شيخ اياز سنڌي ڪلاسيڪي ۽ جديد
شاعريءَ جي تناظر ۾!
جامي چانڊيو
(حصو ٻيون)
سچل سرمست ۽ شيخ اياز:
ڊاڪٽر فياض لطيف جي هن ڪتاب جو ٻيو مقالو “سچل سرمست جا شيخ اياز تي اثر” آهي. شيخ اياز شاهه لطيف مان جيڪو اتساهه ورتو اهو هڪ طرف سندس فلسفيانه تخيل ۽ گهرائي هئي ته ٻئي پاسي لطيف سائينءَ جي غير معمولي فن به اياز کي تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ ظاهر آهي ته ڪو به خود وڏو شاعر لطيف سائينءَ کي پڙهڻ کانپوءِ متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي به نه سگهندو پر سچل سان شيخ اياز جي نسبت ٻي آهي ۽ اها آهي ٻنهي جي شاعريءَ جو باغيانه مزاج ۽ لهجو. تڏهن ته اياز سچل لاءِ چيو هو ته:
آءٌ درازا هلُ،
تنهنجا سارا مولوي،
منهنجو هِڪُ سچل!
(پتڻ ٿو پور ڪري 1990ع، ص-125)
سچل سرمست ۽ سامي سنڌ جي ڪلاسيڪل شعري روايت جي آخري اهم شاعرن منجهان آهن ۽ سچل سرمست ۽ شيخ اياز جي وچ ۾ لڳ ڀڳ هڪ صديءَ جو فرق آهي. سچل سرمست 1829ع ۾ وفات ڪئي ۽ شيخ اياز جو جنم 1923ع ۾ شڪارپور ۾ٿيو. هونئن ته هڪ صدي تاريخ جي تناظر ۾ ڪا وڏي وٿي ناهي پر دورن جي ڦيرن ۽ انهن جي فڪري ادبي ۽ فني لاڙن ۾ آيل تبديلين توڙي مجموعي سماجي، مادي ۽ فڪري، ماحول ۾ تبديليءَ جي لحاظ کان اها صدي عالمي، يورپي، ننڍي کنڊ توڙري سنڌ جي حوالي سان تمام اهم هئي. سنڌ جي هنن ٻن شاعرن سنڌ ۾ ڪلهوڙن کان ميرن ڏانهن اقتدار جي منتقليءَ جي دور کي اکين سان ڏٺو ۽ ننڍي کنڊ ۾ اهو مغلن جي به زوال جو دور هو، جو 1757ع جي پلاسيءَ جي جنگ کانپوءِ هندستان تي عملي طور ‘ڪمپنيءَ جي حڪومت’ قائم ٿي چڪي هئي. ننڍي کنڊ ۾ اورنگزيب عالمگير (1618ع-1707ع) جي دور کان ۽ سنڌ ۾ سمن جي زوال ۽ ارغون ترخان دور کان جيڪا مذهبي انتهاپسندي شروع ٿي چڪي هئي، اها به سچل سرمست پنهنجي اکين سان ڏٺي ۽ ان حوالي سان هن سخت مزاحمتي لهجو اختيار ڪيو. ٽئين طرف عالمي لحاظ کان به 18هين ۽ 19 صديون روشن خيال، جديد دور ۽ سائنسيت، سياسي نظرين ۽ نون نون فڪري تضادن جي اُڀار جون صديون هيون. جن انساني سماج ۽ انجي مجموعي فڪر تي غير معمولي اثر ڇڏيا، جن کان ادب ۽ فن سميت زندگيءَ جو ڪو به شعبو متاثر ٿيڻ کان رهي نه سگهيو. اهي سمورا اثر سڌي توڙي اڻ سڌيءَ ريت جتي اسان کي ان دور جي سموري ادب ۾ نظر اچن ٿا، اتي سنڌي ادب ۽ شاعريءَ ۾ انجا چٽا عڪس ۽ اثر ڏسي، پَسي ۽ محسوس ڪري سگهجن ٿا. هتي جيئن ته اسان جو موضوع ۽ بحث هيٺ مقالو شيخ اياز جي سچل سان نسبت آهي، انڪري اسان پنهنجي ڳالهه ٻولهه کي ان موضوع جي دائري تائين محدود رکنداسين.
