڏاڍو مڙس جيڪو راڄ گڏ ڪري سگهي، حملي جي صورت ۾ سپاھہ، سواري وغيرہ گڏ ڪري سگهي.
ھر 'شاھہ' پنھنجي علائقي، پاڙن، راڄن جا 'وڏيرا' مقرر ڪندو ھيو جيڪي 'ڏن' بہ گڏ ڪندا ھئا. شاھہ علائقي جا 'ڪلھوڙا' مقرر ڪندا ھئا، وڏيرو وري شاھہ مقرر ڪندا.
اھي 'شاھہ' ۽ وڏيرا جيڪا آفيس قائم ڪندا ھئا ان کي اوتاڪ يا اوطاق چئبو ھيو ۽ ان جو بہ فصل تي ڏن مقرر ھيو.
شاھہ، وڏيرو، ميان، مرشد، آخوند، خليفو سڀني تي گهوڙو پالڻ لازمي ھيو.
عبدالرحمٰن پيرزادو
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں