ايم آر ڊي تحريڪ ۾ خيرپور ناٿن شاهه ۾ شھيد ٿيل سورمن جو ڏينهن
ذوالفقار قادري
يارهين سيپٽمبر 1983ع خيرپور ناٿن جي شھيدن جو ڏينهن آھي جن فوجي آمريت خلاف پنهنجون جانيون ڏئي جدوجهد کي جلا بخشي اڄ اقتدار جي مسند تي ويٺل بلاول ڀٽو زرداري ٖ آصف علي زرداري ۽ مئڊم فريال ٽالپور کي ڪهڙي خبر تہ اڄوڪي ڏينهن تي خيرپور ناٿن شاه جو هڪ کير کپائيندڙ مسڪين نظام الدين نائچ ٖ گڏھہ گاڏو هلائيندڙ غلام نبي کوسو ٖ مزدور شاه نواز کوسو ٖ هوٽل جو بيرو حبيب الله لغاري ٖ ڪاٺَ جي مڏي تي مزدوري ڪندڙ عزيز لاکير ٖ پرائمري استاد عبدالغني ابڙو ٖ اٺ گاڏو هلائيندڙ الهورايو لانگاه ٖ پنهنجي مرحومہ ماءٗ جي چاليهي جو سامان وٺي ايندڙ ديدار کوکر ٖ ٺري ميرواه کان مهمان ٿي آيل ضمير جاگيراڻي پنهنجون جانيون ڏئي سندن اقتدار جي راه هموار ڪئي ٖ شھيدن جا وارث اڄ بہ قسم پرسي واري زندگي زندگي گهاري رهيا آھن جڏھن تہ سندن خون ۽ قربانين جي صلي ۾ حاصل ٿيل اقتدار جا مزا وڏيرا وٺي رهيا آھن ٖ 1983ع ۾ جڏهن ملڪ اندر جمهوريت جي بحاليءَ خاطر ”تحريڪ بحالي جمهوريت“ واري پليٽ فارم تان تحريڪ هلي رهي هئي، تڏهن جنرل ضياءَ سنڌ جي ”شورش زده“ علائقن جو دورو پاڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو انهن ڏينهن ۾ جنرل ضياءَ سنڌ جي زون سي جي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ليفٽنٽ جنرل ايس ايم عباسي سان گڏ دادوءَ جي دوري جو آغاز ڪيو. جنرل ضياءَ جي آمد جو ٻڌي سڄو دادو سراپا احتجاج بڻجي، جنرل ضياءَ جي آمد جي حوالي سان تيار ڪيل هيلي پيڊ تي ڪاهي پيو. جنرل ضياءَ حالتن جي نزاڪت کي سمجهندي دورو مختصر ڪري هيليڪاپٽر ۾ ويهي واپس وڃڻ لڳو ته مڇريل ماڻهو صدر جي حفاظت لاءِ ڪيل تمام حفاظتي بند توڙي اچي ڪڙڪيا پر جنرل ضياءَ جو هيلي ڪاپٽر ماڻهن جي پهچ کان اڳ ئي فضا ۾ بلند ٿي ويو. هٿين خالي ماڻهن کان ٻيو ڪجهه به نه ٿيو ته انهن زمين تان پٿر ۽ سروٽا کڻي پئي هيلي ڪاپٽر ڏانهن اڇلايا. دادوءَ جو اهو جهور پوڙهو اڄ به مون کان نه وسريو آهي جنهن کان جڏهن مٽيءَ جو ڪچو ڀٿر به کڻي نه سگهيو ته هن ڪروڌ ۽ ڪاوڙ مان پنهنجي گوڏ لاهي کڻي مٿي هيلي ڪاپٽر ڏانهن ڦٽو ڪئي.