جيئن مٿي اسان سچل جي نسبت سان 18هين ۽ 19هين صدين جي ادب تي ان دور جي مقامي، خارجي ۽ مجموعي معروضي حالتن جي ڳالهه ڪئي آهي، اتي اسان کي شيخ اياز جي دور تي به اهڙي نظر وجهڻ گهرجي. تڏهن اها نسبت سولائيءَ سان سمجهه ۾ ايندي، جيڪا هن مقالي جو بنيادي موضوع آهي. شيخ اياز ويهين صديءَ جو شاعر هو. اها صدي انساني تاريخ جي هڪ اهم ترين صدي هئي. اها صدي هڪ طرف 18 هين ۽ 19 هين صدين جو فڪري تسلسل به هئي ته انهن کان گهڻن معاملن ۾ مختلف ۽ متضاد به هئي. ان صديءَ جي پهرين اڌ ۾ سوشلسٽ نظريي جي بنياد تي تاريخ پهريون ڀيرو ڪامياب سماجي، معاشي، فڪري ۽ رياستي انقلاب ڏٺا. ان ئي دور ۾ سرمائيداريءَ جي بحران ۽ يورپ ۾ فاشزم جي اڀرڻ سبب ٻه وڏيون عالمگير جنگيون لڳيون. فلسفي ۾ فلسفين جي نئين سر اڀرڻ، وجوديت جي لهر، جديديت ۽ پوين ڏهاڪن ۾ جديديت پڄاڻان فڪري لاڙن جي تيزيءَ سان اڀرڻ جو دور آيو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو حيرت انگيز دور به اهو ئي هو، رياست، مارڪيٽ، سماجي بيهڪ، طبقاتي سوالن، ثقافتي تشڪيل ۽ فڪري طلاطم جون بيهڪون ۽ اوڀاريون لهورايون به ان دور جا اهم نامياتي عڪس ۽ حقيقتون هيون.
دنيا ۾ عورتازاد تحريڪ (Feminist Movement) جي اڀار توڙي مذهبي انتهاپسنديءَ کي سامراجي قوتن پاران هڪ سياسي ۽ اسٽريٽجڪ هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي حوالي سان اهو دور تمام اهم ۽ حساس رهيو. ظاهر آهي ته انهن ايترن متحرڪ لاڙن ۽ جدلي تبديلين جو جتي رياست، انساني سماج، شعور، روايتي سوچ ۽ زندگي تي وڏو اثر پيو، اُتي ادب ۽ فن به پنهنجي پنهنجي دور جي ترجماني ۽ مزاحمت ۾ دنياکان لاتعلق نه ٿو رهي سگهي ۽ اهو ئي سڀ ڪجهه جديد سنڌي ادب جو پسمنظر ۽ پيش منظر ۽ شيخ اياز جي نسبت سان گهرائيءَ سان ڏسڻ جو معاملو به آهي. جنهن جديديت کي هڪ لحاظ کان بيٺڪيتي دور سان به جوڙي ٺو وڃي ٿو، شيخ اياز ان دور ۾ پيدا ٿيو ۽ شيخ اياز جي نوجوانيءَ ۾ ئي اهو بيٺڪيتي دور روايتي شڪل ۾ قائم نه رهيو. نئين بيٺڪيتي (Ne-colonial) صورت ۾ سامهون آيو پر ٻنهي صورتن ۾ جديديت جو منصوبو ۽ دور مختلف سماجي، فڪري، معاشي، سياسي، لسانياتي ۽ ساختياتي شڪلين ۾ قائم رهيو.
مٿي بيان ڪيل انهن سمورن فرقن باوجود مجموعي طور جديد ادبي دور ڪلاسيڪل دور کان ڪٽجي نه سگهيو ۽ شيخ اياز ته شعوري طور ان تعلق کي گهڻن رخن کان ۽ ضروري حد تائين زنده رکيو ۽ تخليقي طور وڌايو. هن سٺ جي ڏهاڪي ۾ پنهنجي گهري دوست ۽ فڪري استاد سائين محمد ابراهيم جويي کي هڪ خط ۾ لکيو هو ته:
“جيستائين ڪنهن سنڌي اديب گهٽ ۾ گهٽ شاهه، سچل ۽ ساميءَ جو مطالعو نه ڪيو آهي ۽ هو پنهنجي تاريخ، روايات ۽ ماحول جو چڱيءَ طرح واقف نه آهي. تيستائين هو سنڌي زبان ۾ چڱو ادب پيدا نه ٿو ڪري سگهي.”
شيخ اياز رڳو اها ڳالهه زباني ۽ رسمي طور نه ڪئي آهي پر تخيلقي طور به پنهنجي شاعريءَ ۾ اها نسبت وڏي توازن ۽ جدت سان جوڙي به ڏيکاري آهي. منهنجي خيال ۾ پهرين سچل جي فڪري شاعريءَ جي محرڪن کي سمجهبو ته پوءِ سندس اياز تي اثرن جي نسبت سمجهڻ سولي ٿي پوندي. حقيقت اها آهي ته سنڌيءَ ۾ سچل سائينءَ تي گهربل ادبي پرک جو ڪم ٿيو ئي ناهي. ڊاڪٽر فياض لطيف جو هيءُ مقالو ان ڏس ۾ هڪ سٺي ۽ ڀرپور ڪوشش آهي پر ظاهر آهي ته اهو پاسو به سندس ڪلام جي ڪُليت جو نه پر رڳو انهن عنصرن بابت آهي، جن جا اثر شيخ اياز قبوليا آهن. سچل بنيادي طور هڪ پڪو صوفي ۽ وحدت الوجودي آهي. سائين محمد حسين ڪاسف سچل سائينءَ تي پنهنجي هڪ مقالي ۾ بلڪل درست چيو آهي ته:
“سچل صوفي پهريائين ۽ شاعر بعد ۾ آهي.” يا هن سندس شاعري جي انفراديت، محور ۽ محرڪ بابت لکندي درست چيو آهي ته:
“سچل بادشاهه جي سلسلي ۾ به اها ساڳي ڳالهه واضع ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته لطيف سنڌي شاعريءَ کي زبان، بيان، فڪر، اسلوب، معيار ۽ معنيٰ جي بنيادن تي اتي وڃي ڇڏيو، جتي صرف هڪ گِهٽي رهيل هئي، اُها هئي تصوف جي فلسفي (وحدت الوجود) جي کليل اظهار جي. لطيف وحدت الوجود جي فلسفي جو سيهوڳي ۽ سنيهو ڏيندڙ هوندي، نهايت احتياط کان ڪم وٺي، پنهنجي ويچارن جي ووڙ ڪئي آهي. جنهن ۾ نهايت سهڻائيءَ سان وجودي فڪر جي اُپٽار ڪيل آهي. ۽ نهايت ئي بهتر طرز ادا سان ان کي نڀايو اٿن..... جڏهن ته سچل جا وڏا عالم فاضل ۽ صاحبِ فتويٰ هئا. جيڪي ساڳئي وقت شاعر پڻ هئا. انهن به پنهنجي اظهار خيال ۾ ان قسم جي کلئي اظهار کان قدري گزير ڪيو آهي. ان لاءِ سچل بادشاهه لاءِ ذهني طور واحد رستو هو ته هو (1) هڪ ته پنهنجي پيش رو شاعرن جي فڪري اسلوب کي خيال ۾ رکي ۽ انهن کان مختلف طور تي پنهنجي شاعريءَ جي قصر رفيع تعمير ڪري. (2) ته سندن وڏا خود وجودي فڪر جا هئا، انهن جي ڏنل تربيت ۽ انهيءَ نظريي جي اظهار لاءِ ان کي وسعت ڏئي. (3) ته مجموعي شاعريءَ جي ميدان ۾ پنهنجي انفراديت لاءِ جدا راه جوڙي. (4) پنهنجي قلبي واردات ۽ سماجي اڀياس کي ساڳئي لطيف واري پيرهن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ سندن لاءِ ناممڪن هو. اهي سبب آهن جو سچل نهايت کلئي انداز سان وجودي فڪر جو اظهار ڪيو آهي ۽ اهو اظهار ايترو ته عيان آهي جو ان جو ڪو اندازو ڪري نه ٿو سگهجي.”
سچل سرمست جي شاعريءَ جا بنيادي حوالا وحدت الوجودي فڪر ۽ سندس باغيانه لهجو آهي. سندس وجودي فڪر جا هي چند مثال ڏسو!