ايم آر ڊي جي تحريڪ سنڌي ماڻهن جي ظلم، زيادتين ۽ ڏاڍاين خلاف ڪروڌ هو، مون کان ته ڳوٺ پنهل خان چانڊئي جو اهو جهونو مڙس پنهل خان چانڊيو به وسريو ناهي، جيڪو پنهنجي مانجهي مڙس پٽ غلام عباس چانڊئي ۽ ٻين ڳوٺاڻن سميت آمر جي فورس سان مبينه مقابلي ڪرڻ واري ڏوهه جي الزام ۾ ڊسٽرڪٽ جيل نوابشاهه ۾ باندي بڻايو ويو هو، ايم آر ڊي جي فيصلي هيٺ ٺاهيل ”جيل ڪميٽي“ جي ميمبر جي حيثيت ۾ جڏهن مون نوابشاهه جيل جي ماڙيءَ ۾ ساڻس ملاقات ڪئي ته انهيءَ پرئي مڙس پنهل خان مون کي جڏهن ڀاڪر پاتو ته محسوس ڪيم ٽارچر ڪيمپ ۾ بي انتها اذيتن بعد به سندس جسم ۾ ڪراڙپ باوجود جوانيءَ جا جولان سمايل آهن. ايم آر ڊي جي تحريڪ ڪامياب وئي يا ناڪام، پر ان تحريڪ پنهنجي پويان ڪيئن قصا، انيڪ ڪردار سوين سوال، راز ۽ رمزون به ڇڏيا، ڪيترا راز ته پوءِ کليا ته سنڌ جي ويجهڙ واري سياسي تاريخ ۾ پهريون دفعو جڏهن سنڌ جا ايڪڙ ٻيڪڙ ڇڏي باقي اڪثر وڏيرا، چڱا مڙس، مير پير جڏهن اسان جهڙن غريب سياسي ڪارڪنن سان گڏ سينٽرل جيل مڇ، سينٽرل جيل حيدرآباد ۽ سکر جي لڱ ساڙيندڙ گرمي ۾ بيرڪن اندر واڙيا پيا هوندا هئا ته اسان کي مارڪس، لينن ۽ مائوزي تنگ واريون وڏيرن بابت ڳالهيون فرسوده محسوس پئي ٿينديون هيون، پر جڏهن 12 ربيع الاول جي ڀلاري رات ڪراچي سينٽرل جيل جي ريسٽ هائوس ۾ نظر بند رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي جي ”مفاهمت ۽ درگذر“ واري بيان بعد مارشل لا اختيارين پاران جيل سپرنٽينڊنٽ جي آفيس ۾ اچي سادي اڇي پني تي صرف آڱوٺي هڻڻ جي شرط تي آزاد ڪرڻ وارو فارمولو پيش ڪيو ويو ته جيلن مان اڪثر وڏيرا ائين هليا ويا جيئن سنڌي ۾ چوندا آهن ته ”جوڳي نه ڪنهن جا مٽ“.
پر ان تحريڪ سان جيڪو سنڌي جي عام هاري ناري شاگردن ۽ سياسي ورڪرن نڀايو، تنهن دنيا آڏو تحريڪي حوالي سان سنڌ جو مان مٿانهون ڪري ڇڏيو. هونئن ته اڄوڪو ڏينهن خيرپورناٿن شاه جي انهن سورهيه مڙسن جي شهادت جو ڏينهن آهي جن اڄ کان اڻٽيهه ورهه اڳ 11 سيپٽمبر 1983ع تي ضيائي راڄ کي رد ڪندي صرف ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪرن جي گهر ڪئي هئي، کين ڪهڙي پروڙ هئي ته کين گولين جو بک بڻايو ويندو. گولين سان پروڻ ته ڳوٺ پنهل خان چانڊئي ٖ ميهڙ، موري، نوشهري فيروز، وارهه، ميرپور ڀٽو، ميرو خان جا جوڌا جوان به ڪيا ويا، جن جا جوهر اڄ به تاريخ جو حصو آهن، جوهر ته سنڌ جي مشهور ديني عالم ۽ بزرگ مرحوم علامه محمد شاهه امروٽي به لوڪس پارڪ سکر ۾ 14 آگسٽ 1983ع تي ڏيکاريا جڏهن