مون ۾ آهين تون، تو ۾ آهيان مان
بجلي بادل سان، آهي جيئن سپرين
*
جان پروڙيم پاڻ کي، اُتان آئون پنهون آهيان
ڪنهن طرف ڪاهيان، جو طرف مڙئي تم ٿيا
*
پاڻ پنهنجو پاڻهي، صورت منجهه سڄاڻ،
الله الله ڇو چوين، پاڻ ئي الله ڄاڻ،
تون ئي ٻڌندڙ، تون ئي ڏسندڙ، شاهد آ قرآن،
ناهه شڪ گمان، سَچو سائين هيڪڙو
*
جي مڃن ٿا آدمي، سي نه مڃان مان
ڪوئي آهيان آن، جو ٻانهون ڪنهن جو نه ٿيان
*
ايئن جي تفصيل ۾ وڃبو ته سچل سائينءَ جو “وحدت نامو” ۽ سندس سموري شاعري وجودي فڪر سان لبريز آهي. انهيءَ وجودي فڪر ۽ تخيل جي اظهار ۾ هو حسيات جي لحاظ کان وجدان جي معراج تي پُڄندي نظر اچي ٿو، جڏهن چوي ٿو ته “ايها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي.” سچل سائين جو وجودي فڪر دراصل پنهنجي باغيانه فڪري ۽ وجداني روپ ۽ لهجي ۾ عروج تي پڄي ٿو ۽ اهو ئي سبب آهي جو حسين بن “منصور حلاج” هن جي اتساهه جو سرچشمو ۽ سرمستيءَ جو وڏي ۾ وڏو حوالو آهي. تصوف جي شاعريءَ ۾ منصور کي ايترو اتساهه ۽ بغاوت جي علامت ٻيو ڪنهن به ناهي بڻايو، ويندي عطار، حافظ، باهوءَ ۽بلهي شاهه به نه، جن سان شاعراڻي مزاج ۾ سچل سائين سڀني کان وڌيڪ ويجهو آهي. هن پنهنجي اهڙي باغيانه لهجي لاءِ پاڻ ئي چيو هو ته “صورت منجهه سچوءَ جي ٻولي پاڻ ئي بي پرواهه” سندس اهڙي لهجي ۽ فڪري ڪجهه مثال ڏسو!
ماٺ ڪريان تان مُشرڪ ٿيان، ڪڇان تان ڪافر
انهيءَ وائيءَ وَرُ، ڪو سمجهي “سچو” ڏنو چوي
*
ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿئين مردانو
پاڻ بيگانو مول نه ڄاڻين آهين يار بيگانو
وهم سچل ڪڍ ٻانهپ وارو، شملو ٻَدُ شاهانو
*
ڪَڍُ مذهب مَنَ مَئون، ساجُهر ساڻ سويلَ،
هندو، مومن ساڻ ملي، محبت جا ڪر ميل
متان ٿئي اويلَ، اولهه سجُ نه اُلهي
*
نا مئن سُني، نا مئن شيعا، نامئين ڏوهه ثواب،
هندو مومن هڪ ٿئو، ڀول نه ٻي ڪنهن ڀُل،
ٿج گلابي گل، مَرُ مارپنئي منصور جان
سندس اهڙي باغيانه لهجي جي شاعريءَ جو معراج سندس اها جڳ مشهور ڪافي آهي. جنهن ۾ سچل چوي ٿو ته “ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي، مان جوئي آهيان، سوئي آهيان.” مان سمجهان ٿو ته وجود جي مڪمل آزاديءَ، بي ثباتيءَ ۽ ڪائنات گيريت جو ان کان وڌيڪ حسين ۽ باغيانه فڪري اظهار نه ٿو ٿي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو شيخ اياز هن کان بيحد متاثر ٿيندي نظر اچي ٿو. ان اتساهه کي اياز هيئن بيان ڪيو آهي:
“دور ڀٽائيءَ جي بستيءَ ۾
سچل پنهنجي مستيءَ ۾
بيٺو مون کي تاڙي ٿو”
(ڳاءِ ڳاءِ انقلاب ڳاءِ: ص-528)
ڊاڪٽر فياض لطيف پنهنجي هن عالمانه مقالي ۾ ان جا ڪيترن ئي هنڌن تي ٺهڪندڙ مثال ڏنا آهن. مان رڳو هتي سندس مقالي مان ڪجهه مثالن سان ڀريل هڪ اقتباص ڏيان ٿو. هو لکي ٿو:
“سچل سراپا جستجو، جياپي، جرئت، محبت، امن، آزادي ۽ انسانيت جو علمبردار هو. هن وٽ “تَرڪ” بجاءِ انهيءَ “طلب ۽ تات” جي اهميت آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي جاڳ ۽ ماڳ جي تلاش ۾ مسلسل جنبيل ۽ جاکوڙ ۾ محو ۽ مستغرق رکي ٿي. هو روايتي صوفين وانگر گوشانشينيءَ ۾ جيون گذارڻ بدران معاشري ۽ سماجي زندگيءَ جي سچائين کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو قائل آهي. انهيءَ ڪري ئي سرمست، اياز جو آئيڊيل آهي ۽ هو کيس پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترين ئي جاين تي نه فقط محبت ۽ عقيدت سان خراج پيش ڪري ٿو، پر ساڻس نسبت جوڙڻ ۾ وڏي سرهائي ۽ سعادت محسوس ڪندي اقرار ڪري ٿو:
مان ئي سچل، مان ئي سامي، مان ئي آهيان شاهه،
منهنجي من ۾ ڇوليون ماري، سنڌو! تنهنجو ساهه.
(ڀؤنر ڀري آڪاس، 1995ع، ص-42)
مان جاڳ به هان، آڳ به هان، راڳ به آهيان،
سچو به سندم سنگ، ڀٽائي به سندم ڀاءُ.
(وڄون وسڻ آئيون، 1989ع، ص-49)
سچل سرمست جهومي رهيو آهي،
درازن جي دز جهومي رهي آهي،
ويساک جو چنڊ جهومي رهيو آهي،
۽ خدا آڪاس جي آرسي ۾،
پاڻ کي ڏسي رهيو آهي،
۽ سوچي رهيو آهي ته:
”مان انسان جي ويس ۾،
ڪهڙو نه وڻندڙ ٿو لڳان“!
(اڪ جون ڦلڙيون ڀيڄ ڀني، 2002ع، ص-55)
سارو عرش منور آهي،
چنڊ ڳليءَ ۾ چمڪي ٿو،
دور ڀٽائيءَ بستيءَ ۾،
سچل پنهنجي سرمستيءَ ۾،
بيٺو مون کي تاڙي ٿو.....
چنڊ ڳليءَ ۾ چمڪي ٿو....
سارو عرش منور آهي......
(راج گهاٽ تي چنڊ، ص-85)
شيخ اياز جي سموري مزاحمتي ۽ باغيانه شاعريءَ ۾ سڌي ۽ اڻ سڌيءَ ريت سچل سرمست جا اثر پڙهي ۽ محسوس ڪري سگهجن ٿا. خاص طور تي جڏهن مذهبي انتهاپسندي ۽ روايتي ملائيت کي هن سچل وانگر لوئيو آهي. جيڪا مذهبي فرقيواريت معاشري کي مذهبي بنيادن تي ورهائي، فرقه واريت پيدا ڪري، انسانن ۾ تفريق ڪري ٿي ۽ انهن کي ورهائي ۽ پس و پيش فساد ۽ انتشار ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪري ٿي. جيتوڻيڪ شيخ اياز جي مزاحمت ۽ باغيانه شاعريءَ جو دائرو سچل جي ڀيٽ ۾ تمام وسيع آهي. انهن ۾ وڏو هٿ سندن مختلف دورن ۽ حالتن توڙي فڪري نظام جو آهي. ان ۾ موضوعاتي وسعت ۽ ترقي پسند روايت سبب فڪر جي گهرائي پڻ وڌيڪ آهي پر وجودي اظهار جي مڪمل آزاديءَ جي ڪيفيتن ۽ حسيات ۾ سچل بي مثال آهي. هتي رڳو شيخ اياز جي شاعريءَ مان اهڙا چند شعر ڏيڻ ئي مناسب ٿيندا. جيڪي هن مذهبي انتهاپسندي ۽ فرقه واريت جي حوالي سان لکيا آهن. هتي انجا ڪجهه مثال پيش آهن.
باغي آهيان، باغي آهيان، تنهنجو آئون سماج
توسان وڙهندي رهندي منهنجي، هر هڪ رت ڦڙي
(ڳاءِ انقلاب ڳاءِ، ص-794)
*
رَتي ناهي رت، ڄورون مڙيون جندڙيءَ
ساٿي اُٿي سُتت، ته ساڙيون هن سماج کي
(ڳاءِ انقلاب ڳاءِ، ص-38)
*
وڏو نانءُ الله جو پر جي ڪجي ڪَٿ
ان کان وڏي وٿ، ٻجهارا هيءَ ٻاجهري
(ڳاءِ انقلاب ڳاءِ، ص-51)
*
*
ڪعبي جو پرستار نه ڪاشيءَ جو طلبگار
سڀ دين ڌرم ٺڳيءَ جا، نه مٿو کاءُ!