تحريڪ جي آغاز جي پهرين ڏينهن ٿيل جلسي تي پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گئس ڦٽو ڪئي هئي ته نوجوان به سر بچائڻ ۾ پورا هئا پر هي بزرگ بيٺو رهيو، سنڌ ۾ پ پ ڪارڪنن بعد رسول بخش پليجي ۽ فاضل راهو جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪندڙ عوامي تحريڪ ۽ جميعت علماءِ اسلام جي ڪارڪنن پاڻ نڀايو، جن ماڻهن آمريت سان مهاڏو اٽڪايو جنرل ضياءَ جي ظلم خلاف شيهي جي ڀٽ جيان ٿي بيهي رهيا، موري جي اها پوڙهي جتوئڻ به مون کان نه وسري آهي جيڪا سڄي عمر گهر کان نڪتي ئي ڪونه هئي پر جڏهن هوءَ گهر کان ٻاهر نڪتي ته موري جو نالو عالمي ميڊيا جي زينت بڻجي ويو. عالمي ميڊيا جي ته خيرپور ناٿن شاهه جا اهي جوڌا به آيا جيڪي گولين سان پروڻ ٿي ويا پر پوئتي نه هٽيا، ميرپور ڀٽو جو اهو مير بحر نوجوان مان ڪيئن ٿو وساري سگهان جڏهن آمر ضيا جي فورس اسان جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ جو گهيرو ڪيو ته هو پنهنجي رائفل سان مهاڏو اٽڪائي بيهي رهيو پر اسان کي نڪرڻ جو گس ڏنائين ۽ آخر پاڻ مارجي ويو، طيب ٿهيم کيسانا موري جا شهيد اڄ به سارن پيا، ايم آر ڊي جي تحريڪ سنڌي ماڻهن جي سول نافرماني واري تحريڪ هئي جنهن جي نتيجي ۾ اٽڪل سموري سنڌ ۾ چاليهه ريلوي اسٽيشنون نذر آتش ٿيون. پهريون دفعو پاڪستان ريلوي کي ڪيترن ئي سيڪشنن تي ريلوي سروس بند ڪرڻي پئي. ڊسٽرڪٽ جيل دادو تي مظاهري جي حملي جي نتيجي ۾ 110 قيدي فرار ٿيا جڏهن ته قمبر جيل، واره، ميرو خان سميت ڪيترا پوليس سيشن ساڙي لاڪ اپ ٽوڙي قيدي فرار ڪيا ويا.
ايم آر ڊي جي پر امن جدوجهد کي پر تشدد بڻايو ويو مون کان ته لاڙڪاڻي جي بگٽي ڳوٺ جون اهي گگي پاتل ٻروچاڻيون به نه ٿيون وسرن جڏهن سنڌ جو اڳوڻو آءِ جي آغا واجد علي دراني انهن ڏينهن ۾ لاڙڪاڻي جو اي ايس پي هو، پاڪستان چوڪ تي اسانجي هڪ مظاهري دوران زخمي ٿيو ۽ پوليس اسان جي گرفتاري لاءِ پيڇو ڪيو، اسين وڃي بگٽين جي ڳوٺ نڪتاسين. حڪومتي اهلڪار پيڇو ڪندي ڳوٺ تائين پهتا هئا. ڳوٺ جي مردن اسان کي پوليس حوالي ڪرن پئي چاهيو پر اهي ڪراڙيون ٻروچاڻيون مهاڏو اٽڪائي بيهي رهيون. ايم آر ڊي جي جدوجهد جتي سنڌ جي عوام جي بهادري کي اجاگر ڪيو اتي سياسي ورڪرن جي اندر قرباني سهپ ۽ رواداريءَ وارا جذبا به پيدا ڪيا. سنڌ اندر اڄ به ڪيئن سياسي ڪارڪن ڪسمپرسي واري حالت ۾ زندگي گهاري رهيا آهن جن پنهنجي حياتي ۽ جواني جا ڏينهن تحريڪ جي حوالي ڪري ڇڏيا هئا انهن جي قربانين جو ثمر ويڪاءُ وڏيرا پيا کائن.