(ڳاءِ انقلاب ڳاءِ، ص-746)
*
ساڳيو ڏاڍي جو ڏهڪاءُ
هيڻو اڳ جهڙو حيران
*
ساڳي سوريءَ تي منصور
ساڳيو سرمد تي بهتان
(ڳاءِ انقلاب ڳاءِ، ص-737)
*
هيءَ ڪهڙي موڙهي مَت، لوڪو
ڌرتي به ته آ جنت، لوڪو
(ڳاءِ انقلاب ڳاءِ، ص-755)
*
“مان ته سمجهان ٿو تون ڪٿي ناهين، هي سڄو ڍونگ ڪنهن رچيو آهي”
(ڀؤنر ڀري آڪاس: ڪوهه مريءَ تي!)
*
ملان پنهنجي عمامي ۾
سوچي، ڏاڙهي نوچي،
سرمد ڇا ٿو سوچي؟
دليءَ جون ديوارون سوچن،
چنڊ قطب مينار مٿان آ،
ڌرتيءَ تي دستارون سوچن،
مُجري مُجري جي پايل ۾
ڇم ڇم جون ڇنڪارون سوچن،
قلعي قلعي اک نه جهپڪي،
رات لڙيءَ للڪارون سوچن،
هٿ هٿ خوني خنجر سوچن،
تارونءَ ۾ تلوارون سوچن،
دارا جي تقدير نه سوچي،
هونئن ته سڀ درٻارون سوچن،
سرمد ڇا ٿو سوچي؟
هن عريانيءَ جي جامي ۾
لونءَ پڻي ڇا لوچي؟
ملان پنهنجي عمامي ۾،
سوچي، ڏاڙهي نوچي،
سرمد ڇا ٿو سوچي؟
(وڄون وسڻ آئيون)
ائين اياز شيخ جي شاعريءَ جو هڪ وڏو حصو اهڙن باغيانه خيالن ۽ اظهار جي انداز سان مرمست آهي، جنهن کي ويهين صديءَ ۾ اياز جي شاعريءَ جي روپ ۾ سچل جي باغيانه روايت جو تسلسل چئي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر فياض لطيف پنهنجي مقالي ۾ درست لکيو آهي ته:
“شيخ اياز سچل جي فڪر ۽ سرمستيءَ جي پيالي مان سُرڪيون ڀريون آهن، انهيءَ ڪري ئي سندس شاعريءَ ۾ سچ جون صدائون، محبت ۽ مستيءَ جا ساڳيا کيپ ۽ خمار نظر اچن ٿا.”
“سرمست هان!
سرمست هان!
مان ساغر مهتاب، مان،
مئي پي وڃان، هڪ ڳيت سان،
ڪاريءَ گهٽا جي پينگهه تي
جُهولان جهلان، جُهولان جُهلان،
آغوش منهنجي ۾ رهن،
هيءَ ڪائنات بيڪران
هيءَ حُسن جي جُوئي روان،
هيءَ ماهه وانجم جو جهان،
هيءَ ڪهڪشان،
هي آسمان!”
(ڀؤنر ڀري آڪاس: 1995ع، ص-170)
مجموعي طور شيخ اياز جي باغيانه ۽ مزاحمتي شاعريءَ ۾ اهڙا رندانه ۽ سرمست ڪيف ۽ ڪيفيتون، جذبا ۽ جولان، تخيل ۽ خواب، پڪارون ۽ للڪارون هن وسيع ڪائنات وانگر ڦهليل آهن ۽ اها رندانه مستي ۽ سرمستي سچل ۽ اياز کي ايئن جوڙي پئي جو سدامست درياهن جا ٻه وهڪرا پنهنجون پنهنجون ويرون ۽ لهرون کڻي هڪ ڌارا ۾ اچي ملن ٿا، اهو دراصل ٻن دورن جي باغيانه شاعريءَ جو تخليقي ميلاپ هو ۽ آهي.
کوئی تبصرے نہیں:
ایک تبصرہ شائع کریں